جُدائيءَ جِي پِيڙا
سُهڻيءَ، شام جي شفٽ واري ڪاليج ۾ داخلا ورتي، جتي آئون ليڪچرر هُيس، کيس پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. ٻهراڙيءَ جِي ڇوڪرِي، اُٿڻي ويهڻي ۽ انداز به ڳوٺاڻو، ننڍي عمر ۾ ئي پنهنجي ماساتَ سان شادي ٿيَل. ڪلاس اندر ڳالهه ڳالهه تي، گھروارَي جِي تعريف ڪري وٺڻ، سندس عادت ۾ شامل. مُڙس سان سِڪ جِي حامي ڀريندي رهندي، ان جي سادگيءَ ۽ سُٺائيءَ تي ڳالهائڻ سندس پسنديده موضوع، بيضوي شڪل جي چهري مان، خوبصورت ۽ سادَي هئڻ جو گڏيل احساس ڏياريندڙ شخصيت. عجيب مزاج، ڪڏهن سمجھدار لڳندي، ڪڏهن بي سمجهه، کيس پهرئين سال آئون بلڪل سمجھي نه سگھيس، ٻئين سال انٽر ۾ کيس پٽ ڄائو، جنهن جو نالو وجاهت رکيائين.
سندس ترقي ڪري وڏو ماڻهو ٿيڻ وارو شوق، هُن جِي خُوبي نه، پر خامي لڳندو هو. هُوءَ پاڻ کي هوشيار سمجھندي هُئي، پر عملي طور ان کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڪلاسز ۾ ريگيولر، جمعي ڏينهن اڪثر شاگرد نه ايندا، هيءَ ضرور ايندي. استاد کان وڌيڪ شاگردن کي ڪير سمجھندو، هڪڙا روز ايندا ڪلاس اٽينڊ ڪندا، نوٽ بُڪس تي تڪڙ تڪڙ ۾ لکندا، پر کانئن سوال پڇبو، جواب نه ڏئي سگھندا. ٻيان ريگيولر نه هوندا، ڪڏهن ڪڏهن ڪلاسن ۾ ايندا، استاد کي غور سان ٻڌندا، لکندا ڪونه، کانئن سوال پڇبو، درست جواب ڏيندا. حقيقت ۾ ٻئين درجي وارا شاگردَ، محنت سان سٺا نمبر کڻي، عملي زندگيءَ ۾ ڪاميابيون ماڻين ٿا.
سُهڻيءَ جو شمارُ، اڃا ئي ٽئين قسم جي شاگردن ۾ هُيو، هُوءَ ڪلاسن ۾ باقائدگيءَ سان ايندي، استاد جي پڙهائڻ دؤران نوٽس لکندي، جلد ۾ ٽاپڪ کي سمجهڻ کان قاصر، استاد جي پڇيَل هر سوال جو جواب ضرور ڏيندي، انگريزي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندي پر ذهانت جي حوالي سان پُوري پُني. ڪاليج ۾ ٻه سال پڙهي انٽر ڪامرس چڱن نمبرن سان پاس ڪري، يونيورسٽيءَ ۾ ريگيولر پڙهڻ بدران، پرائيويٽ طور بي اي، ايم اي ڪرڻ کي ترجيح ڏنائين ۽ مالي حالات درست نه هئڻ ڪري، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي.
شهري ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ، ٻيَن ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيڻ ۽ پرائيويٽ اداري ۾ نوڪري ڪرڻ ڪري، سندس مزاج ۾ تبديلي آئي. ماسات مُڙسَ سان اختلاف ٿيڻ لڳس، نتيجي طور ٻنهي جي ذهنن ۾، پڙهيل ۽ اڻپڙهيل وارو تضاد پيدا ٿيو، جنهن جلد ئي سندن، ذهني هم آهنگيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو.
مڙس سان اڻ اعلانيَل علحدگيءَ سبب، سُهڻيءَ کي پٽ جي پڙهائيءَ جو گھڻو فڪر رهڻ لڳو، سندس چوڻ هُيو ته ڳوٺ جو ماحول صحيح نه آهي. هُوءَ وجاهت کي اهڙي ماحول مان ڪڍڻ جا سانباها ڪرڻ لڳي، سندس عمر چار سال ٿي ته کيس پڙهائڻ لاءِ شهر منتقل ٿي ويئي. هُن جو چوڻ هو، هاڻي هُن جي زندگيءَ جو مقصد، صرف ۽ صرف وجاهت کي اعلى تعليم ڏيارڻ آهي.
ڪجھه سالن پڄاڻان سُهڻيءَ مڙس کان، خُلع وٺڻ بابت ٻڌايو، دلي صدمو رسيو، سندس ماساتُ گھروارو ڳوٺاڻو ۽ سادو، سُهڻيءَ وانگيان کيس شهر جِي هوا نه لڳي هُئي. هُو ٻني ٻاري جي ڪم ڪار ۾ رُڌلُ، کيس وڏو ماڻهو ٿيڻ جِي ڪا خواهش نه، ان ڪري سندن اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ فرق ٿي ويو.
وجاهت شهر جَي ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي اسڪول ۾ جِهڙي تِهڙي تعليم پرائيندو رهيو، ان جو سبب سُهڻيءَ جو شهر ۾ پنهنجو گھر نه هئڻ هو، ڪِرائَي جو گھر سال ڏيڍ ۾ تبديل ٿيڻ ڪري، اسڪول به بدلجي پيو وڃي. سُهڻيءَ جي شهر ۾ رهڻ وارن ڇهن سالن ۾ چار اسڪول بدليا، جنهن جو وجاهت جي پڙهائيءَ ۽ رَوَيَي تي سٺو اثر نه ٿيو، هُن لاءِ تعليم راند بڻجي وئي، ايئن سندس عمر تيرنهن چوڏهن سال ٿي ويئي.
سُهڻيءَ جو مزاج سُٺو هو، سندس نِيَت بهتر هُئي، ساڻس فون تي رابطو رهيو، هڪ ڏينهن ٻڌايائين ته هُن، ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جي مالڪ سان، شادي ڪري ڇڏي آهي. کيس شاديءَ جي مبارڪ ڏيڻ لاءِ آفيس ويس. رسپشن تي ويٺل ڇوڪريءَ کي چيم؛ “ميڊم سُهڻيءَ سان ملڻو آهي.”
انٽرڪام تي کيس ٻڌائيندي چيائين؛ “اوهان اندر وڃي سگھو ٿا.”
اُٿي ڀليڪار ڪيائين، چيومانس؛ “ماشاالله اوهان ۾، ڪا تبديلي نه آئي آ.”
صَوفَنِ ڏانهن ايندي چيائين ؛ “سر آئون ساڳي ٻهراڙيءَ واري ڇوڪري آهيان، ۽ اوهان... اوهان مُنهنجا مُحسن آهيو...”
صوفا تي ويهندي چيم؛ “شاديءَ جِي مبارڪ هُجيوَ.”
وراڻيائين؛ “خير مبارڪ.” سندس لفظن ۾ حقيقي خوشي محسوس نه ڪيم.
آفيس بواءِ کي ڪولڊ ڊرنڪ، فروٽ وغيره ڏيڻ جو چيائين. ساڻس ڪافي ڳالهيون ٿيون، پُڇيومانس ؛ ”وجاهت ڪيئن آهي.“
گَهِرو ساهه کڻندي چُپ ٿي ويئي.
مون چيس؛ “ڇا ٿيو.”
خاموش رهي، سندس چهري ڏانهن ڏٺم، اکيُن ۾ پاڻي ڀرجي آيس، ڳلن تي ڳوڙها ڳڙي پَيَس، پاڻُ روڪي نه سگھي، زور سان روئي پيئي. آئون پريشان ٿي، ڪجھه دير لاءِ خاموش ٿي ويُس. سُهڻيءَ پاڻُ سنڀاليو ته ڳالهايائين؛ “سر... سر وجاهت مون کي ڇڏي .....“ سندس زبان لفظن جو ساٿ نه ڏنو.
“پر ڇو.. ڇا ٿيو هُن کي.. هُن ايئن ڇو ڪيو..”
“هُو منهنجي شاديءَ واري ڏينهن... پيءُ ڏانهن هليو ويو...”
ماءُ جي پٽ کان جدا ٿيڻ واري ڪيفيت ڏِسِي...! آئون بَي ڪَيف ٿي ويس...! کيس آٿت ڏيڻ لاءِ، مون وٽ ڪي به لفظ نه هُيا...!
آفيس جي ڪمري ۾ خاموشي ڇانيَل رهي، هُن جي حالت کي ڏسندي مون اٿڻ جِي ڪئي، هُوءَ به اُٿي بيٺي. ساڻس موڪلايُم، وري اچڻ لاءِ چيائين. کيس ٻيهر اچڻ جو چئي، دروازي ڏانهن وڌيُس، هُوءَ به مون سان گڏ، ٻاهر اچي ويئي. گاڏيءَ ۾ ويهندي کيس ڀلائيءَ جِي دعا ڏنم، هُن جون اکيون ٻيهر سيراب ٿي ويون، لڳو ڪجهه چوڻ چاهَي ٿِي، پر پُٽَ سان جُدائيءَ جي پِيڙا، سندس چپن کي چُرُڻ نه ڏنو.
آئون روانو ٿي ويس پر منهنجا خيالَ، هُن جي خوابن کي ڀورا ڀورا ٿيَل ڏسي، هِڪُ سوال جَوڙَي بيٺا؛ ”وجاهت جَي تعليم جِي رُڪاوٽَ ڪير..؟ سُهڻي، خود وجاهت يا ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ جو مالِڪُ.؟“