ويهن سالن کان پوءِ
ٽيهه سال اڳ مون هن ڳوٺ ۾ جنم ورتو، منهنجو پيءُ ماستر هو ۽ امان هڪ سُگهڙ عورت. مُنهنجي سُرتِ ۾ پَرکَ جِي ديوي سَمائي، ته امان کان پڇيو هُيم؛ ”منهنجو بابا ڪير آهي؟“
مُنهَن جو رنگ اڏامي ويس، ڀاڪر ۾ ڀريندي وراڻيو هيائين؛ ”شهمير خان.“
وري پڇيومانس؛ ”امان بابا ڪٿي آهي.“
سيني سان لائيندي ٻڌايائين؛ ”تنهنجو پيءُ اوڏانهن ويَل آهي، جتان ڪير به واپس ناهي آيو.“
ذهن ۾ ڪئين سوال اڀريا هئا، پر چپ ٿي ويو هُيم، وري ڪڏهن کانئس بابا جي باري ۾ سوال نه ڪيم.
پنجن سالن جو ٿيس ، امڙ اسڪول اُماڻيو، ٻار هُيس خبر نه هئي، امان ڪيئن ٿِي گهرُ هلائي، پئسا ڪاڏئون ٿا اچن. ايترو ياد آهي ته امان گهر جو ڪم ڪار لاهي، ٽَوپَي ٽَڳَي ۽ ڀَرتَ جو ڪم ڪندي هئي. گھر ۾ چاچو ضمير خان هو، جنهن ڪڏهن نه ڳلي لڳايو، ۽ نه ئي مون سان ڳالهايو، هُو پنهنجي ٻارن سان پيار ڪندو هو، کيس امان سان ڳالهائيندي به نه ڏٺم.
پنجين درجي تائين پهچندي، بابا متعلق امان جِي چيَل ڳالهه کي سمجهيُم، ته ٻيو آزمائش جو جبل مٿان ڪِري پيو. امان کي رات جو گھر ۾ نانگَ ڪَکَي وڌو، ٻه ڏينهن تڪليف ۾ رهڻ کانپوءِ، اُنَ پارِ هلي ويئي، جنهن ڏانهن بابا اڳ ئي ويَل هو. آئون بلڪل اڪيلو ٿي ويس، چاچيءَ وٽان بَچيو سَچيو ملندو رهيو، پنجين جماعت پاس ڪرڻ کانپوءِ، چاچَي ضمير خان وڌيڪ پڙهائڻ بدران، چوپايو مال چارڻ لاءِ، منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينهن مَنجهند جو، مالُ چارڻ کان پوءِ، حَسبِ معمول شاخ اندر پاڻيءَ ۾ ويهاريُم، ۽ پاڻ ڪَپَرَ جي آلي مٽيءَ تي سليٽ ٺاهي لکيُم؛ ”تعليم انسان جو زيوَر آهي.“
اهو جملو تعليم سان لڳاءَ ۽ پنهنجي پڙهائي اڌوري رهڻ جي ڏک ۾ لکيو هُيم. پنهنجي ئي لکيَل ان جملي کي، عجيب حسرت سان ڏسي ۽ پڙهي رهيو هُيس، ته بخشيل خان، رحمت بڻجي آيو. ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيَل بخشيل خان، ڳوٺ جو سُلجهيل، بنيادي طور غريب پر محنت سان وڏو مقام ٺاهيندڙ شخص. سندس نظر منهنجي لکيل جملي تي پيئي، ته ڇِرڪجي ويو ۽ گاڏيءَ ۾ ساڻ ويٺل گهر واريءَ کي چوڻ لڳو؛ ”هِي ڏِسُ، هِن ڇَوڪرَي زمين تي ڇا لکيو آهي.“
سندس گهرواري به ڏاڍو متاثر ٿي، مون کان پڇيائين؛ ”ڪنهن جو پٽ آهين.“
کيس جواب ڏنم؛ ”شهمير خا ن جو.”
بابا کي سڃاڻندي بخشيل خان کي ٻڌايائين؛ ”هِي ڇوڪرُ مرحوم ماستر شهمير جو پٽ اٿئي، جنهن جي گهر واري به ڪجهه وقت اڳ، گذاري وئي آهي.“
مون سندس ڳالهه جِي تصديق ڪئي، کين ڏاڍي ڪَهَلَ آئي. بخشيل خان پڇيو؛ ”پٽ ڪهڙي درجي ۾ پڙهندو آهين؟“
وراڻيُم؛ ”پنج درجا پاس ڪيا اٿم، هاڻي چاچَي جو مال چاريندو آهيان.“
بخشيَل خانُ، مال چارڻ واري ڳالهه ٻُڌي سوچ ۾ پئجي ويو، گهرواريءَ سان ڪجھه ڳالهائڻ کان پوءِ، پڇيائين؛ ”تو کي مٿي پڙهڻ جو شوق آهي.“
جنهن تي ”ها“ ڪئي مانس.
وري پڇيائين؛ ”مون سان ڪراچيءَ هلندين؟“
”آئون ته هلان پر چاچا ضمير خان.....“
مُنهنجو جُملو ڪٽيندي چيائين؛ ”تون چاچهين جو فڪر نه ڪر، ان سان مان پاڻ ڳالهائيندس، تون هلڻ چاهين ٿو ته هينئر ئي گاڏيءَ ۾ ويههُ، تُنهنجا جانور گھر پهچائڻ لاءِ رمضان کي چوان ٿو ۽ چاچهين لاءِ به نياپو ڏئي ٿو ڇڏيانس.“
بَخشيَل خان جِي همدردي ڏسي، مون دير نه ڪئي سندس گاڏيءَ ۾ چڙهي پَيُس.
چاچو ضمير خان ۽ چاچِي رَنجُ پهچائيندا هئا پر جڏهن گاڏي شاخ جي ڪَپَرَ واري ٽاپَ تان، مَوڙُ کائي روڊ تي چڙهي، ڳوٺُ اَکيُن کان اَوجهل ٿيڻ لڳو، ته نَيڻَنِ ۾ نَمِي تري آئي، ڇو ته جَنمَ جَي جاءِ کان پري وڃي رهيو هوس. سفر دوران بخشيل خان گهڻيون ڳالهيون ڪيون ۽ ”تعليم جي زيور“ سان آراسته ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
ڪراچيءَ ۾ چاچا بَخشيَل خان اولاد جيان پنهنجي گهر ۾ رهايو، سُٺي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏنائين، اهڙيءَ طرح تعليمي سلسلي جِي ٽُٽَلَ مالها ڳنڍجِي ويئي. وقت پنهنجي رفتار سان هلندو رهيو، ميٽرڪ پاس ڪري سروس ڪرڻ جو سوچيم، ان جو سبب چاچي بَخشيَل خان جي ٻارن پاران ڪڏهن طعنو تُنڪو هڻي وٺڻ هُيو.
نِجِي اداري ۾ نوڪري ملي، ته گھڻو مصروف ٿي ويس، ان سروس دوران آئون چاچا بَخشيَل خان جي گهر ۾ ئي رهيُس، باقي سڄو ڏينهن ٻاهر گذارڻ ڪري، ماني وغيره ٻاهر کائيندو هُيس. اهڙيءَ طرح ٻه سال گذري ويا، مون انٽر آرٽس ڪري ورتي.
انٽر کانپوءِ سرڪاري کاتي ۾ اڪائونٽس ڪلرڪ جي نوڪري ملي وئي، ايتري پگهار هئي جو رهڻ لاءِ ننڍو گهر افورڊ ڪري ٿي سگهيس. ڪِرائَي جَي گھر ڏانهن منتقل ٿيڻ وقت، چاچا بَخشيَل خان سميت، سڀني گهر ڀاتيُن جي اَکيُن ۾ ڳوڙها اچي ويا، چاچا سائين ڀاڪر پائيندي چيو؛ ”سڄڻ، مون توکي پنهنجو اولاد سمجهيو آهي پر تون پاڻ کي، مون تي بارُ ٿو سمجهين، ته توکي وڃڻ کان نه روڪيندس، منهنجون دعائون هميشه تو سان گڏ رهنديون.“
آئون چاچا بَخشيَل خان جن وٽ ايندو ويندو رهيُس، ساڻن ويجھڙائي اڳ کان به وڌي ويئي، سندن ٻار مون سان وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳا. گريجوئيشن ڪري ايل ايل بيءَ ۾ داخلا ورتم، چاچا بَخشيَل خان پاڻ سان اٽيچ ٿيڻ لاءِ چيو، سندس خيال هو ته ان سان منهنجو تجربو ٿيندو ۽ کيس مددگار ملي پوندو. مون سندس چوڻ تي عمل ڪيو ۽ ٽَي ڪمَ پنهنجي ذمي کَنيَم، سرڪاري نوڪري، ايل ايل بي ۽ چاچا سان گڏ سندس آفيس ۾ اسسٽنٽ.
ايل ايل بي ڪري ورتم ته سرڪاري نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏيئي، چاچا بَخشيَل خان سان جونيئر ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳس. جونيئر ايڊووڪيٽ طور ڪم ڪندي تقريباً پنج سال ٿي ويا، آمدني سٺي ٿي ويئي ته ڪِرائَي جَي وڏي گھر ۾ رهڻ لڳس.
اخبار ۾ جَجَنِ جَي مقرريُن لاءِ اشتهار آيو ، چاچا بَخشيَل خان جي صلاح سان فارم ڀرائي ڇڏيم. روايتي دير ٿيڻ بدران جلد ئي امتحان ٿي ويو، لکت واري آزمائش ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ، مالڪ جي مهربانيءَ سان زُباني امتحان ۾ به سَرسي نصيب ٿي. امڙ جي دعا، چاچا بَخشيَل خان جي وسيلي سان قبول پئي، آئون سِول جج جي عهدي تي فائز ٿي ويس.
لڳ ڀڳ ويهه سال ڳوٺ کان ٻاهر رَهيُس، ان عرصي دوران سڳي چاچَي ضمير خان، منهنجو حال احوال نه ورتو ۽ نه ئي مان ڳوٺ ڏانهن آيُس. ايڏو مصروف رهيُس جو وقت گذرڻ جو احساس ئي نه رهيو.
****
چاچا ضمير جي وفات تي ڳوٺ آيو آهيان، کيس پٽ جو اولاد ناهي، ان ڪري آئون سندس وارث ۽ گھر ڌڻي آهيان. هُو مُنهنجي يتيميءَ جو سهارو نه بڻيو، پر مان اُنَ جهڙو ٿيڻ نه ٿو چاهيان، جو سندس نِياڻيُن جِي وارثي نه ڪريان. مون اڃان تائين شادي نه ڪئي آهي، چاچِي چوي ٿِي ته سندس وڏي ڌيءُ سان شادي ڪريان. انشاالله هڪ پڙهيو لکيو شخص ۽ جج هئڻ جي ناتي، ان سلسلي ۾ صحيح فيصلو ڪري وٺندس.
هتي گُھمندي حيرت ٿئي ٿي، ته ويهن سالن ۾ اسان جو ڳوٺ، ڪيڏو تبديل ٿي ويو آ، گهرن جَي لَوڙَهن پويان، جِتَي اسان رانديون کيڏندا هُياسِين، نوان گهر ٺهي ويا آهن ۽ آبادي ٻيڻي ٿي وئي آهي.
ڳوٺ جَي چوڌاري جيڪي ڍورا، ڍَورِيُون ۽ غير آباد زمينون هُيون، آباد ٿي ويون آهن. ان وقت جيڪي جوانَ هئا، انهن جَي مَٿَنِ ۾ چاندي چمڪڻ لڳي آهي. ڪچي ڇَپَرَ واري اسڪول جي جاءِ تي، پڪو اسڪول ٺهي ويو آ، بجلي ۽ ٽيليفون جي سهوليت به موجود آهي، باقي ڪا شيءِ ناهي، ته اها آهي اَمنُ ۽ آشتِي. مون کي ياد آهي اسان چانڊوڪي راتيُن ۾، شاخ جي ڪَپَ سان ڊوڙندا، پري تائين هليا ويندا هئاسون، ڪو ڊِڄُ نه هوندو هو، ۽ اڄ سج لَٿَي کانپوءِ ننڍا ٻار ته ڇا..! وڏا به ٻاهر نه ٿا وڃن، ڇو ته کين ڌاڙيلن جو خوف آهي.