سَفرَ جا مُسافِرَ
هُن ڏانهن نهاريندي؛ ”اوهان ڪجهه چيو.“
”ها مون پُڇيو، توهان هيلٿ ايجوڪيشن ۾ سروس ڪندا آهيو؟“
”جِي نه، آئون تعليم کاتي ۾ ملازم آهيان.“
”توهان استاد آهيو.“
”جِي ها، آئون ڪاليج ۾ ليڪچرر آهيان.“
”توهان مون کي اڳ ۾ به، ڏٺل لڳو ٿا.“
”ٿي سگهي ٿو ايئن هُجَي، يا اوهان ڀُلجندا هجو، مون سان پهريون دفعو ملڻ وارن کي، اڪثر ايئن لڳندو آهي. ڪوچ ۾ چڙهڻ کان اڳ جِي ڳالهه آهي، چيڪ پوسٽ تي پوليس وارو چوڻ لڳو، سر لڳي ٿو توهان سان اڳ به ملاقات آهي. تعارف پُڇيائين، ٻڌايومانس، نالو مقبول آهي، ڪاليج ۾ استاد آهيان، ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم لکندو آهيان.“
”پر مون پڪ سان اوهان کي ڪاٿي ڏٺو آهي.“ هوءَ بَضِد هئي.
غور ڪيم واقعي، هُوءَ مون کي به ڏٺل لڳي، پڇيومانس؛ ”توهان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهنديون آهيو.“
”ها، آئون ايم اي ڪري رهي آهيان.“
”ڪالهه توهان آرٽس فيڪلٽيءَ واري پارڪ ۾ ويٺيون هيون.“
”جِي ها، آئون پنهنجي دوستن سان اُتي هُيس.“
”اوهان دُرست آهيو، آئون ڪالهه يونيورسٽيءَ آيو هُيس، دوستن سان پارڪ ۾ ڪچهري ڪئي هئي.“
”توهان صحيح ٿا چئو.“ مطمئن ٿيندي جواب ڏنائين.
آئون خاموش ٿي هٿ ۾ کنيَل فائيل ۾، پنهنجي ادارت هيٺ شايع ٿيندڙ، رسالي جي مواد کي ڏسان ٿو، هُوءَ وري ڳالهائي ٿي؛ ”اوهان ڪراچيءَ ڪهڙي ڪم سان وڃي رهيا آهيو؟“
”ڪراچيءَ ۾ اسان جِي آفيس آهي، ڪاليج ۾ پيريَڊ وٺڻ کان پوءِ، هفتي جا ٻه ٽي ڏينهن هيڏي ايندو آهيان، شام جو وري حيدرآباد موٽندو آهيان.“
حيرت مان چيائين؛ ”آئوٽ بيڪ ڪرڻ ۾، ڪافي تڪليف ٿيندي هوندي.“
”جِي ها، بلڪل ٿيندي آهي.“
ووليٽ مان وزيٽنگ ڪارڊَ ڪڍي ڏنامانس، انهن کي غور سان پڙهندي چيائين؛ ”واهه هِڪُ ماڻهو ۽ ٽي وزيٽنگ ڪارڊَ..!“
رسالي جَي ايڊيٽر وارو وزيٽنگ ڪارڊ ڏسندي؛ ”اوهان رسالي جا ايڊيٽر به آهيو.“
”ها“ چيومانس.
”مُنهنجِي ڪهاڻي ڇاپيندئو؟“
”اوهان لکنديون آهيو؟“
”ٿورو ٿورو.“
”بلڪل ڇاپينداسين.“
هُن جِي ادب سان دلچسپي محسوس ڪيم، رسالي جي ڪاپي ڏيندي نالو پڇيومانس.
ٻڌايائين؛ ”عابده“
رسالي جِي ٽائيٽل تصوير ڏسي چيائين؛ ”هي ته مُنهنجي ماسيءَ جِي تصوير آهي.“
”ان جو مقصد اوهان جو تعلق ادبي خاندان سان آهي، ميڊم شمشاد بهترين ليکڪه آهي، ان نِسبت سان ڪوشش ڪريو، سٺو لکي سگهو ٿيون.“
”رسالن جا ايڊيٽرَ لِکڻيون شايع نٿا ڪن.“
”ان جو فڪر نه ڪريو.“ تسلي ڏني مانس.
ميڊم شمشاد جِي ڀاڻيجي هئڻ ڪري، کيس پنهنجو محسوس ڪرڻ لڳس. ڪجھه دير جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، سوال ڪيائين؛ ”توهان ڪيئن لکندا آهيو؟“
”ايئن ئي.“
”ايئن ئي ڪيئن، آئون چاهيندَي به نَٿِي لِکي سگهان.“
”توهان کي ڪيئن ٻڌايان، ڪيئن سمجھايان.“
”جيئن وَڻيوَ ٻڌايو.“
”معنيٰ توهان سان کُلي ڳالهائي سگهجي ٿو.“
”بلڪل I don’t mind“
ٻڌايومانس؛ ”عشقُ ماڻهوءَ کي لکرائيندو آهي.“
چُپ چاپ گُهورڻ لڳي، وضاحت ڪندي چيومانس؛ ”ضروري ناهي عشقُ، ڪنهن عورت يا مرد سان هجي، پر ڌرتيءَ سان، ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ ۽ الله رسول سان، ٿِي سگهي ٿو.“
”توهان ڪهڙي عشق ۾ لکڻ شروع ڪيو؟“
”مون... مون... ڌرتيءَ جَي عشق ۾.“
”ڪنهن ڇوڪريءَ جَي عشق ۾ نه؟“
هُن جو هَلڪو ٽَهڪُ، ڪجهه حيرت ۽ پوءِ مُرڪَندي جواب؛ ”مون لکڻ جي ابتدا ڌرتيءَ جي عشق سان ڪئي، هاڻي ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جَي عشق ۾ لکندو رهان ٿو.“
”اڇا ته ايئن آهي.“
”جِي ها بلڪل.“
”پوءِ اڄ جي سفر تي ڪهاڻي لکندئو.“
”ان تي اوهان کي لکڻ گھرجي.“
”ٺيڪ آهي، ٻَيئي لکنداسين.“
”ايئن به صحيح آهي.“ ساڻس سهمت ٿيندي وراڻيم.
ڪوچ ڪنڊڪٽر پاڻي پياريو، هُن پرس مان بسڪٽ ڪڍي مون ڏانهن وڌايا، مون چيس؛ ”توهان کائو، آئون ناشتو ڪري آيو آهيان.“
”ناشتو مون به ڪيو آهي.“
ڀوڳ ڪيومانس؛ ”مون سمجهيو شايد توهان کي، هاسٽل ۾ ناشتو نه ٿا ڪرائينِ.“
بسڪٽ زوريءَ کارايائين، پُڙو ڏيندي چيائين؛ ”هي وٺو مُنهنجِي نِشاني اٿوَ.“
”ڇو ٿا انهن سان ظلم ڪيو، نشاني طور ڏنل بِسڪِٽ نه کائيندس، پئي پئي خراب ٿي ويندا، ان ڪري توهان رکو.“
ڪراچي 10 ڪلوميٽر، بورڊ ڏسي، جلدي جدا ٿيڻ جو احساس ٿيو، پڇيومانس؛ ”اوهان بيچلر آهيو.“
”مُنهنجِي شادي ٿيل هُئي...!“
”شادي ٿيل هُئي..!! ڇا مطلب..!!“
”ها، منهنجي شادي ٿيل هئي، مون خُلع ورتي آهي.“
”خُلع ....! معنيٰ توهان پاڻ...“
”ها... مون پاڻ.“
پر... پر ڇو؟“
”منهنجو مڙس وڏي عمر جو هو، آئون سندس ٽِين زالَ هُيَس.“
”شاديءَ کان اڳ، اها خبر نه هئي اوهان کي؟“
”ڪجهه هئي، ڪجهه نه، پر مائٽن جِي مرضي هُئي، ته آئون اُنَ سان شادي ڪريان.“
”مطلب، قصوروارَ توهان به آهيو.“
”بس ايئن ئي سمجهو.“
مُنهنجَي چهري تي اُداسي ڇانئجي وئي، ڪيفيت محسوس ڪندي چوڻ لڳي؛ ”معاف ڪجو مون اوهان جِي دل رَنجائِي آهي، پر ڪوڙ ڳالهائي نه سَگهيَس.“
”هِن عمر ۾ اهڙو اَلميو، اوهان جهڙي پڙهيل لکيل ڇوڪريءَ سان...!“
”بس جيڪو ٿيڻو هو، ٿي ويو، زندگي گذارڻي ئي ته آهي.“
”مستقبل لاءِ ڇا سوچيو اٿَوَ.“
”في الحال پڙهائيءَ جي ٽُٽل مالها کي جَوڙي، وري پڙهڻ شروع ڪيو اٿم، اڳتي ڏٺو ويندو.“
سهراب ڳوٺ تي لهڻ جو ٻڌايائين، چيومانس؛ ”منهنجي آفيس هلو؟“
”آئون اوڏانهن نه ٿي هلان، توهان کي مُنهنجَي گهر ضرور هلڻو پوندو.“
”اها زيادتي آهي، مون اوهان کي پهريان چيو آ.”
“پليز ضد نه ڪيو.“
مون ضد ڇڏيو، ساڻس گهر ڏانهن ويندي پڇيومانس؛ ”گهروارن سان منهنجو تعارف ڇا ڪرائيندينءَ.“
”چوندِي سانِ، مُنهنجو مهمانُ آهي.“
عابده ڪال بيل وڄائِي، سندن ”ڪُڪِ“ دروازو کوليو، اندر گھڙياسين، گهر ۾ عابده جو ڪو گھر ڀاتي نه هُيو، باقي بورچيءَ جي گهرواري موجود هُئي. خوبصورت غاليچن سان سَجِيَل ڪمري ۾، عابده گڏجي ويٺي، مانيءَ جو پڇيائين، انڪار تي چانهه لاءِ اصرار ڪيائين.
سامهون گوڏن ڀر بيهي، پڇڻ لڳي؛ ”سر توهان کي ڪيئن ٿو محسوس ٿئي.“
”فلم جي ڪنهن منظر جيان، جنهن ۾ هيرو هيروئن ايئن ملندا آهن.“
”توهان صحيح ٿا چئو.“
انڊيَن فلمي گيت ”راهه ۾ اُن سي ملاقات هو گئي، جِسَي ڊَرتَي ٿَي، وو هِي بات هو گَئِي“ ڳائي ٻڌايائين.
بورچي چانهه کڻي آيو، عابده پرس مان ساڳيو بسڪوٽن جو پُڙو ڪڍيو، گڏجي چانهه پيتي، بسڪوٽ کاڌا، آئون آفيس ڏانهن وڃڻ ڪري جلدي اُٿيس. عابده موڪلائيندي ٻه ٽي دفعا ”ٿينڪ يُو سَرِ“ چيو. آئون، ذهن تي خيالن جا وَرَ ويڙهيندو، اسلامڪ اپارٽمينٽ جون، ڏاڪڻيون لَهَڻ لَڳُس.