هُوءَ ته مُون کان ڏُورِ هلي وئي
جواب ڏيڻ بدران کيس ڏسندو رهيُس، چيائين؛ ”مون ڪجھه اوهان کان پڇيو آهي.“
سندس سوال ڏي ڌيانُ ڪونه ڏنم، جواب نه ملڻ تي غور سان ڏسڻ لڳي، چيومانس؛ ” توهان ڪجھه پُڇيو؟“
ورندي نه ڏنائين، آئون خاموش ٿي ويس، ڪافي دير چُپ چاپ هڪٻئي کي ڏسندا رهياسين. خاموشيءَ کي ٽوڙيندي پڇيومانس؛ ”تُنهنجي ڳالهائڻ تي پابندي آهي ڇا؟“
”ڳالهايان آئون نه ٿِي يا تون.!“
”مُنهنجِي زبان ۽ چَپَ، تو سان ڳالهائڻ لاءِ، هر وقت آتا رهن ٿا!“
”پوءِ مُنهنجَي سوالَ جو، جواب ڇو نه ڏنئي.“
”اکيُن کي ڏسڻ جِي سِڪ، چَپَنِ ۽ زُبانَ کان وڌيڪ هُئي، ان ڪري پهريان اُنهن کي موقعو ڏنم، تو کي ڏِسِي وٺن.“
”توهان لِکارِيُن کي، لفظن جي ڄارَ ۾، ڦاسائڻ جو وڏو فَنُ آ.“
”ڦاسائڻ جِي ڪهڙي ڳالهه آ، ڳالهائڻ جو موقعو فون تي ملندو آ، پر ڏسڻ لاءِ اڳيان هجڻ ضروري آ. تُنهنجو سامهون اچڻ ڪيڏو مشڪل آ، ان جِي تو کي خبر ٿِي سگھي ٿِي، پر احساس نه. ايئن نه هُجي ها ته جَيڪَرَ، ٻن مهينن کان پوءِ مُنهنجي شهر اچڻ بعد به، پنجن ڏينهن جو عذاب ڏيندڙُ انتظار نه ڪرائين ها. تو کي ڇا ڄاڻَ، تُنهنجي ڳوٺان اچڻ جِي، خبر پوڻ تي آئون، سڄي رات خوشيءَ ۾، ننڊ نه ڪري سگھيُس. ٻئي ڏينهن نه ملينءَ، دل کي تَسلِي ڏيندي چيُم، ٿَڪلَ هُوندِي ان ڪري نه آئي، ٽئين ڏينهن انتظار ڪيو، مُسَلسَل انتظار ڪري ڪري، بُخارجِي پَيُس. چوٿين ڏينهن شعور کي سمجھايم، پر لاشعور تُنهنجي انتظار ۾ هو، ان ڪري ڪَيفيتَ، اڳيَن ڏينهَنِ کان مختلف نه هُئي. اڄ پنجين ڏينهُن آئي آهين، ته ڪَٺَن انتظار جا جبَلَ، نظر نه ٿا اچن.“
چيائين؛ “انتظار جِي ڪَٿا ٻُڌايَوَ، سوال جو جواب نه ڏنُوَ.“
”سوال جو جواب، اِنَ ڪَٿا کان اهم آهي ڇا؟“
”ڳالهه اهم ۽ غير اهم جِي ناهي.“
”چڱو، ٻڌاءِ تو ڇا پُڇيو هو؟“
”ڇا پُڇيو هو..! تو کي ياد ناهي.!“
”مون ٻڌو ئي نه هو، ياد ڇا هوندو.“
”اُف..... اهو ڇاهي، ايڏو بَي ڌِيانو، ڪڏهن کان ٿيو آهين.“
”جڏهن کان مَنَ مندرَ ۾ تُنهنجِي مُورتِي رکي آ. سچ اکيُن کي ديدار جِي اُڪيرَ هُئي، ذِهنَ اکيُنِ جو ساٿ پئي ڏنو. مون کي سوال ياد ناهي باقي تو کي.....“
جملو ڪٽيندي؛ ”چڱو چڱو.... مون پُڇيو هو، اوهان اڄڪلهه ڇا پيا لکو، شاعري يا ڪهاڻيون.“
”شَفقِ.. سچ ٻڌايانءِ يا ڪوڙ!“
”توهان ڪوڙ به ڳالهائيندا آهيو..!“
”هونئن ته نه، پر تو سان ملڻ کان پوءِ، ڪجھه ڳالهائڻ لڳو آهيان.“
”مطلب، آئون ڪوڙ ڳالهائيندي آهيان، اوهان مون کان سکيو آهي.“
”بلڪل صحيح سمجھيُوَ.“
”مون ڪهڙو ڪوڙ ڳالهايو آهي؟“
”ٻڌايان“
”ها ٻڌاءِ“
”نه ڪِي، اجايو ڪَچِي ٿِي پوندئي.“
”نه نه مُنهنجِي ڪَچِي ڪانه ٿِي ٿئي، تون ٻڌاءِ...“
”چڱو ٺيڪ آ، تو کي تُنهنجو عام ڪوڙ ٿو ٻڌايان، جيڪو تو مون سان به ڳالهايو هئو، ۽ مُنهنجي سامهون به ڪيترائي دفعا ڳالهائي چُڪي آهين.“
”ٻڌايو به کڻي، ڊيڄاريو ڇو ٿا.“
”ڊڄ.... ۽ تو کي، سو به ڪوڙ کان... ناممڪن.“
”چڱو نه ٻڌايو.“
”ڇو نه ٻڌايان... اهو ئي، ته مان ريشم گليءَ مان ٿي ڳالهايان.“
”اڇا اِهو... اِهو ته ڪوڙ ڪونهي.“
”اهو ته ڪوڙ ڪونهي... ويٺي هتان ڳالهائين ۽ چوين، ريشم گليءَ مان ٿي ڳالهايان، اهو ڪوڙ ڪونه ٿيو؟“
ڳالهه دل سان لڳس ته کِلي پئي. وري پنهنجو سوال ياد ڏياريائين، جواب ۾ چيومانس؛ ”ڪجھه ڪونه ٿو لکان.“
”پر ڇو؟“
”اهو ته وري ٻيو سوال ٿي ويو.“
”پليز مون کي اُلجھايو ڇو ٿا......“
”شَفقِ، ٻڌو آ عشق وارا ماڻهو لکندا آهن، آئون شايد مختلف آهيان. جڏهن کان تُنهنجي زلفن جو اَسيرُ ٿيو آهيان، ڄڻ ڏاتِ رُسي وئي آ، سوچن جو دائرو محدود ٿي ويو آ، مون خواب ڏسڻ بند ڪري ڇڏيا هِن، نظارن ۾ دلڪشي ناهي رهي، مون وٽان رَنگَ پَنهنجِي اهميت وڃائي ويٺا آهن، لفظن جِي مالها نه ٿو پوئي سگھان. اهو ڇاهي، ڇو آهي، سوچيندو آهيان ته دماغ جَي، لکين خِليَن جِي چُر پُر جو نتيجو، تُنهنجَي ڌُنڌلي عَڪسَ جَي صورت ۾ سامهون ايندو آهي، آئون ان عَڪسَ کي، چِٽو ڪرڻ جَي جُستجُو ۾ رهندو آهيان، ايئن مُنهنجِي سَگھه تو کي ڳولهڻ ۾ لڳي ويندي آهي.“
شَفقِ وراڻي ٿِي؛ ”ايئن هئڻ نه کپي، عِشقُ سوچن ۽ خيالن جي اُڏارَ کي وڌائيدو آهي، اَزلَ کان اَبَدَ جي منزل تي پهچائيندي، غَيبَ جي اسرارَنِ کي نِروار ڪندو آ.“
”شَفقِ ايئن هوندو، پر مُنهنجِي سوچَ ۽ فِڪرَ جو محورُ، صرف تون آهين، آئون سڀ تخيَل، تصورَ ۽ لفظن جِي جوڙجَڪَ جو ڏانءُ، وڃائي ويٺو آهيان.“
شَفقِ سان ملاقات پُڄاڻيءَ تي پهتي، نتيجي تي نه پهچي سگھيس ،آئون لکندڙُ، هاڻي لِکِي ڇو نه ٿو سگھان.
ان بحث کان صرف ٻه ڏينهن پوءِ، جڏهن هُوءَ مون کان ڏُورِ هلي وئي آ، ڳالهه کي سمجهي ورتو اٿم...، آئون ايترو عرصو ڪجھه به لکي، ڇو نه پئي سگھيُس...