ڪاشِ اِيئن نه ٿِئَي ها..!
سِيما کي بي انتها محبت هئي مون سان، اُلفت جي غَلبَي ۾ ڪردار جِي پَرکَ ناهي ٿيندي، هر ماڻهو سٺو لڳندو آهي. سِيما جيان آئون پيارَ جَي تِيرَ جو شڪارُ، پر انجام کان بي خبر نه هُيس. معاملي کي سمجهندي ڪوشش ڪَيَم، سِيما کي آگاهه ڪريان، پر ڪامياب ٿي نه سگهيُس.
آئون پرائيويٽ طور گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ، تياريُن ۾ هُيس ته سنڌي ادب ۾ ريگيولر ايم اي ڪريان. هونئن به مُنهنجو ادب سان تعلق جُڙيل هيو، آئون ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هُيس، ڪافي ڪهاڻيون، شاعري ۽ ڪالم اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چُڪا هئا. ادبي دنيا ۾ گهڻي شُهرتَ نه هُئي، پر ادب سان ذوق رکندڙ، هر ماڻهو سڃاڻندو هُيو.
سِيما لکڻيُن جي حوالي سان مُنهنجِي مداح هُئي، ساڻس ملاقات اتفاق سان ٿي، يونيورسٽيءَ طرفان داخلائن جي اعلان بعد، آئون داخلا فارم وٺي حيدرآباد واپس ايندي، سنڌيالاجي هليو وَيُس. گھڻو حساس هجڻ ڪري، هر تاريخي ڊايوراما، مُجَسمَي ۽ شَهپارَي کي غور سان ڏسندي، ايترو وقت ٿي لڳايُم، ٻيا ڏسڻ وارا سڄو ميوزم ڏسي پيا وٺن، آئون چند ڊايوراما ڏسي پئي سگهيُس. موهن جي دڙي واري ڊايوراما کي ڏسندي، خيالن ۾ آباد وستيءَ جو سير ڪري رهيو هُيس، نفيس آواز جي سماعت سان ٽڪرائجڻ تي، سوچن جي آغوش مان نڪتُس، ڪَنڌُ ڌُوڻيندي، ”هُون“ ڪَيَم.
”جلدي ڪريو ميوزيم بند ٿيڻ جو، ٽائيم ٿي رهيو آ.“
ڳالهائڻ واريءَ کي ”ها“ چيم، اڳتي هلڻ لَڳُس، خيال آيو هوءَ چوي ٺيڪ ٿي، پر آهي ڪير، چيومانس؛ ”اوهان جو تعارف.“
”آئون سِيما آهيان، ايم اي ڪرڻ ٿي چاهيان، داخلا جي سلسلي ۾ يونيورسٽيءَ اچڻ ٿيو، سنڌيالاجي ميوزيم ڏسڻ جو شوق هُيو، سو هيڏانهن اچي وَيَسِ. توهان اڳ کان هتي موجود هُيا، مون سڄو ميوزيم ڏسي ورتو، توهان مَسَ موهن جي دڙي واري ڊايوراما تائين پهتا آهيو. جيڪڏهن ڀُلجان نه ٿِي، اوهان سانول راهي آهيو.“ هَٻڪندي پنهنجي تعارف سان، مُنهنجِي سڃاڻپ ٻُڌائي ڇڏيائين.
اَڻسُڃاتل ڇوڪريءَ پاران، سڃاڻڻ تي بيحد خوشي ٿي، زندگيءَ جِي اها گھڙي اهم لڳي، کيس جلد ۾ يقين ڏياريُم؛ ”توهان ڀُلجو نه ٿيون، آئون سانول راهي آهيان.“
”مون توهان جون لکڻيون رسالن، اخبارن ۾ پڙهيون ۽ فوٽو ڏٺا آهن، غور سان ڏٺم سڃاڻي ورتم. اوهان جون تحريرون متاثر ڪندڙ، ڪهاڻين جا پلاٽ ۽ ڪردار حقيقي لڳندا آهن، خُوبُ منظرنگاري ٿا ڪريو، سچ اوهان سان ملڻ، مون لاءِ باعثِ مُسرت آهي. “
”مهرباني، توهان سان مِلي، مون کي به خوشي ٿي آهي، ٻڌايو اوهان جِي ڪهڙي خدمت ڪريان.“
”اوهان سان ملڻ خوش نصيبي آهي، خدمت جِي ڪا ڳالهه ناهي، ميوزيم بند ٿي رهيو آ، پاڻ کي هلڻ گھرجي.“
آئون سڀاڻي داخلا فارم جمع ڪرائڻ ايندس، مناسب سمجھو ته سينٽرل لائبرريءَ جي سامهون، زيرو پوائنٽ وٽ ملاقات ڪريون.“
سِيما سان پهرين ملاقات جَي، عَجَبُ اتفاق کانپوءِ اسان ٻِئَي ڏينهُن، زيرو پوائنٽ تي ملياسين. آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڪينٽين تي چانهه پيتي، سموسا کاڌا، ڪچهري ڪئي سون، جنهن ملاقات جي اشتياق کي ويتر وڌائي ڇڏيو. داخلائن کان پوءِ ڪلاس هلڻ شروع ٿيا، مختلف مضمونن ۾ ايم اي ڪرڻ باوجود، روزانه ملاقات ٿيڻ لڳي.
پيارَ پاڇَولَنِ ۾ احساسُ نه رهيو، پڙهڻ وارو وقت ڪيئن گذري ويو، ياد آهي اسان ٻيئي ايم اي جي سَنَدَ وٺي، يونيءَ جو اندريون رستو پَنڌِ لتاڙي، سنڌيالاجيءَ وٽان بس ۾ چڙهندي، مادر علميءَ کي خدا حافظ چيو هوسين، دِلِيُنِ ۾ عَجَبُ خوشيءَ گاڏڙ ڏُکَ جون، وِيرُون لَهِي چَڙهِي رهيون هون.
سِيما بئنڪ جوائن ڪري ورتي، آفيس ۾ مليومانس چيائين؛ ”مائٽن کي جلد بابا ڏانهن سڱ گهرڻ لاءِ مَوڪلِ، تو کي خبر آهي، امان جي وفات ٿي چُڪي آ، آئون سروس ۾ اچي ويئي آهيان، بابا جِي طبيعت صحيح نه ٿِي رَهَي، هو چاهي ٿو مُنهنجِي شادي جلد ٿِي وَڃَي.“
سِيما جي واتان شاديءَ جي ڳالهه ٻڌي ڪَنبِي وَيُس، آئون شادي شده ٻارن وارو هيُس. کيس الاهي دفعا اها ڳالهه ٻڌائڻ چاهي هُيم، پر هُنَ ڪڏهن موقعو ئي نه ڏنو. ان ڏينهن مون سِيما کي حقيقت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي، چيومانس؛ ”امان بابا هيڏي نه ايندا ڇو جو...“
جُملو ڪٽيندي چيائين؛ ڇو ڇا... جِي ڳالهه ناهي، هُو نه ٿا اچن، صرف تون اچ، بابا توکي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو، ان معاملي ۾ بابا مون کي خودمختيار ڇڏيو آهي، اُن سان ڳالهائي ڇَڏينديَس. شادي سادي نموني ڪنداسين، ڀلي اهو سڀن لاءِ سرپرائيز هُجَي.
سِيما جو پيءُ سرڪاري ملازم، سرڪاري گهر ۾ رهندو هو، شاديءَ کانپوءِ آئون اُتي رهڻ لڳس. وقت پُڃاڻان سِيما جو پيءُ دل جي دوري سبب گذاري ويو. آئون رولاڪ ادبي لڏي جو ماڻهو، هينئر تائين پهرين گھرواريءَ کي ٻين شاديءَ جو نه ٻڌايو هُيم، ڳوٺ حيدرآباد کي صفا ويجھو هئڻ ڪري، هَيڏَي هَوڏَي اَچڻُ وَڃڻُ مَينَيجِ ڪَريو ويٺو هُيس، بابا سائين جِي مدد هُئي، هُو مون کي لِکارِي سمجھندي آڏي پُڇا نه ڪندو هو، پر هاڻِ سِيما جَي پيءُ جِي وفات ۽ سندس سرڪاري گھر ڇڏڻ ڪري، ڪنهن کان به رازُ لِڪائڻُ ممڪن نه رهيو. بابا امان کي ٻڌايُم، کَينِ پهرين گھرواري ۽ ٻارن سان ڌَوڪَي جو صدمو رَسِيو، پر ماءُ پيءُ ته ڇَپرُ ڇانوَ آهن، صبر ڪري ويا.
جَيتَرِ شَهرَ ۾ گھر جو بندوبست ٿِئي، سِيما کي ڳوٺ رهائڻ جو پروگرام ٺاهيُم. مون چاهيو ته کيس حقيقت ٻڌايان، پر پيءُ جي تازي صدمي سبب، نه ٻُڌائَي سَگھيومانس، سوچيُم ڳوٺ هلي پاڻ ئِي خبر پَوَندَسِ.
ڳوٺ پهتاسين کيس حقيقت جي خبر پوڻي هُئي سا پَيئي، پهرين گهر واريءَ جا به تاڪَ لڳي ويا. ٻه شينهن ٻيلي ۾ اچي ويا، مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا ڪريان ۽ ڇا ڪري ويٺو آهيان. مون کي پنهنجا ٻار ۽ ٻئي گهر واريون، هڪ جيتريون عزيز هيون، آئون ڪنهن کي ڇڏڻ جو سوچي به نه پيو سگهان.
سِيما تان هي سڀ ڪجهه ڏسي، محبت جو جُنون جَهڪَو ٿيڻ لڳو، پهرين گهر وارِي پاڻ سان مذاق ڏسي چُپ رهي نه سگهي. هنن جي پاڻ ۾ نوڪ جهوڪ شروع ٿي، پوءِ ڄُنڊا پَٽَ، هَلندَي ڳالهه ان حد تائين پَهُتِي، جو سِيما هِسٽريا جِي مَرِيضا بڻجي ويئي. منهنجو وجود ڪَئين ٽُڪرَنِ ۾ ورهائجي ويو، ڪاش ائين نه ٿئي ها...!