اَمُهاڳُ: سَماجَ جا عَڪسَ ۽ اَولِڙا
ڪهاڻي ڪنهن فرض شناس ماسترياڻيءَ جِي هُجَي، يا ڪنهن ڪالِ گَرلِ جِي، لَيکَڪُ سندن نفسياتِ مطابق، مَنظرنِگاري ڪندَي چاهي ٿو، ته پڙهندڙُ ڪهاڻيءَ کي اڌ ۾ نه ڇَڏَي. گُلُ ڪُونڌَرُ پنهنجي دلفريب شَخِصِيَتَ، خُوبصُورَت لِباسَ، نَفِيسُ ۽ صاف سُٿِرِي زِندگيءَ جِيان، ڪهاڻِيُنِ کي به ساڳِي نَفاسَتَ ۽ نَرمُ لَهجَي سان، پَيشِ ڪرڻ جو هُنرُ رَکَي ٿو. سندس داخِلِي ۽ خارِجِي ڪَيفِيَتُون کَيسِ، وَڻَندَڙَ ماحَولَ ۽ سُهڻَي سَڀاءَ جِي ياد ڏِيارِين ٿيون، تَنهِنڪَري تَلخَ حقيقتون، بَيانُ ڪَرڻَ مَهلَ به جُملنِ کي، هَضمُ ٿيندڙَ لفظن جو وَيسُ پارائَي ٿو، ۽ پڙهندڙُ اَڻوَندَڙَ واقعَي کي، اُنَ ئِي پَسمَنظَرَ ۾ سَمجِھي وَڃَي ٿو، اِها ئِي ڪهاڻيڪارَ جِي ڪامِيابِي آهي، جو هُو نَرَمُ لَهِجَي ۾ ڪا ڳَرِي ڳالِهه، ٻُڌائِڻَ ۾ ڪامِيابُ وَڃَي.
گُلُ ڪُونڌَرَ اَقتِصادِياتِ جو پروفيسر آهي، سندس شَخِصِيَتَ جو ئِي ڪَمالُ آ جو، ”اَيڪِنامِڪِسِ“ ۽ ”اَدبُ“ ٽَڪراءَ ۾ نه آيا، هُنَ نه صرف هِي ڪهاڻيون لِکِيُون آهن، پر پَنجَ سؤ جَي لَڳِ ڀَڳِ شاعريءَ جا اِسمَ، سَوَين ڪالَمَ ۽ مُهاڳَ/مَضمُونَ پڻ لِکيا آهن، ان کان علاوه ماهوار اَدَبُ رِسالَي جا، هِڪُ سؤ اَٺَٽِيهَه پَرچا شايع ڪري، سَوَين نَوَنِ لِکندڙَنِ کي اُتِساهَيندَي، اَشاعَتَ جا موقعا فَراهمُ ڪيا آهن. ماهوار ادب/اديب رسالي جا پَنجَهَٺِ پرچا، نامِوَر اَدِيبَنِ جا ڪارنر ۽ خاص نَمبَرَ آهن، جَنِ ۾ سَندنِ تَفِصِيلِي اِنٽَروِيُو، ۽ شاهڪار لِکڻيُون شامل آهن.
گُلُ ڪُونڌَرَ جون ڪهاڻيون پُرِاَثَر، ۽ ياد رکڻ جهڙيون آهن، ڪهاڻي ”مِينهَن ڪَڻِيُون“ هُجَي يا ”هُوءَ“، ٻِنِهي جو اَندازُ مَنَ کي لُڀائِيندڙُ آهي. ”مِينهَن ڪَڻيون“ جَي ڪردارَ ”حُسَينَ“ جِي سادگِي پنَهنجَو مَٽُ پاڻ آهي. ”هُوءَ“ ڪهاڻيءَ جو، هَرَ هَرَ وَرجاءَ ۾ ايندڙ مڪالمو/ ڊائلاگ، ”اِيئَن ڪَونِهَي، تو کي هَرُوڀَرُو اِيئَن ٿو لَڳَي،“ ڪهاڻيءَ کي بيحد حَسِينِ بَڻائَي ٿو.
گُلَ وَٽِ پِيارُ، وَفا، وَطَن پَرسِتِي، سَماجِي ڀَڃَ ڊاهَه، تَعلِيمَ، مادرِي ٻَولِي، عَورتُنِ سان ظُلمُ ۽ ڏاڍايُون اَهمُ مَوضُوعَ آهن. گُلُ ڪَونڌَرُ حَساسُ ڪهاڻيڪارُ هُجَڻَ سان گَڏُ، عادِلُ ۽ مُنِصِفُ آهي، هُو ڪِردارَنِ جو جائزو وَٺَندَي، وَقتَ ۽ حالتُنِ کي ڏِسَندَي، پِلاٽَ جِي گُھرجَ موجب، پنهنجو فَيصِلَو ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌائَي وَڃَي ٿو. جِيئَن ڪهاڻِي ”پَسَندِ ناپَسَندِ“ ۾ هُو، پروگرام جَي آخر ۾ صاحبِ صدر کان، هِيئَن ڳالِهرائَي ٿو؛ ”اسان تي لازِمُ آهي ته، عِلِمَ اَدَبَ وارَنِ جو قَدرُ ڪَرِيُون....“
زندگيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو، اِقرارَ، اِنڪارَ ۽ تَڪرارَ وارِي ڪَيفِيَتَ ۾ بَيقرار رهن ٿا، اِيئَن گُلَ جَي ڪهاڻيُن جا ڪِردارَ، حاصلاتِ جي جُستجُوءَ ۾ وِڃائِجِي، هَميشهه لاءِ دُورِيءَ جو دَردُ سَهَنِ ٿا. پر ڪَي خوشِقِسمَت ڪِردارَ، خوشگوار لَمحَنِ جِيان اوچتو اچن ٿا، ۽ خوبصورت هَمِسَفَرَ جِيان، زندگيءَ جَي سَفَرَ کي چَندُ گَھڙيُنِ جِي سَڦلتا ڏَئِي، پويان نه وِسرَندڙَ يادِ ڇَڏِيندَي، هِڪَ دِلِڪَش ڪهاڻِي بَڻجِي وڃن ٿا.
گُلَ جَي ڪهاڻيُن جا ڪِردارَ، مِلَنِ ٿا، ڳالهائِنِ ٿا ۽ پوءِ وِڇڙندَي، وَڻندڙَ مَهڪَ مَنَ اندر اَوتَي، هليا ٿا وَڃَنِ. هِنَ ڪتابَ ”مائِي مُجاوِرُ“ جَي ڪهاڻيُنِ ۾، مُختَصر مڪالما، پُرِاَثَر پِلاٽَ، ماحول جِي مَنِظَرڪَشِي، مُندَ، مَوسمَ ۽ وَقتَ جِي خبر پَوَي ٿِي، ڪِٿِ ڪو سَوالُ اُڀرَندَي نظر اچي ٿو، ته ڪِٿَي نَتِيجَو سَوچَ جَي بَرعَڪِس سامُهون آهي، بَهرِحال هَرِ ڪهاڻِي دِلِ دِماغَ تي، ڀَرپُور اَثَرُ ڇَڏَي ٿِي. هِي ڪهاڻيون پاٺڪن جي ذهني حِسَ کي، ڪِٿِ کِلائِيندَي، ڪِٿِ رَوئارِيندَي، ڪِٿِ حَيرَتَ ۾ وِجَھندَي نظر اچن ٿيون. سچ اهو آهي ته اهڙي اُڻَتِ، اهڙو ڄارُ ئِي پڙهندڙ جَي تَجَسُسَ کي، آخرِ تائين کَڻِي هَلَي ٿو.
گُلَ پَنهنجَي دِلِ آوَيز شَخِصِيَتَ، خوِش لِباسِيءَ ۽ بَهتَرِ سَوارِيءَ جا مزا ماڻِيندَي، ڪيترا يادگار سَفرَ ڪيا آهن، جن مان ڪيترن جو آئون هَمِسَفَر ۽ هَمِراز رهيو آهيان، تنهنڪري سندس ڪهاڻِي ڪِردارَنِ جِي سُڃاڻ رکان ٿو. سَچُ اِهو آهي ته پڙهندڙن کي، پَنهنجِي زِندگيءَ جا حَقِيقِي ڪِردارَ، اِهڙيُنِ ڪهاڻيُنِ وَسِيلَي ياد اچي وڃن ٿا. هِتَي پَيشِ ڪَيَلَ ڪهاڻيُنِ ۾، نِجُ ٻَهراڙِي به آهي، شَهرِي اَپَر، مِڊِلِ ۽ لَوئَرِ ڪِلاسُ به آهي، ته قَبائِلِي رِيتُون رَسِمُون، بَدَي جَي شاديُنِ ۽ ڪارَو ڪارِيءَ جا، مُعاشرَي تي پَوَندَڙَ اَثراتِ به آهن. گُلَ اَثرائتِيُنِ ڪهاڻيُن وَسِيلَي، تَعلِيمِي اَهميَتَ سان گَڏُ، پَنهنجَي ماڳَنِ مَڪانَنِ کي نه وسارڻ، وارا پَهِلُو به پَيشِ ڪيا آهن. هُنَ دَهشتگَردِي، اِحسانُ فَرامَوشِي ۽ سَماجِي زِيادَتِيُنِ جِي عَڪاسِي ڪَندَي، هِڪَ مُحبِ وَطَن جِيان، دَردَ کي ڀَوڳَي ڪهاڻِيُون لِکِيُون آهن.
وَقتُ، هَرِ وَقتِ پيو اَنِسانَ کي، ڦَيراٽِيُون ڏِئَي، پر قدرتي ڪَشَشِ ثَقَل جَي ڪري، اَسِين ڪِرُون نه ٿا، پِيا ڦِرُون، اِهَو ڦِرَڻُ، جِيئَڻُ ۽ مَرَڻُ آهي. قَلمِڪارَ جو قَلَمُ به ڦَرَي ٿو، ڪُنَ ٺاهَي ٿو، ڪڏهن تَرَي ٿو، ڪڏهن ٻُڏَي ٿو. اِهڙيُون ڪَيتِريُون حالتون، داخِلِي ۽ خارِجِي ڪَيفِيَتُون، ڪَهاڻِيڪارَ کان لِکِرائِينِ ٿِيُون، هُو ڪڏهن پَنهنجِي وارِتا کي، ڏُڌَ جِيان وِلَوڙَي ٿو، ته ڪڏهن ٻِيَنِ جَي سُورَنِ تي لَوچَي ٿو، تَڏَهِن ئِي سندس قَلَمَ مان، سَچُ لَڳندڙَ ڪهاڻِي سِرجَي ٿِي.
گُلُ ڪُونڌَرُ مُنهنجَو پِيارو دوستُ آهي، مُون سندس زندگيءَ تي ڀَرپُور پِروفائِيل (جَيوَن خاڪو) پُنهنجَي ڪِتابَ ”سُونهان مُنهنجي سنڌ جا“ ۾ ڏِنو آهي، تَنهَنڪَري هِتَي ذاتِي زندگيءَ تي گَھٽِ، سندس ڏاتِ ۽ ڏانءَ تي لِکَڻُ چاهِيان ٿو. پر هِڪَ ذاتِي دوستَ جِي حَيثِيَتَ ۾، هُنَ جَي حَياتيءَ جا سُورَنِ ڀَرِيا پَلَ به، سامُهُون اَچِيَو ٿا وَڃَنِ، ته سندس ڪهاڻيءَ جو سَفَرُ به اَکيُنِ اَڳيان آهي. مُون جِيان پَڙهندڙُ به، لَيکَڪَ جَي ڪَيفيَتَ کي سَمجَھندَو، ته ڪَهاڻيءَ جَي مقصد کي ماڻِيندَي، جُدائِيءَ جَي دَرِدَ کي مَحسُوسُ ڪندو ۽ خوشِيُنِ وارَنِ لَمِحَنِ ۾، سُرَهاڻِ جو واسُ وَٺِي سَگھندَو.
جَيڪَو لَيکَڪَ کي هَمِزاد سَمجَھندَو، اُهَو سندس ڏُکَنِ ۽ سُکَنِ کي، اِيئَن مَحسُوسُ ڪندو، ڄڻ وارِداتِ ساڻَسِ ٿِي آهي. جِتَي دنيا فَرَيبَنِ، مُنافِقِيُنِ ۽ نَفِرَتُنِ کي نِپايو اَچَي، اُتَي ڪَهاڻيڪارُ ڪِردارَن ذَرِيعَي، جَڳَ ۾ مَيٺَ، مُحَبتَ، اَمُنَ ۽ ڀائِيچارَي جو ڏَسُ ڏِيندَي نظر اچي ٿو، قَلمِڪارَ جِي هَرِ ڪَهاڻِي، هِڪَ مَقصَدَ جو پَرچارُ آهي. گُلَ جون ڪهاڻيون سَبَقُ آمَوز ۽ مُستَقبِل بِينِيءَ جو ڏَيکُ ڏِيَنِ ٿِيون، هُو ڪهاڻيءَ جَي پلاٽن سان، ماحولُ جَوڙَي پَنهنجَي آدَرشَنِ جا، سُنَهِرِي رَنگَ پَسائِڻُ چاهَي ٿو. ڪَردارَ عام هُجَنِ يا خاصُ، گُلَ جَي قَلَمَ هِيٺِ اچي، لِکِڻيءَ جِي جانِ بَنجِي وڃن ٿا. ڪهاڻي ”مُحَبَتَ جِي مَيخَ“ جا ٻَئِي مرڪزي ڪِردارَ، بَي مِثال قُربانِي ڏِيَنِ ٿا. هِنَ ڪِتابَ ۾ کَوڙَ سارِيُون ڪهاڻيون آهن، جيڪي ڊَراماٽائِيزِ ٿِيَڻَ سان، مُعاشِرَي لاءِ بهتر نَتِيجا ڏَئِي سگھن ٿِيُون.
ڪهاڻي ”رَيشَمِ“ جو هيرو، موقعو هُوندَي به، عِزَتِ نَفِس کي برقرار رکي ٿو، ۽ پَيشه وَرِ کي ڏِهاڙي ڏِيَڻَ جو چَوَندَي، کَيسِ بُرَي ماحول مان ڪڍڻ لاءِ، شادي ڪرڻ لاءِ راضِي نظر اَچَي ٿو. ”مائِي مُجاوِرُ“ ڪتابَ جا پَنا پَڙهندَي، ڪَهاڻِيُنِ جي اُڻتِ جا، نَوان نَوان رُخَ نظر اچن ٿا. ڪِٿَي ماکِيءَ جَي لارَ جِيان ”سَندِي لارَ ماکيءَ“ نَظماڻَي انداز جِي ڪهاڻي، نِروار ٿِئَي ٿِي، ته ڪِٿَي ”وِڃايَل وجُود“ جِهڙِي باڪمال تَحرِيرَ، ڪَرُ کَنيو بِيٺِي آهي. ”گُل ۽ خُوشبُو“ کان ويندَي، ”بَهارُ ۽ خِزان“ تائين جو لَفِظِي سَفَرُ ڪَندَي، ڪهاڻيڪارَ ڇا ڇا نه ڀَوڳِيَو آهي، ڪِٿَي سندس قَلَمُ ڪُرڪِيَو آ، ته ڪِٿَي مُرڪِيَو آهي.
ڪهاڻِي ”هُوءَ ته مُون کان ڏُورِ هَلِي وَئِي“ جا مڪالما، اَندرَ ۾ پَيهِي ٿا وَڃَنِ، قُربَتُنِ جَي اَثَرَ هِيٺِ لِکيَلَ، هِيءَ پيارَ ڪهاڻي بهترين آهي. ”جَذبَنِ جو قَتلُ“ ڪهاڻيءَ ۾ نِياڻيءَ جَي ڊاڪٽر ٿِيَڻَ جو خوابُ، پُرزا پُرزا ٿِيندَي ڏَيکارِيَلُ آهي. ڀاءُ جَي بَدَي ۾ پَرڻِجَندَڙَ ڇَوڪِرِي، پَڙهِي ڊاڪٽر ٿِيَڻَ بدران، پَنهِنجي ۽ ٻارَنِ جي بيماريءَ سَبَبِ، ڊاڪٽرن ڏانهُن ويندِي رَهَي ٿِي. رِشِتَنِ جَي ڏَي وَٺُ وارَي مَوضُوعَ تي، هِيءَ هِڪَ اَثِرائِتِي ڪهاڻِي آهي.
”جُدائِيءَ جِي پِيڙا“ ڪهاڻيءَ جِي نائيڪا، زندگيءَ کي سَنوارِڻَ لاءِ، شاديءَ کان پوءِ به تعليم جارِي رَکَي ٿِي، هِيءَ ٻَهراڙيءَ جِي باشعور ڇوڪِرِي، وسيلا نه هُئَڻَ باوجود وڌيڪ پڙهڻ لاءِ، اَيڊِوَرِٽائِيزِنگِ ڪَمپَنِيءَ ۾ نوڪِري ڪَرَي ٿِي. اِيئَن شَهَرَ ۾ رَهَندَي، ڳَوٺاڻَي مُڙسَ سان تَضادَ ۾ اچڻ ڪري، حالتون کَينِ جُدا ڪري ڇَڏِينِ ٿِيُون. اِنَهنِ حالتُنِ ۾ نَنڍڙو پُٽُ وَجاهَتُ ئِي سندس زندگيءَ جو مَحَوَرُ بَڻجَي ٿو. ڪجھه وقت کان پوءِ نائيڪا مُڙسَ کان خُلَع وَٺِي ٻِين شادي ڪَرَي ٿِي، جيئن زندگي ڏُکَنِ مان نِڪِري، سُکَنِ وارَي سَفَرَ ۾ هَلَڻَ لَڳَي، ۽ پُٽَ وَجاهَتَ کي سُٺِي تعليم ڏِيارَي سگھي، پر کَيسِ اِها تَبدِيلِي به راسِ نه آئِي. تڏهن هُنَ پَنهنجَي مُحسنَ اُستادَ کي، ڏُکارَي لَهجَي ۾ پُٽَ بابت ٻُڌايو؛ ”هُو مُنهنجِي شاديءَ وارَي ڏِينهُن پَنهنجَي پِيءُ ڏانهُن هليو ويو.“ جُدائيءَ جِي اِهڙِي ڪَيفِيَتَ کي لِکَندَي، لَيکَڪَ پَنهنجَي اَکيُنِ سان گَڏُ، پَڙهندَڙَ جون اَکِيُون به آلِيُون ڪري ڇڏي ٿو.
گُلَ جو ڪهاڻي ڪِتابُ پَڙهندَي، ڪَهاڻيُنِ جَي ٿانَ کي اَچي پُورو ڪنداسِين، ته آخر ۾ڪِتابَ جِي ٽائِيٽِلِ ڪهاڻِي ”مائِي مُجاوِرُ“ سان مُلاقاتِ ٿِي وَيندِي. ڪهاڻيُنِ جَي تاڪِيَي جو آخري وَيڙَهو به اِيئَن وَڻَندَو، جِيئَن مَن پَسَندِ رَيشَمِ، اُطلَسِ، ڪِيمِخواب ۽ بَوسِڪيءَ جو ڪپڙو وَڻندو آهي.
ڪتابَ ۾ آيَلَ ڪهاڻيون، ”نَيڻنِ مان لَڙِيَل لُڙِڪَ“، ”سِنڌُ جِيان مُون کي وَڻَندِي آهِين“، آ پِيارُ به شايَد ڌَوڪَو“، ”ڄَڻُ نَظَرَ لَڳِي وَيئِي“ ۽ ”دِلِ جَي دَفِتَرَ تَي لِکِيَلُ نانءُ“، گُل ڪونڌر جَي جَذباتِي وابِستَگيُنِ جو ڏَسُ ڏيَنِ ٿِيُون. ”مُنهنجا سوال“ ۽ ”سَپُنا، ساڀِيا، نَيڻَ“ جِهڙِيُون ڪهاڻيون پَڙهِي، کَيسِ دادُ ڏِيَڻَ کان سِوا رَهِي نه ٿو سَگھجَي. گُلُ ڪُونڌَرَ جون سَڀَيئِي ڪهاڻيون، اِنِتَهائِي آسانُ ۽ سَمجَھه ۾ اِيندَڙَ آهن، پر هَرِ ڪَهاڻِي پَنهنجَي آغازَ ۽ اَنجامَ ۾، لَيکَڪَ جَي ڏِنَلَ پَيغامَ کي نِروارُ ڪري ٿِي. گُلَ جا پِلاٽَ، مَوضُوعَ، مَنِظَرَ ۽ ڪِردارَ، سَماجَ جا عَڪسَ ۽ اَولِڙا آهن، ۽ سندس ڪَهاڻِيُون مُعاشِرَي جُون آرِسِيُون. گُلُ ڪُونڌَرَ کي، هِن ڪهاڻِي ڪِتابَ جَي اَشاعَتَ جُون، لَکَ لَکَ مُبارِڪُون.
سليم چنا
25 نومبر 2019ع
03324466834