جَذبَنِ جو قَتلُ
استادُ شاباس ڏيندي؛ ”ادڙي تون آهين ننڍي، پر ڳالهيون وڏن واريون ٿي ڪرين.“
فاطمه ماءُ پيءُ جِي ننڍي ڌيءَ، کيس وڏيون ٻه ڀَينرُ، ٻه ڀائر، گهر ۾ ساڻس سڀ پيار ڪندڙ، ٻهراڙيءَ جي عام ڇوڪِريُن جي اُبتڙ، گهرو ڪَمَ ڪارَ جِي ذميداري نه، هر وقت هٿن ۾ ڪتاب، کيس ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، وڏي ڀاءُ کان سمجهي وٺندي. فاطمه سان گهر وارن جو پيارُ، هوشيار هئڻ ڪري استادن جو ڌيانُ، گڏيَل لاڏَ ڪوڏَ ۾ سندس ذِهنَ اندر، ڊاڪٽر بنجڻ جو حَسِينِ خوابُ.
هڪ ڏينهن فاطمه اسڪول کان گهر آئي، ماءُ ۽ وڏي ڀاءُ کي شاديءَ بابت ڳالهيون ڪندي ٻڌائين، ماءُ کان پڇيائين؛ ”امان ڪنهن جِي ٿا شادي ڪرايو؟“
ماڻهس وراڻيس؛ ”راڻي اَدَهين وڏي جِي.“
ڀاءُ جَي شاديءَ جو ٻُڌي، ڊوڙي وڃي کيس ڀاڪر پاتائين؛ ”واهه واهه ادا، تنهنجي شاديءَ جون ڳالهيون پيون هلن، مون کي خبر ئي ناهي، توتي ڏنڊ آهي ادا.“ ڀاڻس مُسڪرائَي ڇڏيو.
”امان ادا جي شادي ڪنهن سان ٿي رهي آهي؟“
ماءُ کيس ڀاءُ جي ٿيندڙ ڪُنوارِ جو نالو ٻڌايو، فاطمه خوش ٿي ويئي.
****
سادگيءَ سان ٿيندڙ شاديءَ جون تياريون مڪمل ٿي ويون. فاطمه جي ٿيڻ واري ڀاڄائيءَ کي، گھوٽيتيون ميندي لائڻ ويون، فاطمه کي اوڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو، فاطمه هُنن سان ضِد ڪيو پر نه وڃڻ تي راضي ٿي ويئي. سندس ڀينرُ، سؤٽيون ماساتيون ڀاڄاهنس کي ميندي لائي موٽيون. ڪجهه دير بعد ٿيڻ واري ڀاڄائيءَ جَي گھر جون مايون، سندن گهر آيون، چيائون؛ ”اسان جِي ڪنوار فاطمه ڪاٿي آهي، ته اسان کيس ميندي لايون.“
فاطمه وائڙي ٿي ويئي، کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ماڻهس چيُس؛ ”فاطمه ٺَهِي ويههُ، ته مايون توکي ميندي لڳائين، توکي ڀاءُ جي بَدَي ۾ ڏنو ويو آهي.“
حيران ٿي ويئي، اَٿَڻَ ۾ آخر هوءَ ڇو، سندس وڏيون ڀيڻون به ته آهن، فاطمه روئڻ لڳي، پر سندس ٿيڻ وارِي سَسُ، نڻانون، جيئن تيئن ڪري، ميندي لائڻ جِي رَسمَ پُوري ڪري ويون.
فاطمه ڪنوارِ وارو وڳو پائڻ کان انڪار ڪيو، هوءَ صغير هُئي، نِڪاحَ جِي قبوليت پڻهس ڏني. سندس ڀاءُ پنهنجِي زال وٺي آيو، فاطمه لاءِ طئه ٿيو، ته هِنَ جِي رُخصتي بالغ ٿيڻ کان پوءِ ڪئي ويندي.
ڀاءُ جي بَدَي ۾ ڏئي، فاطمه جَي معصوم جذبن کي چيڀاٽيو ويو، هُوءَ ڪجهه ڏينهن اسڪول نه وئي، پر جڏهن سَهيليون کيس وٺي ويون ته اسڪول جون ڇوڪريون، ڇوڪرا، هِن بابت ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ڪو چوي؛ ”هوءَ ڏسو فلاڻي جَي زال.“ ڪو چوي پيو؛ ”هن جي مائٽن ڪمال ڪيو آ، وڏيون ڇوڪريون ويهاري، هِن جو نڪاح ڪيو اٿن.“ ڪنهن چيو ٿي؛ ”هاڻي هيءَ ڇو ٿي پڙهي، اجهو ٿِي وڏي ٿئي، پوءِ پاڻهين مڙس وٺي ويندس.“ سڀ جُملا فاطمه جي دل تي تيرَن جيان وسڻ لڳا. دل ۾ آيس جيڪر ڊوڙ پائي گهر هلي وڃي، پر چاهيندي به ايئن نه ڪري سگهي.
امتحان جي نتيجي ۾ پهريون نمبر اچڻ واري فاطمه، هن دفعي سادن نمبرن سان پاس ٿي سگهي. نتيجو ڏسي شَفيق استادَ چَيُس؛ ”پٽ فاطمه ڇا ٿي ويو آهي، تو کي ته محنت ڪري ڊاڪٽر ٿيڻو آهي.“
دل ۾ آيس، استاد کي وراڻَي؛ ”هاڻي مون کي ڊاڪٽر بڻجڻو ناهي، ڇو ته پرڻجي وئي آهيان.“ پر هُن کيس جواب نه ڏنو.
وقت گذرڻ سان، فاطمه جي دل تان اثر گھٽيو، هن پڙهائيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو، پنجين درجي واري امتحان ۾ پهريون نمبر آئي.
پرائمريءَ کانپوءِ، ڀر واري شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جِتي سندس وڏو ڀاءُ استاد هو، فاطمه جي ڳوٺ کان ٻاهر پڙهڻ تي، سندس ساهرن اعتراض ڪيو. فاطمه کي خبر نه هئي، ٻيهرَ سندس ڊَهي جُڙيل خوابُ ٽُٽي پوندو، گهڻن دليلن، ڳالهين کان پوءِ فاطمه جو ڀاءُ، سندس ساهرن کان، کيس اٺين جماعت تائين پڙهائڻ جِي، اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
فاطمه مڊل پاس ڪرڻ بعد، پرائيويٽ اسٽوڊنٽ جي حيثيت سان، نائين جماعت جو امتحان ڏنو، جلد ئي سندس رُخصتي ٿي ويئي. مڙس جي اجازت سان ڏهينءَ جو امتحان ڏيڻ وئي، ته هُوءَ ستين مهيني جي اميد سان هئي... امتحان جَي مَهينَي ڏيڍ کان پوءِ کيس ننڍڙو ڄائو، ٻار جِي ماءُ ٿي وڃڻ کان پوءِ، پڙهائي جاري رکي نه سگھي...، ننڍي وهيءَ ۾، هر سال نئين ٻارَ کي جنم ڏيندي رهي... ايئن ڊاڪٽر ٿيڻ بدران..، ڊاڪٽرن ڏانهن ويندي رهي.