ڪھاڻيون

مائي مجاور

ڌيمو لھجو رکندڙ گُل ڪُونڌَرُ، پنھنجِي نفيس طَبيعتَ جيان، پنھنجي لکڻينِ ۾ بہ نَفاست پِروئِيندي نظر اچي ٿو، هو ڪھاڻي لکڻ وقت شاعرَ کي جدا ڪري، نِج ڪھاڻيڪار ٿي لکي ٿو، ان ڪري سندس ڪھاڻيون، فَنِي ماپَي تي پُوريون لھنِ ٿِيون. گُلَ جِي ڪھاڻيءَ جو پلاٽُ، خيالُ، ڊائلاگَ، مَنظَرنِگارِي ۽ ڪِلائِمِڪِس جو تاڃِي پَيٽو، ماهر ڪارِيگَر جِي اُڻتِ جِيان اُڻِيَل نظر اچي ٿو، نتيجي ۾ پڙهندڙ ڪھاڻيءَ جو ڪردارُ بڻجي، مَنظَرَنِ ۾ پاڻ کي گُهمَندَو ڦِرندَو مَحسُوسُ ڪري ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 15
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • گل ڪونڌر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مائي مجاور

وِڃايَلُ وَجُودُ

رُخسانه سان شاديءَ کي ڏهه سال گذري ويا آهن، ٽن ٻارن جو اولاد آهي، وڏو پٽ عُمير چوٿين درجي ۾، سُمير ٻئين ۽ ننڍڙي ستارا نرسريءَ ۾ پڙهي ٿِي. مُنهنجِي نوڪري حيدرآباد شهر ۾، اصل ڳوٺ حيدرآباد کان گھڻو پري آهي. رُخسانه سان پيارَ جِي شادي نه پر اتفاقي آهي، بيحد خوش زندگي گذاري رهيا آهيون.
اڄ جا ٻارَ تيز آهن، اهڙا سوال پُڇيو وِجھنِ، جو کَينِ جواب ڏيڻ مُشڪل ٿيو پوي، اسان جا ٻار اڪثر، اهڙا سوال ڪندا آهن. نانَي، نانيءَ، مامَنِ، ماسِيُنِ متعلق پُڇيَل سندن سوالُ، رُخسانه لاءِ تڪليف جو باعثُ بڻبو رهيو آ. ڪجهه ڏينهنِ جِي ڳالهه آهي، ٻارن کي سياري جي موڪل ٿيڻ واري هُئي، عُمير رُخسانه کي چيو؛ ”امان پاڻ هِي موڪلون، امان نانيءَ ۽ ماما وارن وٽ گذارينداسين.“
رُخسانه عُمير جِي اهڙي فرمائش ٻُڌي، حيران ٿي وئي، کانئس پڇڻ لڳي؛ ”پٽ ڪهڙا ماما، ڪهڙي امان نانِي...! توکي اها ڳالهه ڪنهن چئي آهي.“
عُمير وراڻيس؛ ”منهنجو دوست آهي جانِي، مون سان گڏ پڙهندو آ، اُنَ ٻُڌايو هُو موڪلن وارا ڏينهن، ڳوٺِ پنهنجي مامن ۽ امان نانيءَ وارن ڏي گذارڻ لاءِ ويندا.“
ٻارن جو مامن ۽ نانيءَ متعلق، اهو پهريون سوال نه هو، پر اڄ عُميرَ رُخسانه سان اهڙي ڳالهه ڪئي، جو کيس وضاحت ڪرڻي پئجي وئي، ته هُنَنِ کي مامو ۽ نانِي ناهي. عُمير کي مامو نه هجڻ وارِي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، پر نانِي نه هئڻ بابت حيرت مان پڇيائين؛ ”اَمِي، ڇا.. تُنهنجِي ڪا امان ناهي.!“
عُمير جي اهڙي پُڇا تي، رُخسانه جو وَجُودُ لَرزي ويو، کيس ڇِڙٻَ ڏيئي چُپِ ڪري ويهڻ لاءِ چيائين. هُو خاموش ٿي ويو، پر عُمير جَي اِنَ سوالَ، رُخسانه جي ماضيءَ واري بَندِ ٿيَلَ بابَ جا، بَخِيا اُڊيڙَي وِڌا. کيس ماضيءَ جون سارُوڻيون وڪوڙي ويون، هوش سنڀالڻ کان پوءِ جون سڀ ڳالهيون، سندس ذهن تي هلڻ لڳيون.
رُخسانه کي ياد اچڻ لڳو؛ ماڻهس رات جو سمهڻ مَهل کيس، بادشاهن، ديوَنِ ۽ پريُن جا قِصا ٻڌائيندي، هوءَ اکيون ٻُوٽَي، قصن وارا منظر ڏسڻ لڳندي، ٻاروتڻ ۾ ڀاءُ جعفر سان کِلَ ڀوڳ، ڪيڏي پاڻ ۾ چاهت هُئي هنن جِي. پوءِ وقت آيو هوءَ، گهر تائين محدود ٿِي وئي، سندس پيءُ ڪارخاني ۾، ٻانهن ڪٽجي پوڻ ڪري معذور ٿي ويو، سندس ڀاءُ، شاهُل جَي عشق ۾ مَست ٿِي، خراب صُحبَتيُن جو ساٿي بڻجي ويو.
رُخسانه، راهب خان سان پيارُ ڪندَي به، ڪڏهن اُن سان نه مِلِي، نه ڪَي وعدا وَچَنَ ڪيائين. راهَبُ سندس ڦڦيءَ جو پٽ، ڪڏهن ڪڏهن سندن گهر ايندو، رُخسانه کيس ادا ڪوٺَي، آيو ڪرڻ کان پوءِ اُتان هلي ويندي. راهبَ ڪڏهن هُن سان گَهِرَي پوڻ جِي ڪوشش نه ڪئي، ماءُ کي سڱ گهرڻ لاءِ موڪليائين، جنهن لاءِ رُخسانه جَي پيءُ ”ها“ ڪئي.
راهَبُ ۽ رُخسانه ڏاڍو خوش ٿيا، جلد سَندنِ خوشيون ڪافُورُ ٿي ويون. رُخسانه جو ڀاءُ جعفر، شاهُل جي عشق ۾ گرفتار، سندن لِڪَ ڇُپَ ۾ ملاقاتون جاري، پهريان ان ڳالهه جِي خبر شاهُل جَي گهروارن کي نه هُئي. رازُ کُلِيو ته شاهُل جو پيءُ ۽ ڀائر مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿِي ويا، ڳوٺ وارن وچ ۾ پئي، فيصلو ڪيو، جَعفرُ شاهُل کي چاهي ٿو، ان ڪري کيس، رُخسانه جي عيوض، شاهُل جو سڱ ڏنو وڃي.
جَعفرُ شاهُلِ جَي ڀاءُ کي رُخسانه جو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. رِشتو ٻئي هنڌ ٿيڻ ڪري، راهبُ خانُ ۽ سندس گهروارا چِڙِي پيا، رُخسانه جو سڱ نه ملڻ کي، پنهنجِي بي عزتي سَمجهندَي، جلد ئي راهب جِي، ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏيائون.
راڄوڻي فيصلي مطابق رُخسانه جو سَڱُ، شاهُلِ جَي جنهن ڀاءُ کي ڏنو ٿَي ويو، اُهو چرس ۽ آفيم کان اڳتي، هيروئن جو واسُ وٺڻ لڳو هو، رُخسانه ڪنهن به قيمت تي اُنَ سان، شاديءَ لاءِ تيار نه هُئي، ان ڪري رِٿيَلَ تاريخ کان اَڳُ، جڏهن سڀ گھر ڀاتي اَگھُور ننڊ ۾ سُتَلَ هئا، پَنهنجَي گهر کي خدا حافظ چئي، اڻڄاتل منزل تي پُڄڻ لاءِ، نيشنل هاءِ وي تي پَهُتِي.
****
آئون رات جو ڳوٺ کان شهر ڏانهن اچي رهيو هوس، صبح جو ڪنهن به حالت ۾ آفيس پهچڻو هو. رُخسانه سخت سرديءَ ۾ روڊ تي بيٺل هُئي، سندس گاڏيءَ کي بيهارڻ لاءِ ڪيَلَ اشارَي تي، نه چاهيندي به مون بريڪ لڳائي ڇڏي. رُخسانه گاڏيءَ جو دروازو کولَي ويهڻ لڳي، کانئس ڪجهه پُڇڻ چاهيُم، هُن جلديءَ سان اُتان هلڻ لاءِ چيو.
خَوفُ مَحسُوس ڪندَي به، گاڏيءَ کي گيئر لڳائي، اُن جِي رفتار وڌائي ڇڏيم. رُخسانه ڪجهه ڪلوميٽرس تائين خاموشُ رَِهي، سندس ڳوٺ الاهي پوئتي رهجي ويو، ڪار ۾ هلندڙ هِيٽرَ جي گرميءَ، سندس ڏڪندڙَ جِسمَ کي سانِتِيڪَو ڪيو، شهر پهچڻ تائين حقيقت ٻڌائي ورتائين.
رُخسانه چيو ان کي دارُالاَمان پهچايان، مون ساڻس واعدو ڪيو، پر رات هئڻ ڪري گهر وٺي آيُم، کيس اٽيچ باٿ وارَي ڪمري ۾، اندران ڪُنڍي لڳائي ڇڏڻ جو چئي، ٻئي ڪمري ۾ اچي ليٽيُس. هُن کي ننڊ آئي يا نه، پر آئون سندس معصوم چهري، خوبصورتيءَ ۽ دارُالاَمانَ جو سَوچَي، ننڊ ڪري نه سَگهيُس. صبح جو تڪڙو آفيس پُڄِڻو هو، هُن کي گهر ۾ ڇڏي پاڻ هليو ويس.
واپس اچي رُخسانه کي دارُالاَمانَ هلڻ جو چيم، خيالن ۾ گُم ٿِي ويئي، ڪو جواب نه ڏنائين. ٻيهر چيومانس، هُن کان ڇِرڪُ نِڪرِي ويو، گهُورِيندي چيائين؛ ”هِتَي نه ٿو رهائي سگهين.“
بيخوديءَ مان؛ ”ها...ها... رهائي سگهان ٿو.“
ڪجھه دير لاءِ خاموشي، حالتن جو خَوفُ سَريرَ ۾، سَرِسَراهَٽَ ڪرڻ لڳو، ذهن تي ڪيترا سوال ڪَرُ کڻڻ لڳا. ڇا ٿيندو، ڇا نه ٿيندو جَي گُمانَنِ کي پاسيرو ڪَندَي، کانئس پڇيُم؛ ”پر آئون توکي پاڻ وٽ، ڪهڙي رِشتيَ تحت رهايان؟“
ڪو جواب نه ڏنائين، بس خاص انداز سان مون ڏي نهاري ڇڏيائين. سندس دارُالاَمان ڏانهن وڃڻ تي پريشان هُئس، وري جو کيس آماده نه ڏٺُم، سَوچَ ۾ پئجي ويُس.
مُنجھيَل ڏِِسي سوال ڪيائين؛ ”ڇا.. تون مون سان شادي ڪري سَگِهين ٿو؟“
ڪجهه پَلَ چُپِ رهڻ کان پوءِ وراڻيُم؛ ”اهو ڪيئن مُمڪن آهي!“
جواب ۾ چيائين؛ ”شادي مَردَ ۽ عَورتَ جِي ٿِيندِي آهي، جيڪڏهن تو کي ڪا خاص مجبوري ناهي، ته پوءِ ممڪن ۽ ناممڪن جِي ڪهڙي ڳالهه آهي.“
ڪجھه سوالن جوابن کان پوءِ، شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتوسين. هُن پاڻ متعلق رازُ ظاهر نه ڪرڻ جو واعدو ورتو، نه پَئِي چاهي ته ڪڏهن هُن جِي، پنهنجي مائٽن سان ملاقات ٿِئَي.
رُخسانه کي پيارَي دوستَ ”شهريار“ وٽ ڇڏي آيُس، گڏيَل صلاح سان شادي اهڙي نموني ڪئيسين، ڄڻ مون شهريار جَي ڀيڻ سان شادي ڪئي آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ شهريارُ، سرڪار طرفان ٻئي ملڪ وڃڻ جو موقعو مِلڻَ تي، اوڏانهن هليو ويو، ٿورو وقت خط و ڪتابت رهڻ کان پوءِ، جيترا گهاٽا دوست هُياسين، اوترا ئي هڪ ٻئي کان پري ٿِي وياسين، اسان پنهنجي ٻارن کي اُنَ مامَي بابت ڪا ڳالهه نه ٻُڌائي.
****
ٻارن ماءُ سان سِيارَي جون مَوڪُلون مامن ۽ امان نانيءَ وٽ گذارڻ جو اَنگَلُ ڪيو، ته اسان مُنهنجَي ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪري نِڪتاسِين. اِنِتَهائِي حيرت جِهڙي ڳالهه آهي، ڳوٺ ڏانهن ويندَي، اسان اُن جاءِ تي پُڳاسِين، جتان مون هِڪَ سَردُ رات ۾، رُخسانه کي گاڏيءَ ۾ کنيو هو... رُخسانه زور سان، بابا.... سَڏيندَي.. رَڙِ ڪئي، اسان ڏَڪِي وياسين، مون روڊ جَي کاٻَي طرف گاڏي بيهارِي.
پوڙهو معذور لَٽو وڇايو ويٺو هو، رُخسانه بَي حوصلن جِيان ڪار مان لَهِي، ان شخص کي بابا... بابا... مُنهنجَو بابا... ڪري چُنبڙِي ويئي. آئون ۽ ٻارَ حيرت ۾ هُياسين، ڪا ڳالهه سمجھه ۾ نه پيئي اچي، هُن پَوڙهَي شَخصَ رُخسانه کي سُڃاڻَي ورتو. ”مُنهنجِي مِٺي ڌيءَ...، مُنهنجِي رُخسانه... تون ڪاڏي هلي ويئي هُئينءَ... اسان توکي ڪيڏو ڳولهيو آ.“ چَوندَي، رُخسانه جَي مِلِي وڃڻ تي، خوشيءَ جي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهيو. ٻار اهو لڪاءُ ڏِسِي رُخسانه کان پُڇڻ لڳا؛ ”امان اهو تُنهنجَو پيءُ آهي؟“
جنهن تي رُخسانه کين ”ها“ چيو.
رُخسانه پيءُ کان ٻيَن گهرڀاتيُن بابت پڇيو، هُن ٻڌايو؛ ”تنهنجي ماءُ تو لاءِ رَوئِي رَوئِي، اَکيُنِ جو نُورُ وڃائي ويٺي آ، جَعفرُ ڌاڙيلُ بنجڻ ڪري مارجِي ويو، آئون هِنَ حال ۾ آهيان.“
پوءِ اسان رُخسانه جَي پيءُ سان سندس ڳَوٺِ وياسين، جتي رُخسانه کي ماءُ، مون کي سَسُ ۽ ٻارنِ کي امان نانِي مِلِي وئي. ڪجھه ڏينهن اُتَي گذارڻ کان پوءِ، رُخسانه جا ماءُ پيءُ اسان سان گڏ شهر اچي ويا، اهڙيءَ طرح وڃايَل وجودُ ٻيهر پاڻ کي، موجود سمجھڻ لڳو.