عَجبُ عِشقُ آهي
”تون شبانه کي نه ٿو سُڃاڻين، پر هوءَ چوي ٿِي، تو هُن سان نِڪاحُ ڪيو آ.“
”جج صاحب ڪنهن جَي چوڻ سان ڇا ٿو ٿئي، هوءَ نڪاح جِي دعوى ڪري ٿِي، ته نڪاح نامو پيش ڪري.“
جج، ثاقب خان جِي ڳالهه ٻُڌِي، شبانه سان مخاطب ٿئي ٿو؛ ”نِڪاحَ جِي ڳالهه ڪيو ٿِيُون، ان جَي ثابتيءَ لاءِ اوهان وٽ نڪاح نامو آهي؟“
شبانه، ثاقب جَي بيان کان پوءِ، سَڪتَي وارِي حالت ۾، جھُريَل جيءَ سان ايترو چئي سَگِھي؛ ”جج صاحب، ثاقب جَي بيان کان پوءِ، آئون ڪجھه به چوڻ نه ٿي چاهيان.“
ثاقب خان تي اغوا جو ڪيس هُيو، شبانه طرفان ڪورٽ ۾ جَجَ اڳيان ڪو بَيانُ نه ڏِيَڻَ ڪري، کيس باعزت بَري ڪيو ويو. شبانه کي سندس مائٽن کان، ڪو نقصان نه پهچائڻ جِي ضمانت وٺڻ بعد، ساڻنِ گڏ وڃڻ جِي اجازت ڏني ويئي. هُوءَ ڪورٽ جَي اڱڻ تي، خزان ۾ ڇَڻيَل زرد پَنَنِ جِيان، پَنهنجَي بي معنى وجود سان، اکيُن مان نِيرَ وَهائَي رَهِي هُئِي. ثاقبُ خانُ پيءُ ۽ ڀائرن سان، قيمتي گاڏيءَ ۾ ويهڻ لڳو، شبانه جِي نظر پيَس، حوصلو گڏ ڪري کانئس سوال ڪيائين؛ ”ثاقب، تون مون کي نه ٿو سڄاڻين؟“
ثاقب، هن طرف ڏٺو، ڪجھه چوڻ چاهيائين، پڻهس گاڏيءَ جو دروازو کولي، کيس اندر ڌِڪَي ڇڏيو.
شبانه آخري اِلتَجا ڪَيَسِ؛ ”ثاقبَ، سڃاڻڻ کان انڪار نه ڪر، واعدو آهي تو ڏانهن اچڻ جِي ڪوشش نه ڪنديَس، پر دلجاءِ ضرور ٿِيندِي، تو مجبوريءَ کان مُنهن مَوڙيو آهي.“
جواب ڏيَڻُ چاهيائين، پر پيءُ پاران زور سان دروازو بند ڪرڻ ڪري، سندس چپن تي آيَل لَفظَ، سماعتُنِ تائين پهچڻ جو رُوپُ ڌارَي نه سَگھيا. لَينڊڪروزر جي وِيلَنِ ڦِرَڻُ شروع ڪيو، رَهِجِي ويا گاڏيءَ جَي ٿُلهن ٽائرَنِ جا نِشانَ.
****
شبانه ٽيويهه سال اڳ لاڙ پَٽَ جي ڳوٺ ۾، ولي محمد جي گھر جنم ورتو، هُو پنج درجا پڙهيَلُ سمجھدار ماڻهو، سندس گذر سفر جو ذريعو پيءُ کان مِليَل اٺ ڏهه جِريبَ زَمِينَ. اها زمين آباد ڪندي سندس پيءُ، مَسَ گھر جَي گاڏَي کي هلائي سگهندو هو، ان ڪري پٽ کي ڳوٺ جي اسڪول ۾، پنج درجا پڙهائڻ کان اڳتي، تعليم نه ڏياري سگهيو ۽ ولي محمد کي پاڻ سان، زمين جي ڪم ۾ لڳائَي ڇڏيائين.
ولي محمد کي رب سائين نوازيو، زمين وَڏِي اُپَتِ ڏيڻ لَڳِي، هُن جھوپڙيءَ جي جاءِ تي سٺو گھر جوڙايو، ٻارن کي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ جي تعليم تائين پهچايو. سندس وڏو پُٽُ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڊگري وٺڻ کان پوءِ، آسٽريليا وڃڻ جَي تِيارِيُن ۾ هُيو. شبانه سندس ٽيون نمبر ٻار ۽ پهرين نِياڻِي هُئِي، جنهن کي ڇَوڪرَنِ جَي ڪاليج مان انٽر ڪرائڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏنائين، هُو گھٽ تعليم يافته هئڻ باوجود، ڇوڪرن سان گڏ نياڻين جَي تعليم جو حامي هُيو.
شبانه فريش واٽر بايولاجيءَ ۾، ماسٽرس جَي آخري سال ۾ هُئي، هُن پيءُ جَي اعتماد ۽ ڀائرن جِي عزت کي نظر ۾ رکندَي، ڪيترن ڪلاس فَيلَوز ۽ يونيورسٽي فَيلَوز جَي آڇُن کي ٺُڪرائَي ڇڏيو، سندس مقصد صرف پڙهائي ڪرڻ هُيو، نه ڪنهن سان ياري دوستي ۽ گھمڻ ڦرڻ.
اِنسانُ ته اِنسانُ ئي آهي، خطا ۽ ڀُلَ، سندس پِيڇَو ڪَندِي رَهَي ٿِي، جنهن کان سمجھدار ماڻهو بَچندو، پَيرَنِ کي درست دَڳَ تي رکندو اچي ٿو، پوءِ به ڪو ٿاٻَو، ڪا راههَ ۾ رُڪاوَٽَ، اچڻ جو امڪانُ موجود رهي ٿو. جنهن جو سبب صرف پاڻ ئي نه ٿو بڻجي، پر ڪو دوست، ڪو اعتبارَ وارو ساٿِي به، سندس سڌيءَ راهَه ۾، ناهمواري پيدا ڪري سَگَھي ٿو.
شبانه جو ڪم سان ڪم، ڇَوڪرَن کان پري، ڇَوڪِرِيُن سان به دوستيءَ جَي معاملي ۾ محتاط رهندڙ. چوندا آهن اڪيلو وڻ به ويڳاڻو آهي، ان ڪري هُنَ پَنهنجِي ڪلاس فيلو، شبنم جو سَهارو قبول ڪري ورتو، جنهن جو تعلق حيدرآباد جَي امير گھراڻي سان هُيو. پڙهائيءَ ۾ هوشيار، باڪردار، سٻاجھي طبيعت جِي مالڪ هئڻ ڪري شبانه، شبنم سان دوستيءَ جو رشتو استوار ڪيو. سندن دوستي مثالي هئي، شبانه يونيورسٽيءَ جَي گرلس هاسٽل ۽ شبنم حيدرآباد ۾ رهندي هُئي. شبنم جو گھڻو ڪري پوائنٽ بسن ۾ يونيورسٽيءَ اچڻ وڃڻ هُيو، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڪَزِنِ کيس ڪار ۾ ڇَڏَي يا کڻي ويندو هو.
***
هِڪَ ڏِينهُن يونيورسٽيءَ ۾ ڪلاسن جو بائڪاٽ ٿِيَڻ ڪري، شبنم کي پنهنجو ڪَزِنِ ثاقبُ خانُ وٺڻ آيو، شبنم ثاقبَ سان گاڏيءَ ۾ ويهڻ وقت شبانه کي، هاسٽل تي ڊراپ ڪرڻ جو چيو، هُوءَ گاڏيءَ ۾ ويهي رهي. شبنم سَندنِ هڪٻئي سان رَسمِي تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح هنن جِي پاڻ ۾ هيلو هاءِ ٿِي. وري ڪجهه ڏينهن ۾ هُو، شبنم کي يونيورسٽيءَ مان وٺڻ آيو، هِنَ دفعي به اڳ جيان، شبانه هاسٽل تائين ساڻَنِ گڏ آئي، سندن ٻه مختصر ملاقاتون، عَجبُ عِشِقَ جَي منزل کي پَهتِيُون.
ثاقبَ، شبانه سان زباني نِڪاحُ ڪيو هو، هُنَ شادي شده هئڻ واري ڳالهه لِڪائي نه هُئي، هُو پهرين زال سان اڻبڻت هئڻ ڪري، ان کي ڇڏڻ لاءِ تيار هو. پر سندس پهرين گھرواري وڏي مِلڪيَتَ جِي اَڪَيلِي وارث هُئي، سا سَهُري ۽ ڏَيرَنِ جَي ذريعي ثاقب خان کان، شبانه کي طلاق ڏيارائڻ ۾ ڪامياب وئي. ان سلسلي ۾ اڄ سڀ ڪورٽ ۾ هُيا ۽ شبانه کي ثاقبَ جو بَيانُ؛ ”جَجِ صاحب آئون هِن سان محبت نه ٿو ڪريان، هيءَ مون کي مالدار هئڻ ڪري، زال جي دعوى سان ڦاسائڻ چاهي ٿِي، آئون ته کيس سڃاڻان به نه ٿو، اِها مون ۽ مُنهنجَي خاندانَ کي رُسوا ڪرڻ جِي سازش آهي.“ ٻڌڻو پيو هو.