مائِي مُجاوِرُ
اَحمَدِ مون کي اِنجَيڪِشَنِ لَڳائِڻُ، ٿَرمامِيٽَرَ ذريعي مَريضَنِ جو ٽَيمپَرَيچَرُ جانچِڻُ، لَيسَ بُخار کان مَريضَنِ کي تَجوِيزَ ڪَيَل گُلابِي مَحلُول ٺاهِڻُ ۽ دَستَنِ وغيره کان ٽِنِ چَئِنِ ٽِڪِيُنِ کي گَھوٽَي پائوڊرُ ٺاهڻُ، سَيکارَي ڇڏيو هو. مُنهنجَي شوقَ مَهينَي ڏَيڍَ ۾، اِنَ مَنزلَ تي پَهچائَي ڇَڏيو، جو چاچَو اَحمَدِ ڪلاڪَ اَڌَ لاءِ ٻاهر ويندو هُيو، ته آئون هُن جا سَڀُ ڪَمَ ڪري وَٺندَو هُيُسِ.
ڊاڪٽر صَفدرَ ڏِٺَو ته آئون، ڊِسپَينسَرَ جو ڪم سِکي ويو آهيان، ته هُن مون کي چاچَي اَحمدِ سان گَڏُ، پابنديءَ سان ڪم ڪرڻ جو چيو ۽ مُنهنجِي پَگھارَ مُقرَر ڪَرَي ڇَڏِي. ڪاليجَ ۾ فَرسِٽِ يِيئَرِ پِرِي مَيڊِيڪَلِ ۾ داخلا وَرتَمِ، ڪِلاسَ شروع ٿِي ويا ته به ڪِلينڪِ وڃڻ ڪونه ڇَڏيُمِ، ها ايترو ضرور ڪَيُمِ ته راندِ رُوندِ جو وَقتُ، گھر ۾ پڙهائيءَ کي ڏيَڻَ لَڳُسِ.
اِسپتالُنِ ۽ ڪِلينڪِس جِي اَلڳِ دنيا آهي، جِتَي هر قسم جَي ماڻهن جِي اَچِ وَڃِ ٿِئَي ٿِي. مَريضَنِ ۽ ساڻنِ گَڏُ اِيندڙَ مِٽَنِ مائٽَنِ جو جَهانُ جُدا آهي، هنن ۾ هَرِ طرحَ جا مَردَ، عورتون شاملُ آهن، ٻارن کان ويندَي صفا وَڏِي عُمرِ جا مَريضَ ۽ خِدمَتگارَنِ جو مَيلَو مَتَلُ رَهَي ٿو. اُنَهنِ ۾ صَبرَ وارا، ڪاوِڙيِلَ ۽ وِچَٿَرِي طبِيعتَ رکندڙ، مطلب ته هَرِ مِزاجَ جَي ماڻُهنِ سان واسطو پَوَي ٿو. علاج مُعالجَي خاطر ايندڙن ۾، سُونهَن جا سَردارَ به شامِلُ آهن، ته سادِڙا ۽ سَٻاجھا اِنسانَ به. ڪڏهن ڪَو صفا وَڏِي عُمرِ جو مَريضُ اِيندَو آهي، جَنهن کي پَنهنجَي وُجودَ تي، ڪو ظابطو نه ُهوندَو آهي، مَعصوم ٻارڙا کَڄِي ايندا آهن، ته ڦُوهُه جُوانيءَ تي پَهتَلَ مَريضَ به، ڪِلينڪِ تائين پَهچندا آهن.
جيئن رَستَي تي سَواريُنِ جو اَچڻُ وَڃڻُ رَهندو آهي، اِيئَن اِسپتالُنِ ۽ ڪِلينڪِس ڏانهُن، مَريضَنِ جِي آمَدِ جارِي هُوندِي آهي. عام حالتن ۾ مريضن ۽ انهن سان گڏ اچڻ وارن جو، ڪو نوٽيس ناهي وَٺِبَو، پر ڪَو ڪَو مَريضُ يا اُنَ سان گَڏُ اَچڻَ وارو، پاڻ ڏانهُن تَوَجَهُه ضرور ڇِڪائِيندَو آهي.
وَڏَيرِي صاحِبه خاتُون سان گڏ ايِندَڙ، سندس ڌِيءَ “اَنمَولِ” جڏهن اِيندِي، سَڀيئِي اُنَ ڏانهُن ضرور نِهارِيندا، هُنَ جَي سُونهَن جِي ڇِڪَ، حَياءَ وارَنِ کي به، چَورُ نِگاههَ سان ڏِسڻَ تي مَجبُور ڪَرَي وِجَھندِي. صاحبه خاتون جَي ڪِلينڪِ ۾ داخل ٿِيَڻَ سان، دَوائُنِ جَي واسَ تي پَرفِيُومِز جِي خوشبُو حاوِي ٿِي ويندِي. مَهَڪَ جو به عَجَبُ اَحِساسُ آ، عَورتَ کي لَڳَلَ هُوندِي، ته هُڳاءُ سؤ ڀَيرا وڌي ويندو، اِها حقيقت آهي يا صرف مَحسُوس ٿِيندڙُ فَرقُ، پر عام طور اِيئَن لڳندو آهي.
ڊاڪِٽرُ صاحَبُ هَمَيشه وَڏِيريءَ کي اِنجَيڪِشَنِ، ڌِيانَ سان هَڻَڻَ جِي تَلقِينَ ڪندو، آئون کَيسِ امان ڪَرَي مُخاطِبُ ٿِيندُسِ، مُنهنجَو ڏاڍو خيال رَکَِي، ڊاڪٽرَ جَي فيءَ ۽ دوائُنِ جي قيمت سان گڏ، مُنهنجِي خَرچِي ضرور ڏِيندِي. اَنِموَلِ کي سدائين ساڻُ وَٺِي اِيندِي، اُن جَي حُسنَ جِي ڇا ڳالهه ڪَجَي، جِهڙو سندس نالو تِهڙِي صُورَتَ، ڊِگھو قَدُ، اَوڍِيَل چادر مان چَيلِهه کان هِيٺِ ايندڙ سُنهرِي وارَ، رَنگُ ڀَورَو گُلابِي، چَپَ، واتُ ۽ اَکِيُون، تَڪيَلَ تَورِيَلَ، ڄَڻُ ڪنهن سَنگِ تَراشَ جون گَھڙِيَلَ. سُبحان الله سندس نَيڻَ کَڄَنِ، ته کَيسِ گھُورِيندَڙَ اَکيُون، ازخود جھُڪِي وَڃَنِ. آئون کَيسِ اَدِي ڪري سَڏِيندُسِ، دل ۾ احترام جو رِشتَو جَوڙِيَلُ، ڪا خواهِشِ نه هُئڻَ باوجود، نِهارِيندِي ته سُونهَن جا تِيرَ لَڳندَي مَحسُوسُ ٿيندا. اَنِمَولِ جَي حُسنَ کي سُهڻا لَقبَ ڏِجَنِ، سُندر لفظن جِي مالها پَوئَي، نَظمَ ۽ گِيتَ لِکجَنِ، هُوءَ اُنهنِ تي پُورِي لَهندڙَ.
ضروري ناهي ته سَڀُ نِعمَتون ۽ فَضِيلَتون نَصيبُ ٿِيَنِ، خُوبصُورتِي مِلِي آهي، ته سُهاڳُ به سَوڀيا وانُ مِلَي، گهر جو سُڪونُ ۽ ذهنِي آسُودِگِي، اُن سطح جِي حاصل ٿِئَي. اَنِمَولِ صُورَتَ ۽ سِيرَتَ ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ، گھٽ ۾ گھٽ منهنجي نظر ۾، سندس ثانيءَ جو تَصَوَرُ به ناهَي. هُنَ جي سُندرتا کي ڏِسندَي، دل مان دُعا نِڪرندِي آهي، يا رَبَ کيس جِهڙِي صُورَتَ ڏِنِي اَٿئِي، اهڙو ئِي ڀاڳُ عطا ڪَرينسِ.
سَڀنِي کي خبر پَيئِي، اَنِمَولِ جِي شادي سندس نَيڪِ ناميءَ وارَي خاندانَ ۾، سَڳَي سؤٽ سان ٿِي آهي، واسطيدارَن، مِٽَنِ مائِٽَنِ سندس شاديءَ ۾ شِرڪَتَ ڪَئِي. وَڏِيرِي صاحِبه خاتُون، ڪِلينڪِ تي ڊاڪٽرَ صاحبَ ۽ اسان لاءِ اَنِمَولِ جَي شاديءَ جِي مِٺائِي کَڻِي آئِي، چاچَي اَحمَدِ ۽ مُون کي خَرچِي ڏنائين، اسان کي تمام گھڻي خوشِي ٿِي.
ڪُجھه ئِي ڏِينَهن پوءِ وَڏِيرِي صاحِبه آئِي، سندس مُنهَن تي شاديءَ جِي خوشي بَرقرار نظر نه آئِي. ڊاڪٽرَ اَنِمَولِ بابت پُڇيُس، ان کي ٿورن لفظن ۾ سَڄِي حقيقت ٻُڌائَي ڇڏيائين. سندس چوڻ هُيو؛ ”اَنِمَولِ شاديءِ جَي ٻئين ڏِينهُن، مَڙسَ جَي بَدِمِزاجُ هُئڻ جِي شِڪايَتَ ڪَندَي، واپس گھر اچي ويئي، ڏِسِجَي اَڳتَي ڇا ٿو ٿِئَي.“
وَڏِيرِي صاحِبه خاتوُن، مَعمول مُطابق ڪِلينڪِ ڏانهُن اِيندِي رَهِي، مَهينَي ڏَيڍَ کان پوءِ اَنِمَولِ، بُخارَجِي پوڻ ڪري، ماءُ سان گَڏُ آئِي. شاديءَ جي ناڪاميءَ سبب، خيالُ هُيو ته سندس سُندرتا ساڳِي نه هُوندِي، هُوءَ نِٻَل ۽ هِيڻِي هُوندِي، پر کَيسِ عطا ٿِيَل سُونهَن جِي ڇا ڳالهه ڪَجَي، بُخارَ جَي تَوَ ۾ وَيتَر، ڳاڙهَي عَقِيقَ جِيان ٻَرندَي نظر آئِي.
زندگيءَ جو ڪارِ وَهنوارُ هلندڙُ، وقت جو ڦِيٿَو رَوان دَوان، ڪِلينڪِ تي ٻِيَنِ مَريضَنِ جِيان، هِنَنِ جو اچڻ وڃڻ جارِي سارِي. خَبرَ پَيئِي اَنِمَولِ جِي طلاق ٿيڻ کان پوءِ، ٻين شادي خاندان کان ٻاهر سندن سڃاڻپ وارن ۾، ڊپٽي ڪمشنر جو عهدو رکندڙ شخصَ سان ٿِي رَهِي آهي. شادي ٿِي ويئي، وَڏِيرِيءَ صاحِبه خاتُونءَ طرفان، ڊاڪٽرَ صَفدرَ کي مِٺائِي مِلي ۽ اسان کي خَرچِي.
سَڀُ سَڪتَي ۾ اچي وياسين، جڏهن خبر پيئي ته اَنِمَولِ کي، ٻئين گَھروارَي به طلاق ڏئِي ڇَڏِي. حيرت کان سوا ڇا ٿَي ڪري سَگھياسِين، پَريشانُ هڪٻئي سان ڳالهه ضرور ڪريون پيا، ته اَنِمَولِ سان ڇا ٿِي رهيو آهي، ڊاڪٽر صَفدرَ سان ڪونه پيا ڳالهايون، پر ان معاملي تي ڳالهائڻ وارن جِي کَوٽِ نه هُئِي، ڇو ته اَنمول پاڙَي جَي، عِزتدار گَھرَ جِي ڇَوڪرِي هُئِي.
ٻئين صَدمَي کان پوءِ به، اَنِموَلِ جَي جَمالَ وارِي جَوتِ، ساڳِي رَهِي پر سندس پَشيمانيءَ کي اِظهاريندڙُ رَوَيَو مَحسُوسُ ٿِئيَ پيو، جيڪو به ڪجھه مَهِينَنِ ۾ نارمل ٿِي ويو. سندن ڪِلينڪِ ڏانهن اچڻ وارَي مَعمولَ ۾، تَيزِي اچي ويئي، وَڏِيرِي صاحِبه جو ڊاڪٽر صَفدرَ سان، رازِدانه اَندازُ ڏِسڻَ ۾ اچڻ لڳو. مَحسُوسُ ڪَيوسُون اَنِمَولِ، ڊاڪٽر صَفدرَ سان، قائم رَکيَلَ وِٿيءَ کي گھٽائيندَي، ماءُ سان گڏ اچڻ بدران، اَڪيلِي اچڻ لَڳِي آ، ۽ ڊاڪٽر سان رازَ نيازَ وڌائي ڇڏيا اَٿائِين.
ڊاڪٽر صَفدرُ جوان ٻارن جو پيءُ، اَنِمَولِ جَي سُونهَن جو اَسيرُ ٿِي ويو ۽ موقعا ٺاهَي ٻِئَي شهرِ، ساڻس ملاقاتون ڪرڻ لڳو. ڊاڪٽر منهنجو عزيز هُيو، سندس گھر وارن کي کُڙڪَ پَيئِي، مون کان پُڇا ڪيائون، ساڻنِ لاعلميءَ جو اظهارُ ڪَيُمِ. ڊاڪٽر صاحبَ جِي پوسٽنگ، وڏَي شَهرَ جي سول اسپتال ۾ هُئِي، مالدار ماڻهو هُئڻَ ڪري، اَنِمَولِ لاءِ ٻيو گھر وَٺڻَ ۾، کَيسِ ڪو مسئلو نه هُيو. اَنِمَولِ جَي مائٽن کي ٻه طلاقون ٿِيَلَ ڇَوڪِريءَ لاءِ، ڊاڪٽر صَفدرَ کان وڌيڪ ڪهڙو رِشتَو مِلِي ٿَي سگھيو، ان ڪري اُنهنِ به ساڻس شادي ڪري ڇَڏِي.
اَڳيُنِ شاديُن جي ڀَيٽَ ۾، اَنِموَلِ جِي هِيءَ شادي هَلِي وَيئِي، پر ڊاڪٽر َصفدرَ جِي پهرين گھروارِي ۽ ٻارَ سندس اِنَ عمل تي سخت رَنجِ هُيا. ڪافي تڪليفون سامُهون آيَسِ، شاديءَ کي ڪجھه سال گُذرِي ويا، کَينِ اولاد نه ٿيو، اِنَ معاملَي سَندنِ وچ ۾ وِيڇا وِڌا. ڊاڪٽر صَفدرَ کي اولاد ٿِيَڻ،َ نه ٿِيَڻَ جِي پرواهه نه هُئِي، پر اَنِمَولِ لاءِ ٻارَ جو هُئڻُ، سَندس تَنهائيءَ جو حَلُ هُيَو.
ڊاڪٽر صَفدرُ نوڪري ۽ ڪِلينڪِ جَي ڪري، اَنِمَولِ کي صفا ٿورو وقت ڏِئَي پيو، هُوءَ اولاد جي مصروفيت کان آجِي هُئِي، جنهنڪري سندن اڻبڻت جو سلسلو وڌي ويو، نتيجو طلاق جَي صورت ۾ ظاهر ٿِيو، اِيئَن بيحد خوبصورت اَنِمَولِ، ٽِئَين مُڙسَ سان به، هَلِي نه سَگِھي.
رِشتو ٿِيَڻَ ۽ ٽُٽَڻَ جَي چَڪَرَ ۾، وَڏِيرِي صاحِبه خاتُون پنهنجو فيملي ڊاڪٽرُ وِڃائَي وَيٺِي. اسان جَي واتَنِ ۽ زُبانُنِ کي تالا اچي ويا، وَڏيرِيءَ ۽ اَنِمَولِ جو ذِڪرُ، اسان لاءِ شَجرِ مَمنوعا بڻجِي ويو. اَوڙَي پاڙَي، مِٽَنِ مائِٽَنِ ۽ يارن دوستن کان، ڪڏهن اَنِمَولِ جو احوال مِلندو، ته هُوءَ ٽَي مُڙسَ ڇڏڻ کان پوءِ به، خُوبصورتيءَ ۾ سَرسُ آ.
وَڏِيرِي صاحِبه خاتوُنءَ جَي حَويليءَ ڀرسان، الله جَي وَلِي ۽ دَروَيشَ جِي مَزارِ، جِتَي عقيدت مَندنِ جَي اَچِ وَڃِ جو وڏو سلسلو، بُزرگ جو گادي نَشِين ۽ وارثَ مَوجودُ، مسجد شريف ۾ پنج وقتي نماز قائم. مَزارِ تي اِيندڙَ مُريدَنِ ۾ عورتون شامِلُ، جن لاءِ مَزارِ جَي کاٻي پاسي، اَلڳِ حِصَو جُڙيَل، مايُن جي رهائشِ ۽ لَنگرَ جو سلسلو هَلندڙُ. اَنِمَولِ پَنهنجِي وِندُرَ ۽ چڱي ڪم ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ، درگاهه تي وَڃڻُ شروع ڪيو، ۽ پوءِ عورتن واري حصي جِي سارَ سنڀال ڪَندَي، مائِي مُجاوِرُ بَڻجِي وَئِي.