وِڃائِجِي وَيَلَ ڪَهاڻِي
”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“، ”ادب/اديب“ ۾ نه ڇاپيَم، ڪو سبب ضرور هوندو، نه ته ان دؤر ۾ مُنهنجون لِکيَل، سڀ ڪهاڻيون ادب رِسالَي ۾ شايع ٿِيُون، جيڪو جُونِ اُڻويهه سؤ چورانوي کان، مئي ٻه هزار ڇهه تائين، جارِي ٿيندو رهيو. ”اَدبُ اشاعتَ گھرَ“ جَي اِلاهِي سارَي مواد سان گڏ، مُنهنجُون لِکِڻِيُون ڪمپيوٽر اندر ٺَهيَل فولڊرن/فائيلن ۾ محفوظ هُيون. ڪَمِپِيوٽَرُ ڪافي عَرصَي تائين، چالُو حالتِ ۾ رَهِيَو، بَندِ ٿِي وڃڻ جو خَدِشَو ضَرُورُ هُيَو، پر سُسِتيءَ سبب مَوادَ جِي هارِڊِ ڪاپِي، پِرنِٽِ جَي صورت ۾ نه ڪَڍِي سَگِھيُمِ. اِيئَن هِڪَ ڏِينهُن ڪَمِپِيُوٽَر آنِ نه ٿِيو، اَيپِلِ ڪَمِپِيُوٽَر جَي ماهِرَ، سائين دانيال شاهه وٽ، سُهڻِي پريس تي وَيُسِ، پر معاملو حَلُ نه ٿِيو.
تَحرِيرُنِ جِي فَهرِستَ ۾، ”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“ شامِلُ هُئِي، ڪتابَ لاءِ سِهَيڙَ شروع ڪَيَمِ، پُراڻا فائِيلَ، رِسالا، لَيپِ ٽاپِ ۾ پَيَل مَوادُ، جانچِيُمِ ڪهاڻي نه مِلِي. ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿِيَڻَ جو خِيالُ اچڻ تي، پِيارَي سليم چنا سان حالُ اَورِيُم، دِلدارِي ڏِيندَي چيائين؛ ”ڪو مَسئِلَو ناهَي اوهان مَهِينو، سالُ ٻُڌايو، آئون علامه دائود پوٽه لائبرريءَ ۾ وَڃِي، مئگزين هَٿِ ڪري، فوٽو اسٽيٽ ڪرائَي اِيندُسِ.“
مون سندس ٿورا مَڃيا، کَيسِ اَندازَي مطابق مئگزين جو مَهينو ۽ سالُ ٻُڌايو، هُو ٽَي چار دفعا اوڏانهُن ويو، لائبرريءَ وارن ساڻس تعاون ڪيو، پر جُونِ ٻه هزار سميت، ڊسمبر ٻه هزار تائين جا پرچا کَيسِ مِلِي نه سگھيا. صلاحَ ڏِنائِين سنڌيالاجِي ڄامشورو جَي لائبرريءَ ۾ هَلُون، اُميدَ آهي ته اُتَي عبرت مئگزين جا سڀ پرچا مِلِي ويندا، سندس چوڻ هُيو ته لائبرريءَ جو اِنچارِجِ، غلام قادر سَهارَڻُ هُنَ جو دوستُ آهي.
لائبرريءَ وَياسِين سَهارَڻ صاحب تعاون ڪَندَي، لائبرريءَ جي اُنَ حِصَي ۾ وَٺِي ويو، جتي عام پڙهندڙ/تحقيق ڪندڙ کي اجازت ناهَي هُوندي. عبرت مئگزين جا گُھربَل پرچا، مُهيا ڪري ڏِيَڻَ لاءِ بَيحَدِ سَٻاجَھو نوجوانُ، زُبَيرُ عُمراڻِي مَوجُود هُيو. هُو ٻِنِ ٻِنِ مَهِينَنِ جا بائينڊ ٿيَل، پندرنهن روزه مئگزين جا بَنڊلَ ڏِيندو ويو، هِڪُ بَنڊلُ سليم ٿَي ڏِٺَو، ته ٻِيَو مُون. اِيئَن اسان ٽِنِ سالَنِ تائين جا، مئگزين وارا بَنڊلَ جانچَي وياسين.
ڊاڪِيومَينِٽَيشَنِ اَسِسٽَنِٽَ طور، فَرضَ سرانجام ڏِيندڙَ زُبَيرَ عُمراڻيءَ، اسان کي بِسڪيٽَ کارايا، چانهِن پِيارِي. هَيترا سارا ٽِنِ سالَنِ جا بَنڊَلَ کَڻِي آيو، هُنَ کي اِلاهِي تڪليف آئِي، اُنَ لاءِ ساڻَسِ مَعذرَتَ ڪَيَمِ، چيائين؛ ”سائين اِها مُنهنجِي ڊِيُوٽِي آهي، هِتَي ڪَيترا تَحقِيقَ ڪندڙ شاگردَ، ۽ تاريخ مان حوالا ڳوليندڙ گُھرجائو اچن ٿا، جَنِ کي گُھربَل اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ڏِيندَي، آئون سَرهائِي مَحسُوس ڪندو آهيان.“
مُون چَيُسِ؛ ”بابا اوهان جو فرض ضَرُورُ آهي، هِتَي اِيندڙن کي پَنهنجُون خِدمَتون آڇِڻُ، کَينِ اخبارون، رسالا ۽ ڪتابَ، رَيڪِس مان ڪَڍِي ڏِيَڻُ، پر آئون اوهان جِيان، خوشيءَ سان مِحنَتَ ڪَندَي، ڪنهن کي نه ٿو ڏِسان، خاص ڪري سرڪاري ادارن اندر، ڪِلَرڪِس، اَسِسٽَنِٽَس ۽ آفِيسَرس ۾ اهِڙِي ڪَمٽِمَينِٽِ نظر نه ٿِي اَچَي.“
”سائين اسان وٽ بائِينڊِنگِ سَيڪِشَن سميت، چاليهه جَي لَڳِ ڀَڳِ اِسٽافُ آهي، سَڀَيئَي پَنهِنجَو ڪَمُ، اِيمانداريءَ سان ڪَنِ ٿا، اوهان اَڄُ آيا آهيو، هِتَي ڪيترا اديب ۽ گُھرجائُو، ايندا رهن ٿا.“
”زُبَيرَ، مون کي ڏاڍي خوشِي ٿِي آهي، ته اڄ به اسان وٽ، هِئَڙا آرِگَينائزِڊِ ادارا ۽ محنتي ملازمَ مَوجُود آهن، ماشاالله اوهان کي رَبُ سائين، اِنَ جو اَجرَ ضرور ڏيندو.“
وِڃائِجِي ويَلَ ڪَهاڻِي مِلِي نه سَگِھي، پر سليم چنا سان گڏ، زُبَيرَ کان مَوڪلائِيندَي، مُطمَئن هُياسِين ته ”دِيدَ دَرَ ۾ رَهَي ٿِي“ هِنَ لائبرريءَ جَي ڪنهن رَيڪِ ۾ پَيَلَ ضرور آهي، اَصُلَ ۾ اسان کي اُنَ رِسالَي جَي، صحيح نالَي جِي خَبرَ ناهَي، جنهن ۾ ڪهاڻي شايع ٿِي آهي، پر پَڪَ سان اِها ڪهاڻي، ڪنهن مُحَقِقَ جَي هَٿِ ضرور چَڙهندِي.