مِينهَن ڪَڻِيُون
پر هُو، مينهَن ڀريا بادل ڏسي، ڪُومائجي ويندو آ، ڊڄي ويندو آهي، دل چاهيندي اٿس، سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيئي، زندگيءَ جي قيد مان هميشهه لاءِ آزاد ٿي وڃي.
هُن کي زندگي عذاب لڳندي آهي، ويتر اُڀَ تي ڪارا ڪَڪَرَ ڏسي، پنهنجو پاڻُ دارَ تي لَٽڪيَل محسوس ٿيندو اٿس. هُو، جنهن اڄ تائين ڪنهن پکيءَ جو شڪارُ نه ڪيو آ، مينهوڳيءَ جي موسم ۾، پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پر جڏهن کيس، ان عمل سان ڇوٽڪاري جو رستو نظر نه ايندو آهي، ته وسڪارَي جا ڏينهن، ڪنهن مَريضَ جيان، بستري تي گذاري ڇڏيندو آهي.
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، وچولي طبقي سان تعلق هجڻ، هوشيار نه هئڻ ڪري، وٽس خود اعتماديءَ جِي کوٽ هُئي. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪاريڊورس ۽ لانِ ۾ ڇوڪرَنِ ڇوڪِريُنِ کي ڳالهيون ڪندي ڏسندو هو، سندس دل ۾ خواهش جنم وٺندي هُئي، جَيڪَرَ ساڻس به ڪو ڳالهائي، ڪو پيارُ ڪَرَي.!
داخلا ورتائين سندس ذهن ۾، خوابن جا محل نه هُيا، ڄامشورَي جي کيچليُن هوائن ۾ سالُ گُذاري چُڪو، پٿريلي ڌرتيءَ کي مِينهَن پَوَڻ کان پوءِ، سائو ويسُ پاتل ڏٺائين، ايئن ڀاسِيُس، ڄڻ سندس مَن اندرُ، سَرسَبز ٿِي پيو هُجي، ذهن ۾ سُرَ سَنگيتَ جون تارون ڇِڙي پيون هُجن. اهڙي ڪيفيَت ۾ هُو، مُنهن تي آيَل رونق کي لڪائڻ لڳو، سندس مَنَ ۾ محبت جِي ڦلواڙي جُڙي پئي، ڪنهن جي ڳولا ۾ جُنبِي ويو.
هُو ۽ سندس دوستُ حُسين، ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ، شهر ڏانهن ايندڙ پوائنٽ بسن جي انتظار ۾، آرٽس فيڪلٽيءَ جي اڳيان بيهندا هُيا، جِتَي انڊلٺي رنگ جَرڪندا ها. هُو دوستن سان گڏ ڪينٽين ۾ سينڊوِچ کائيندو، چانهه پيئندو ۽ رنگين منظر ڏسندو هو. هُن جي مَنَ ۾ ڦَهِليَل رنگَ، نَيڻَنِ ۾ رقص ڪندي، ڪنهن جي تلاش ۾ ڀَٽڪَڻَ لڳا.
ڪنهن کي ڳولهيندي، محسوس ڪيائين، سندس منزل فيڪلٽيءَ وٽ نه، پر ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي آهي. هُو ڪلاس فيلو حُسين کي ساڻُ ڪري، سينٽرل لائبرريءَ کان ٿيندو، جاگرافي، فائين آرٽس ڊپارٽمينٽ اُڪِرِي، ”اَي سِي ٽُو“ ڏانهن نِڪرندڙ رستي جي سامهون اولاهين طرف قائم، ڊپارٽمينٽ جَي لانِ ۾ ويهندو هو، حُسين کيس چوندو هُيو؛ ”يار تو کي ڪا ٻي جاءِ نه ٿي سُجھي، ڦِري گِھري هتي اچين ٿو.“
جواب ۾ چوندو هُيس؛ ”حُسين، سچ پُڇين ڪا ڪَشش، ڪا شَڪتِي، هيڏي ڇِڪي اچي ٿِي.“
”هون ڪَشش...، يار هِتِ ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن، ان کان ڪيميسٽري ڊپارٽمينٽ وٽ هلي، اَکيُن کي ٿڌو ڪريون.“
”حُسينَ دل چوي ٿي، مُنهنجو محبوب هِتَي آهي.“
”هِتَي آهي...!“ حُسينُ حيرت مان سندس جواب دُهرائيندي.
”ها حُسينَ... هُو هِتَي آهي.“
”پر هِتَي ته، ڪير به ناهي...!“
اُتي واقعي ڪير نه هوندو هئو، ان ڪري هُو، لاجواب ٿِي حُسينَ کي چوندو؛ ”يار الئه، مون کي خبر ناهي....“
هُن جو معمول بڻجي ويو، حُسينَ کي ساڻُ ڪري، اتي اچي ويهندو. ڪافي وقت گُذري ويو، سندن فائينل سيميسٽر جا امتحان شروع ٿيا.... آخري پيپر واري ڏينهن، هُن زُولاجِي ڊپارٽمينٽ کي پارتَ ڪندي چيو؛ ”تون ساههَ وارن جو شعبو آهين، مون تو اڳيان محبوب جو انتظار ڪيو آهي، دل چوي ٿي مُنهنجو دلبر، سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ مان، هِتِ ايندو ضرور، تون هن ننڍڙي پارڪَ، ڊِگَھنِ وَڻَنِ، پنهنجي ڪُشادَي دروازي کي شاهد بڻائي، کيس حقيقت ضرور ٻڌائجان، تو ايئن نه ڪيو، ته مُنهنجو ويساههَ تان، اِيمانُ کَڄِي ويندو. تُنهنجَي وجود جو قسم، تو محبوب کي پيغام پهچايو، ۽ هُو مون وٽ پهتو، ته آئون اُن سان وفا ڪَندُس.“ هُو ايئن چئي، بنا پوئتي ڏسڻ جَي، ايندڙ پوائنٽ بس ۾ چَڙهي، حيدرآباد پهچي ويو.
وقت گُذرندو رهيو، کيس نوڪري ملي ويئي، ڌرتي ماءُ ۽ ٻوليءَ جي خدمت لاءِ، پنهنجي اعزازي خدمتن هيٺ، ماهوار رسالو جاري ڪيائين، حُسين پنهنجي ڪِرِتِ سان لڳي ويو. هُو وڏي ويساههَ سان، مَحبوبَ جو انتظار ڪندو رهيو، کيس يقين هو ته ڄامشوري جون مَست هوائون، عاشقن ۽ محبوبن وچ ۾ ديوار نه بڻبيون. سندس پيارو يونيورسٽيءَ ۾ پَيرَ پائيندو، سانوڻ رُتِ جوڀن تي هُوندي، آجيان جو وسڪارُ ٿيندو، يونيورسٽي سائي چادر اوڙهيندي، مُنهنجَي دِلدارَ تائين پيارَ جو پيغام ضرور پهچندو.
انتظار جون گھڙيون پُوريون ٿيون، هُن جي محبوب جا قدمَ، ڄامشوري جي ڌرتيءَ تي هلڻ لڳا. زُولاجي ڊپارٽمينٽ وٽ پيغامُ اَمانتَ هُيو، جنهن جي ادائگيءَ ۾ خيانت نه ٿِي.
****
سندس رسالي ڏانهن، سوين خطن جِي آمد هُئي، لفافي پويان ”ڄامشورو“ لکيَل ڏٺائين، يقين ٿي وَيُس، پَتَر محبوبَ جو آهي. دل جِي ڌڙڪن تيز ٿي ويس، خَطُ زُولاجِي شُعبي جي شاگردياڻيءَ جو هُيو، جيڪا سندس لکڻيون پڙهي پَرستار بڻي هُئي، چِٺيءَ ۾ جواب لاءِ اسرار ٿيَل هو. جواب ڏنائين، ڇوڪريءَ جو ٻيون خط آيو.... ٽيون خط آيو...... سَنِيهَن جو سلسلو...، نَيٺِ سَندنِ مُکا مَيلُ ٿيو، تڏهن خطن جي رفتار ۾ گھٽتائي آئي.
پهرين ملاقات اِهڙَي ماحول ۾ ٿي، هُن ساڻس ڳالهائڻ چاهيو، ڇوڪريءَ پنهنجي چَپَنِ تي چِيچَ رکي، کيس چُپ رهڻ لاءِ چيو. خاموش رِهاڻِ کان ٻه ڏينهن پوءِ، سندن ٻين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ دل کولي ڪچهري ڪيائون.
ملاقات ۾ ڇوڪريءَ کي ڏٺائين، سندس مَحبوبُ بلڪل ذهن تي چِٽيَل صُورتَ جهڙو هُيو. گڏجاڻيُن جو سلسلو طويل ٿيندو ويو،سندن شامون گڏ گذرڻ لڳيون. سڀ سانوڻَ ساجن سان، يونيورسٽيءَ جي روڊن تي گُھمَندَي، جَنمُ جَنمُ گڏ گھارڻ جا وَچَنَ ڪيائون.
۽ پوءِ.... هڪ ڏينهن اڻمندائتي مِينهَن جَي وسڪارَ ۾، هُن جا ٽُٽي پيا خواب، لُڙهي ويون تَمنائون، چڙهي ڪا وِيرَ، لوڙهي ويئي واريءَ گھرڙا. هُو وٺي آيو محبوب کي پَنهنجَي گھر، پوءِ اُٿيو طوفان، ڀَڄِي پيا وڻن جا ڏارَ، ڇَڻِي پيا سڀيئي پَنَ..... هلي ويئي هُوءَ وَسندڙَ مينهن ۾.
سندس پويان نِڪرِي پيو، تَيزُ بارش ۾... کيس ڳولهي نه سگھيو... اُن سَمي زَهرَ قَطرا ڀاسِيَسِ... مِينهَن ڪَڻِيُون.. هُو رَهجِي ويو، سدا لاءِ اَڌُورَو.....