ڪالم / مضمون

سڙيا مٿي سچ

”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويھن ليکن جو مجموعو آهي، جنھن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نہ پڙهڻ جا مختلف بھانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچھريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن. سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ بہ بدرجئہ اُتم موجود آهي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڙيا مٿي سچ

مُهاڳ: ٻَرِي ٻَرِي ٿو ڪيان اُجالو

’مضمُون‘، ڪنهن به ٻوليءَ جي نثر جِي بنيادي صنف آهي، جيڪا پنهنجي تحرير جي طرز ۾ نظر اچڻ جي لحاظ کان جيتري سؤلي آهي، اوتري ئي لکڻ ۾ ڏُکي آهي. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ ۾ درج مضمُون جي ڪليدي وصف مُوجب: ”مضمون، نثري ادب جي شخصي يا داخلي اهم شاخ يا صنف آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجن ويچارن ۽ جذبن کي اظهار ڏئي ٿو. منگهارام ملڪاڻيءَ لکيو آهي ته: ’ناول ۽ ناٽڪ زندگيءَ جو آئينو آهن، ته شعر ۽ مضمون، شاعر يا ليکڪ جي شخصيت جو آئينو آهن.‘ مضمُون کي عربيءَ ۾ ’مقالمه‘، پارسيءَ ۾ ’مقاله‘ ۽ انگريزيءَ ۾ ’اَيسَي‘، چئبو آهي. اهو انگريزي لفظ، فرينچ لفظ ’اِسائي‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’ڪوشش يا سعيو‘.“
انساني تاريخ ۾ مضمون نويسي ڪيتري پراڻي آهي. اهو سوال به اوترو ئي ڏکيو آهي، جيترو اِهو سوال ته دنيا ۾ ٻولين جا لکتي اظهارَ ڪيترا پراڻا آهن. دنيا جو پهريون لکتي اظهار يقيناً ڪا سادي عبارت ئي هوندو، پر اهو اظهار نثر ۾ هو؟ يا نظم ۾؟ ۽ ٻنهي مان جنهن ۾ به هو، ته ان جي صُورت ڇا هئي؟ ان جو ويس ڪهڙو هو؟ يا ان کي موجُوده صنفن جي لحاظ سان ڪهڙيءَ صنف جي ابتدائي شڪل سمجهي سگهجي ٿو. اهي اهڙا سوال آهن، جيڪي آهن ته ڏاڍا دلچسپ، پر انهن جا جواب اڻلڀ ۽ اڄاتلَ! اها ڳالهه به عام / سادي عقل (ڪامن سينس) هٿان تسليم ٿيڻ جوڳي آهي، ته دنيا ۾ مضمون نويسيءَ جو پهريون تجربو، ڪنهن قديم زبان ۾ ئي ٿيو هوندو ۽ ممڪنه طور تي اها ٻولي، دنيا جي چئن يا پنجن پراڻين تهذيبن منجهان ئي ڪنهن تهذيب جي ٻولي هوندي. پر جيستائين قلمبند ٿيل تاريخ جي ڏَسَ جو تعلق آهي، ته جديد زبانن منجهان، انگريزي ادب ۾ ’بِيڪن جا مضمُونَ‘، جيڪي 1579ع ۾ ڪتابي صورت ۾ (مونٽائگن جي مرتيي کان فقط پنج سال پوءِ) شايع ٿيا، جنهن ۾ سندس پهريان 10 مضمون به شامل هئا، اهو 1612ع ۽ 1625ع ۾ پڌرو ٿيل انگريزيءَ جو پهريون نثري ڪارنامو هو، جنهن کي ”مضمُون“ طور مڃيو وڃي ٿو. ’بين جانسن‘، 1609ع ۾ پهريون ڀيرو ان قسم جي نثري تحرير لاءِ ”مضمون“ جو اصطلاح ۽ ان جي تخليقڪار لاءِ ”مضمُون نگار“ جو لفظ استعمال ڪيو هو.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مُوجب ئي ”فرانس جو اديب ’مانٽين‘ مضمُون جِي صنف جو بانيڪار چيو وڃي ٿو، جنهن پنهنجي پيرسنيءَ ۾، 1571ع ڌاري دنيا کان پاسيرو ٿي، پنهنجي پوريءَ عمر جي مشاهدن جي آڌار تي مختلف موضوع کڻي، اُنهن تي ننڍڙا ننڍڙا شخصي (سَبجيڪٽِو) مضمون لکيا. ’مانٽين‘ پنهنجي ان قسم جي ڪوشش کي ’ايسائِي‘ جو نالو ڏنو، جيتوڻيڪ انهيءَ لکت ۾ ڪو فلسفيانه بحث نه هو، پوءِ به سندس اندازِ بيان ۾ هڪڙي بي ساختگي موجود هئي. فرانس مان اها صنف انگريزي ادب ۾ آئي، جتي ان صنف جو پهريون ليکڪ، ’لارڊ فرانسز بيڪن‘ سڏجي ٿو، جنهن جي مضمُونن جي ڪتاب ’بيڪنس ايسيز‘ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا قليچ بيگَ، ’مقالات الحڪمت‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمونن جي پهريَن (ابتدائي) ڪتابن مان چئي سگهجي ٿو.“
سنڌي ٻوليءَ توڙي ادب ۾ مضمون نويسي، انگريزن معرفت آئي. سنڌي ادب جي تاريخ سهيڙيندڙن، سنڌي مضمون کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. ان ڏس ۾ پهريون دؤر 1861ع کان 1900ع تائين، ٻيو دؤر 1900ع کان 1947ع تائين ۽ ٽيون دؤر ورهاڱي کان اڄ تائين جو ليکيو وڃي ٿو. يعني ايئن چئي سگهجي ٿو ته ’مضمون‘، گهڻين ٻولين وانگر سنڌيءَ ۾ به گهڻي پراڻي صنف ڪانهي ۽ ان جي شروعات سنڌيءَ ۾ به لڳ ڀڳ ان ئي دؤر ۾ ٿِي، جنهن زماني ۾ سنڌيءَ کان عمر ۾ گهڻي ننڍي زبان، اردوءَ ۾ نثر لکجڻ جو آغاز ٿيو. هوڏانهن اردُوءَ جو پهريون نثرنويس ۽ مضمُون نگار، سر سيّد احمد خان، 1857ع ۾ علي ڳڙهه ۾ ’انسٽيٽيُوٽ گزيٽ‘ ۽ ’تهذيب الاخلاق‘ رسالن ۾ اردوءَ ۾ پنهنجا ۽ بعد ۾ ٻين جا مضمون ڇاپي، اردوءَ ۾ مضمون نويسيءَ جا بنياد وجهي رهيو هو، ته هيڏانهن اسان وٽ سنڌي مضمون نويسيءَ جي ابتدا جا پيرا، ان کان لڳ ڀڳ 4 سال بعد 1861ع ۾ سنڌي صحافت جي شروعات کان سُتت پوءِ ملن ٿا. سنڌيءَ جي پهرين اخبار، مرزا محمّد صادق 1861ع ۾ جاري ڪئي. جنهن کانپوءِ ڪجهه وقت اندر ئي ٻيون اخبارون به جاري ٿيون، جن ۾ سنڌي مضمون ڇپجڻ لڳا. ان مُنڍ واري دؤر ۾ ”سرسوتي مخزن“ ۽ ”جوت“ جا مضمون ”هيري جون ڪهاڻيُون“ ۽ ”گُل ڦُل“ جي نالي سان شايع ٿيا. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ هن دؤرَ جو نمايان مضمون نويس ۽ مترجم ٿي اُڀريو. هن دؤر ۾ تحرير ٿيندڙ مضمونَ گهڻو ڪري سماجي، اخلاقي، تعليمي ۽ سير سيّاحت جي موضوعن تي مشتمل هئا. سنڌي مضمون جي ٻي دؤر ۾ (يعني 1900ع کان 1947ع تائين) پهرين دؤر کان وڌيڪ ڪم ٿيو ۽ وڌيڪ نثر نويسن ان صنف ۾ لکيو. ويهين صديءَ جي شروعات تائين سنڌيءَ ۾ ڳڻڻ جوڳي انگ ۾ رسالا ۽ اخبارون جاري ٿي چڪا هئا، جن جي نتيجي ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ ڪافي ترقي ڪئي ۽ هر نوع جا سنجيده، فلسفياڻا توڙي طنز ۽ مزاح تي ٻڌل مضمون لکيا ويا. هن دؤر جي مضمون نگارن ۾ شمس الدين ”بُلبل“، ڄيٺمل پرسرام، محمّد هاشم ”مخلص“، مولانا دين محمد وفائي، منگهارام ملڪاڻي، ميران محمّد شاهه اوّل، حڪيم فتح محمّد سيوهاڻي، شمس العلماء علامه ڊاڪٽر عمر بن محمّد دائُودپوٽو، محمّد اسماعيل عرساڻي ۽ ٻيا شامل آهن. هن دؤر ۾ ”چڻنگون“ (مصنف: تيرٿ سَنت)، ”ادبي غُنچو“ (مصنف: نارائڻ داس ڀمڀاڻي ۽ پروفيسر رام پنجواڻي)، ”ادبي آئينو“ (ليکڪ: ليکراج عزيز)، ”ڳوٺاڻي چَهر“ ۽ ”انار دانا“ (مصنف: نارائڻ داس ملڪاڻي)، ”سدا گلاب“ (ليکڪ: لال چند امر ڏنو مل)، ”درس ِعمل“ (ليکڪ: عثمان علي انصاري) جهڙا مضمونن جا مشهور مجموعا شايع ٿيا.
سنڌي نثر ۽ خاص طور مضمون جي ٽين دؤرَ (ورهاڱي کان اڄ تائين) تي نظر وجهبي، ته ننڍي کنڊ جَي ورهاڱي سان هن خطي تي پوندڙ منفي سماجي اثرن سان گڏ، هي ورهاڱو سنڌي ادب تي پڻ تمام گهڻو اثرانداز ٿيو. ورهاڱي سبب ڳچ ناميارن سنڌي اديبن توڙي ناشرن ۽ ڇاپي خانن جي مالڪن جي لڏي وڃڻ سبب، سنڌ جي ادبي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو. جنهنڪري سنڌي ادب جي ٻين صنفن سان گڏوگڏ مضمون نويسيءَ جي صنف کي به نقصان رسيو. اهڙيءَ صُورتحال ۾ بعد ۾ ”نئين زندگي“ ۽ ”مهراڻ“ جهڙن رسالن ۽ ادبي مخزنن، سنڌي مضمون نگاريءَ جي بقا ۽ واڌاري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو. تنهن کانپوءِ ٻين رسالن ۽ اخبارن پڻ سنڌي مضمون شايع ڪري، سنڌي مضمون نويسيءَ کي هٿي ڏني. سنڌي مضمون جي هن ٽين دؤر جي شروعات، محمّد اسماعيل عرساڻيءَ، ڪريم ڏني راڄپر، چيتن ماڙيوالا ۽ عطا حسين موسويءَ جهڙن سرموڙ مضمون نگارن جي قلمي پورهئي سان ٿي. جنهن کانپوءِ ميران محمّد شاهه ٻئَي، پير علي محمّد راشديءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پڻ ڪيترائي تاريخي مضمون لکيا. انهن ٽنهي دؤرن ۾ قلمي پورهيو ڪندڙ مضمون نويسن جي فهرست تمام طويل آهي، جن سڀني جا نالا هڪ ليک ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناهن.
اردوءَ جي بعد وارن نشانبر مضمون نويسن ۾ نواب وقارالمُلڪ، مولانا الطاف حسين حالي، چراغ علي، ماسٽر رام چند، محمّد حسين آزاد، مير ناصر علي، مُحسن المُلڪ، مولوي ذڪاءُ الله، مولانا عنايت رسول چڙيا ڪوٽي، علامه شبلي نعمانيءَ وغيره جا نالا اچي وڃن ٿا، جن اردوءَ ۾ مضمون توڙي انشائيه (مضمُون سان ملندڙ جُلندڙ صنف) لکي پاڻ ملهايو.
ماضيءَ جي ڳڙکيءَ جو طاق ٻيڪڙي، حال تي نظر وجهئون ته، اسان جي کوڙ سارن المين منجهان هڪ الميو اهو به آهي، ته اخبارن توڙي رسالن لاءِ نثر لکندڙ دوستن جي اڪثريت کي مضمون، ڪالم، آرٽيڪل، فيچر اسٽوري، ڪَوَر اسٽوري، لِيڊ اسٽوري وغيره ۾ فرق ئي معلوم ڪونهي. مون ورهن جا ورهه اخباري دنيا سان وابسته کوڙ سارن دوستن کي ”مضمون“ کي ”ڪالم“ ۽ ”فيچر“ کي ”مضمون“ چوندي ٻُڌو آهي. وڌيڪ افسوس جي ڳالهه ته اها به آهي ته کوڙ سارن ايڊيٽوريل صفحن ۽ رسالن جي ايڊيٽرن کي به ان تخصيص جي خبر ڪانهي! ان جو وڏو سبب اهو به آهي، ته نه اهي سيکارڻ وارا رهيا آهن ۽ نه ئي ان چاهه سان سِکڻ وارا...
اردوءَ جو سينيئر ڪالم نويس، حسن نثار چوندو آهي ته: ”جهيڙو، ڏُڌُ ۽ ڪالم، جيترو وڻي، ڊگهو ڪري سگهجي ٿو. جهيڙي ۾ نبيري جي ڳالهه ئي نه ڪريو، لسيءَ ۾ پاڻي وجهندا وڃو ۽ ڪالم ۾ هڪ جملي واريءَ ڳالهه کي 5 جملن ۾ طُول ڏئي لکندا وڃو، ته ٽئي جيترو چاهيو، ڇِڪي سگهو ٿا!“ ڪالم توڙي مضمون لکڻ ڪو ’هنر ناهي، بلڪه هڪ ’آرٽ‘ (فن) آهي ۽ هر ڪوئي آرٽسٽ (فنڪار) ڪونهي هوندو. اهو ئي سبب آهي، جو اسان کي روزانو پنهنجي اخبارن جي ادارتي صفحن تي، توڙي ماهوار ۽ پندرنهن وار رسالن جي سِينن تي مضمون ۽ ڪالم ته لاتعداد پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، پر انهن مان هر ليکُ، ’فنپاري‘ طور تاريخ جو حصّو ڪونه ٿو بڻجي.
اسان جو دوست ۽ اڀرندڙ اديب ۽ استاد، سرمد کوسو، مٿين وصفن ۽ ڪسوٽيءَ مطابق، بجا طور تي ’مضمون نويسيءَ جي آرٽ ڄاڻندڙ‘، سنڌيءَ جو هڪ ذميوار ۽ سيبتو مضمُون نويس آهي، جنهن جي مضمونن جو هي ٻيو مجموعو ”سڙيا مٿي سچَّ“ پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، جنهن ۾ ڇپيل سمُورا مضمون، گذريل چند سالن ۾ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ پنهنجي پنهنجي وقت جي مناسبت سان اهميت جوڳن مامرن ۽ مسئلن کي موضوع بڻائي لکيل آهن. جيتوڻيڪ اهي سمورا مضمون اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکيل آهن، پر اسان مان جن دوستن جي ڪيريئر ۾ صحافت هڪ ڪُل وقتي ڪرت رهي آهي، انهن جي پنهنجن ادارن لاءِ لکيل ڪالمن توڙي مضمونن جي لکڻ جي انداز توڙي ’ٽيمپرامينٽ‘ ۾، ۽ سرمد جهڙي دوست جي مضمون لکڻ واري تخليقي عمل ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، ڇاڪاڻ ته ڊيسڪ تي جنهن وٺ پڪڙ ۾ محدود وقت (ڊيڊلائن) اندر مضمون لکي فائيل ڪرڻو هوندو آهي، ان لکڻيءَ ۾ تحمّل توڙي جامعيت جي اڻهوند کي هر حساس (گهري مشاهدي وارو) پڙهندڙ آسانيءَ سان پرُوڙي سگهي ٿو. جنهن جي ابتڙ، سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ به بدرجهء اُتم موجود آهي.
ٻه سال اڳ، جڏهن سرمد کوسي جو تعليمي مضمونن تي مشتمل، پهريون ڪتاب ”تنين کي تعليم جِي“ شايع ٿيو هو، ته مونکي ان ڳالهه جي خوشي ته ٿي ئي هئي ته سرمد، ’صاحبِ ڪتاب‘ ٿي ويو، پر مونکي ان ڳالهه جي وڌيڪ خوشي ٿي هئي، ته اسان وٽ تعليم جي مسئلن متعلق لکڻ وارا آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ آهن ۽ هڪ اهڙو ليکڪ، جنهن جو پاڻ تعليم جي شعبي سان سنئون سڌو تعلق آهي، جيڪو ان شعبي جي مسئلن کي ’اندر ويٺل‘ جي نگاهه سان ڏسِي ۽ پَسِي سگهي ٿو، ان کان بهتر انهن مسئلن تي ٻيو ڪير لکي سگهي ٿو! مون ان خواهش توڙي اميد جو اظهار، سرمد جي اُن پهرين ڪتاب تي اردوءَ ۾ تبصرو لکندي به ڪيو هو، ته هُو اسان جهڙي پٺتي پيل مُلڪ جي گهٽ ۾ گهٽ ترجيح واري شعبي، تعليم جي حوالي سان لکندو رهندو ۽ ان جي مسئلن کي اُجاڳر ڪندو رهندو. سرمد جي پنهنجي تعليمي نظام جي ان حد تائين فڪرمنديءَ کي ڏسندي کيس فقط ”استاد“ چوڻ ڪافي ناهي، بلڪه هُو يقيناً هڪ ذميوار ۽ فرض شناس ”تعليمدان“ آهي، جنهن کي نه فقط هن تعليمي نظام کي سُڌارڻ جو اونو ۽ اُلڪو آهي، بلڪه ان جي سُڌارَ ۽ سنوارَ لاءِ وٽس نِت نوان حل به آهن.
اها حقيقت آهي ته اسان جي يونيورسٽين مان هر سال ”فائين آرٽس“ جِي ڊگري وٺندڙ سڀ شاگرد، چترڪار يا مصوّر ناهن بڻجي سگهندا. هر سال مختلف ٻولين جي ادب ۾ ماسٽرس ڪندڙ سڀ شاگرد، اديب ناهن ٿي سگهندا، هر سال صحافت توڙي ميڊيا سائنس ۾ ڊگريون وٺندڙ هزارين نؤجوانَ، عملي ميدان ۾ صحافي يا ’اينڪر‘ ناهن بڻجي سگهندا ۽ هر سال اليڪٽريڪل، اليڪٽرانڪ يا مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردَ، سائنسدان ناهن بڻبا، انڪري ضروري ناهي ته هر استاد يا ايجوڪيشن جي ڊگري حاصل ڪندڙ ’بي. ايڊ‘ ۽ ’ايم. ايڊ‘ ڪندڙ هر فرد، هڪ ”تعليمدان“ به هجي ۽ ههڙي دؤر ۾، جتي ڪوئي لکين روپين جي نوٽن جُون دستيُون، سياسي منڊيءَ ۾ کڻي پنهنجي لاءِ سرڪاري بيلداري ’خريد ڪرڻ‘ وڃي ۽ کيس انهن ڏوڪڙن عيوض ماستريءَ جو آرڊر پڪڙايو وڃي، ته اهڙي دؤر ۾ اوهان ڪيترا تعليمدان پنهنجي آسپاس ڳولي سگهو ٿا؟ ان اُوندهه انڌُوڪار ۾ سرمد کوسي جهڙو فرض شناس، حساس، پنهنجن شاگردن سان پنهنجي گهر ڀاتين وانگر پيار ڪندڙ، سندن مستقبل جي باري ۾ فڪرمند استاد، جنهن جِي پنهنجَي کاتي جي اوڻاين توڙي تعليمي نظام تي گهري نظر هجي ۽ هُو انهن منجهه سؤلن قدمن تي مشتمل سڌارن جو نه فقط تمنائي هجي، بلڪه پنهنجي وسَ آهر، انهن لاءِ ڪوششن ۾ به هجي، ان کي ته مان پوري ذميواريءَ سان هڪ ”فرض شناس تعليمدان“ سمجهندس، جنهن کي هر وقت پنهنجي قوم جي مستقبل جو اونو لڳل آهي.
مونکي سرمد جي هن ٻئي ڪتاب جِي سندس پهرين ڪتاب کان وڌيڪ خوشي آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جي موضوعن ۾ اسان جا اُهي سماجي ۽ معاشرتي موضوع شامل آهن، جيڪي هن دؤر جا ٻرندڙ سياسي، سماجي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا آهن، جن جو تعلق سنئون سڌو عام ماڻهوءَ سان آهي. اِهي اُهي موضوع ۽ مسئلا آهن، جن تي لڳ ڀڳ هر حساس ۽ هن معاشري لاءِ فڪرمند ماڻهو، نه رڳو سوچي ٿو، بلڪه پنهنجي وس آهر لوچي به ٿو. بقول شيخ اياز جي ته ”سوچَ، لوچَ بنان ايئن اجائي آهي، جيئن لوچَ، سوچَ بنان...“
هن ڪتاب ۾ شامل موضوعن منجهان به ڪجهه موضوع سنوان سڌا تعليم سان وابسته آهن، جڏهن ته ڪجهه ۾ اڻ سڌيءَ طرح تعليم جو ذڪر آهي، يا انهن مسئلن جي اسان جي تعليمي نظام ۽ زيرِ تعليم شاگردن تي پوندڙ اثرن جو ذڪر آهي. هن ڪتابن ۾ ننڍا وڏا، 27 موضوع شامل آهن ۽ سڀ جا سڀ هن وقت جا ٻَرندڙ موضوع آهن، جن ۾ ”پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباهي“، ”پَسيو بازارون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي! “، ”نوڪريءَ جي نالي ۾ نؤجوانن سان ٿيندڙ مذاق“، ”تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال“، ”سماجي لاتعلقي“، ”لولي پاپ ۽ اھم اشُوز“، ”سياسي مانڌاڻ جو انت ڪٿي ٿيندو؟“، ”وڌندڙ آدمشماري ــ ملڪ لاءِ ھڪ وڏو چيلينج“، ”سنڌ ۾ وسڪارو ــ رحمت؟ يا زحمتَ؟“، ”نؤجوان نسل کي تباھيءَ کان بچايو! “، ”گلوبل وارمنگ ۽ سنڌ“، ”ٻيلن جي تباھي، ماحول لاءِ خطرناڪ آھي“، ”بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ”ڄار“ جي وڻ جي نسل ڪُشي“، ”سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ“، ”ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار“، ”سياسي واعدا ۽ معصُوم عوام“، ”ٻه ننڍڙيون تصويرون ــ ٻه وڏا دَرد“، ”فيس بڪ تي تڏو وڇائڻ“، ”ديس جي تباھيءَ جا ڪارڻ“، ”ٻار، وڏن کان ئي سِکن ٿا“، ”ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا“، ”ٻه اکر:ٻه اکر پڙهيل ماڻهن ۽ اڄوڪي تعليمي معيار بابت“، ”ادبي ميلا ۽ مچ ڪچهريُون“، ”ڪورونا ۽ اسان جو تعليمي نظام“، ”اوهان عام ماڻهوءَ کي پنهنجو سمجهيو ئي ڪڏهن آهي!؟ “، ”وبا ۽ وري کُلندڙ تعليمي ادارا“۽ ”ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي“ جهڙا اهم موضوع شامل آهن. ڪوبه پڙهندڙ، هنن مضمُونن کي پڙهڻ کان اڳ ئي فقط ان جي عنوانن مان اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو، ته سرمد هن دؤر جي ڪهڙن ڪهڙن اهم موضوعن کي ڇُهيو آهي، جن تي نه رڳو لکيو ۽ ڳالهايو گهٽ ٿو وڃي، بلڪه انهن بابت مجموعي طور تي سياستدانن کان وٺي سِول سُوسائٽيءَ تائين ڳڻتي به نالي ماتر ڏسڻ لاءِ ملي ٿي. جيڪا اخبار کوليو، جيڪو به ٽي وي نيُوز چينل ڏسو، ان ۾ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ فضول بحث فقط سياست.... سياست... ۽ سياست تي ئي ٻُڌڻ لاءِ ملندو. سياست ۾ به عالمي سطح تي ڇا پيو وهي واپري، ان کان آگاهه رکڻ اسان جي ميڊيا پنهنجو فرض سمجهي ئي نٿي! بلڪه پاڪستاني سياست جي ماٽيءَ ۾ روز جيڪا ساڳئي نوعيت جي مانڌاڻي پئي ڦري، ۽ ان مهيءَ جي گردش جي ڪري، جيڪي اُگرا آواز نڪرن پيا، اُهي ئي پڙهندڙن توڙي ڏسندڙن تائين پهچائي اخبارن توڙي ايئرٽائيم جو پيٽ ڀريو پيو وڃي، جڏهن ته گلوبل وارمنگ، ماحولياتي گدلاڻ، بي شعوريءَ جي واڌ، تعليم جي تباهيءَ، بنا ڪنهن تناسب جي وڌندڙ آدمشماريءَ، فوري طبي امداد، روڊ سيفٽيءَ، صحت جي مسئلن توڙي ٻين سماجي مامرن تي نه ڪي خاص ڳڻائن جوڳا پروگرام ٿا نشر ٿين، نه ئي اخبارن رسالن ۾ انهن موضوعن تي تواتر سان لکيو ٿو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن ڀاسندو آهي ته هن معاشري جو پهريون ۽ آخري موضوع اسان جِي منافقت تي ٻڌل سياست ئي رهجي وئي آهي، اهڙيءَ صُورتحال ۾ سرمد کوسي جو دردمند قلم، اهڙن حساس ۽ وقت جي اهم ترين موضوعن تي جُنبش ۾ اچي، نه فقط پنهنجو فرض ٿو نباهي، بلڪه ٻين ليکڪن کي تقليد جي دعوت به ڏئي پيو. هن ڪتاب ۾ شامل مٿي ذڪر ڪيل مضمونن منجهان 5 جو تعلق سنئون سڌو نؤجوانن سان آهي، 4 مضمون ڪورونا جي صورتحال تي لکيل آهن، جن منجهان 3 سنوان سڌا ڪورونا جي لاڪڊائون سبب پيدا ٿيل تعليمي حرج کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تعليم جي حوالي سان انهن صلاحن تي ٻڌل آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان گهٽ وقت ۾ کُلندڙ تعليمي ادارن ۾ وڌ ۾ وڌ ان موڪل واري حرج کي پورو ڪري سگهجي ٿو. ڪتاب ۾ شامل مضمونن مان 4 مضمون گلوبل وارمنگ سبب ٻيلن توڙي زراعت تي پوندڙ اثرن ۽ ان سبب ٿيندڙ بي وقت ۽ جهجهين بارشن جي حوالي سان آهن، هڪ مضمون آدمشماريءَ جي ٻرندڙ مسئلي، ٻه مضمون ڪتاب دوستيءَ، ٻه مضمون سوشل ميڊيا توڙي روايتي ميڊيا جي غلط ٽرينڊس ۽ ان تي ٿيندڙ ٻوليءَ جي بگاڙ تي ڳڻتيءَ بابت آهن، جڏهن ته باقي مضمون به مختلف اهم موضوعن تي لکيل، فڪر جي دعوت ڏيندڙ ليکَ آهن. سرمد جي انهن مڙني موضُوعن ۾ هڪ عنصر اوهان کي مُستقل ۽ ڀرپُور نظر ايندو، اهو عنصر آهي ”احساس“... هڪ ذميوار شهريءَ جي حيثيت سان قوم جي وسيلن جو احساس... ۽ عام ماڻهوءَ کي نه ملندڙ حقن تي افسوس ۽ ڳڻتيءَ جو احساس... سماج سان پيار ڪندڙ جي حيثيت ۾ سماجي قدرن جي وڃائجڻ جو احساس ۽ ان بابت ڳڻتي... سِول سُوسائٽيءَ جي هڪ ميمبر هجڻ جي ناتي اسان ۾ سرايت ڪري ويندڙ معاشرتي بيمارين جي مُوذي هجڻ ۽ انهن جي نتيجي ۾ اسان جي مجموعي ڪردار جي پَستيءَ جو احساس... ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پريمي هجڻ جي حيثيت ۾ ثقافتي قدرن جِي لتاڙ ۽ ٻوليءَ جي بگاڙ جو احساس... سماجي اخلاقيات جي پرچارڪ جي حيثيت ۾ اسان جي مجموعي اخلاقي پستيءَ جو احساس... هڪ تعليمدان جي حيثيت ۾ اسانجي تعليمي نظام جي تباهيءَ جو احساس... ۽ ٻيا ان جهڙا نه ڄاڻ ڪيڏا املهه احساسَ...
سرمد رڳو مسئلن جو ماتم ڪري ويٺو هَٿَ نٿو مَلي، بلڪه انهن مسئلن جا ممڪنه حل به ڏَسي ٿو. هڪ ته مسئلن جي نشاندهي ڪندي هو ايڏي سؤلي نموني، نُڪتن جي صُورت ۾ 1، 2، 3 ڪري هر مسئلي کي اُجاڳر ڪري ٿو، جو پڙهندڙ جي شعُوري سطح ڪهڙي به هجي، ان لاءِ ان مسئلي کي سمجهڻ مشڪل نٿو رهي. وري ان مسئلي جي حل لاءِ به هُو پوائنٽس جي صُورت ۾ حلَ پيش ڪري ٿو، ته فلاڻي مسئلي جو حل نمبر 1 هِي، نمبر 2 هي، نمبر 3 هي ۽ نمبر 4 هي ٿي سگهي ٿو. ان طرزِ تحرير سان، سندس هر تحريرنه رڳو سمجهڻ ۾ سَنهنجي ٿي پوي ٿي، بلڪه سندس هر تحرير انهن مسئلن تي حڪومتي قانون سازيءَ ۾ به مدد ڏئي سگهي ٿي. ان عمل سان سرمد ڄڻ ته پنهنجي نڪتهء نگاهه جي اظهار سان وسَ وارن ۽ پاليسي سازن کي مفت صلاحُون ڏنيون آهن، ته فلاڻي مسئلي جي حوالي سان فلاڻا فلاڻا زاويا به ٿي سگهن ٿا (جن تي ٿي سگهي ٿو اوهان نه سوچيو هجي!) ۽ ان جا حلَ هِي، هِي ۽ هِي به ٿي سگهن ٿا (جن طرف شايد اوهان جو ڌيان نه ويو هجي!) مثال طور: ان جو هڪ سادو مثال مان اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ته ڪورونا جي وبا جي ڦهلاءَ کان وٺي، ان جي زور پڪڙڻ، پهرين ٻين ۽ ٽين لهر دؤران ان موضوع تي مونکي به مختلف ٻولين ۾ مڪاني توڙي بين الاقوامي ليکڪن ۽ صحت جي ماهرن توڙي سوشل سائنسدانن جا لکيل لاتعداد مضمونَ، ريسرچ اسٽڊيز، فيچرَ ۽ آرٽيڪل پڙهڻ لاءِ مليا آهن ۽ مون خود مختلف ٻولين ۾ براهِه راست ان موضوع تي لکيو به آهي ۽ لکان به پيو، پر منهنجو ان بنيادي مسئلي ۽ ”مصيبت“ طرف نه ڪڏهن ڌيان ويو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن مضمون يا اسٽڊيءَ ۾ ان جي نشاندهي پڙهيم، جيڪا سرمد پنهنجي ڪتاب جي مضمُون ”ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي“ ۾ ڪري ٿو، ته: ”مان سمجهان ٿو ته اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ لاڪڊائون جي ڪري ۽ ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿيڻ يا بيروزگار ٿيڻ جي ڪري، ڪافي ٻار هاڻي واپس اسڪول نه وڃي سگهندا. اُنهن جو تعليمي سفر اِتي ئي ختم ٿيو. ڇو ته انهي دؤران انهن ٻارن مان گهڻا پنهنجي والدين جي مدد خاطر مزدورين کي لڳي ويا. هونئن به اسان وٽ ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي. جيڪي ٻار وڏين ڪوششن سان اسڪول وڃن ٿا،اهي به هِن وبا ۽ ڊگهيءَ موڪل جي ڪري وري نه وڃي سگهندا! اسڪول يا ڪاليج ۾ واپس اچي سندن تعليمي عمل شروع ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي!“
جيڪڏهن ڪورونا جي نڪتهء نظر کان جُڙندڙ تعليمي رٿا ٺاهيندي، مٿي ذڪر ڪيل نُڪتو خاص طور نظر ۾ رکيو وڃي، ته اسان جي تعليم کاتي پاران ٻهراڙيءَ جي ٻارن لاءِ جوڙيل تعليمي پاليسيءَ جو زاويو ئي مَٽجي وڃي! ان کانسواءِ به سرمد، هر مسئلي کي ڏسڻ جو الڳ زاويو پيش ڪري ٿو ۽ ان جا اهي ممڪن حل ڏئي ٿو، جيڪي شايد عام ذهنن ۾ نه اچي سگهن.تعليم سان واڳيل هڪ فرض شناس ۽ نون خَطن تي سوچيندڙ استاد جي حيثيت سان سرمد ”تعليم ۾ ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال“ جي موضوع سان پنهنجي مضمون ۾ هر سطح جي ٻار لاءِ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي، سهڻيون صلاحون ڏيندي، هيٺيان اهم نڪتا بيان ٿو ڪري:
”ــ اڄ جي ٻار جو ڪلاس روم کان ٻاھر گھڻو وقت ٽيڪنالاجيءَ سان لاڳاپيل شين (گيجيٽس) کي استعمال ڪرڻ ۾ ٿو گذري، انڪري اھو ٻار چاھي ٿو ته کيس سندس نصابي سرگرميون به ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان ڪرايون ۽ سمجھايون وڃن.
ــ اڄ جي دؤر جا استاد به ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪن ٿا ۽ سندن اھا گھُر ھوندي آھي ته ڪلاس روم ۾ ٽيڪنالاجيءَ سان متعلق آلا موجود ھجڻ گھرجي. مثال طور: اڄ جا اڪثر استاد ملٽي ميڊيا ذريعي ليڪچر ڏيڻ ۽ ٻارن کي مختلف مضمون سمجھائڻ کي اوليت ڏين ٿا. جنهن ۾ مختلف موضوعن سان سلهاڙيل تصويرون توڙي ويڊيوز ان موضوع کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ مدد ڪن ٿيون. ڏٺو ويو آهي ته ان سان شاگرد به ڪلاس ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺن ٿا.
ــ ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان هر شاگرد کي سندس سمجهڻ جي رفتار موجب سمجھائي سگھجي ٿو. ڇو ته ڪجهه ٻار تيزيءَ سان سمجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ته ڪجهه شاگرد وري سمجهڻ ۾ ٿورو وقت وٺن ٿا. ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال سان انهن ٻارن کي اھي شيون وري وري ڏيکارڻ ۽ دلچسپ انداز ۾ سمجھائڻ ممڪن آهي.“
ڪڏهن هُو ”لالي پاپ ۽ اهم اشُوز“ جي عنوان تحت لکيل مضمون ۾ پاڪستاني ميڊيا پاران ’نان اشُوز‘ کي ’اشُوز‘ بڻائي، هفتن جا هفتا عوام جو اصل مسئلن تان توجهه هٽائي، 2011ع دؤران ڪرڪيٽ ڊپلوميسيءَ جهڙن جُهنجهڻن (ڇِمڪڻن) سان عوام جو ڌيان مٽائڻ واري عمل کي ننديندي، ڌرتيءَ جو درد جو اظهاريندي، عوام کي جاڳڻ جو ڏسُ ٿو ڏئي، ته ڪڏهن سندس قلم ”سماجي لاتعلقيءَ“ نالي لکيل ليک ۾ عوام جي اڪثريت پاران اجتماعي مسئلن جا انفرادي حلَ ڳولي، پنهنجيون زندگيون جنت بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ معاشري جي اهڙن فردن جي بي حسيءَ تي لڙڪ لاڙي ٿو، جيڪي انهن معاشرتي مسئلن جو حل تلاش ڪري سڀن لاءِ زندگي گلزار بڻائڻ بدران، پنهنجا گهر گلشن بڻائن ٿا ۽ عام ماڻهن جا مسئلا سندن بي حسيءَ سبب جيئن جو تيئن رهن ٿا ۽ سماج نٿو سُڌري.
”بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ ”ڄار“ جي وڻ جي نسل ڪُشي“ جهڙي اهم موضوع طرف نشاندهي ڪندي سرمد رقم طراز ٿئي ٿو:
” ’ڄار‘ جو وڻ ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪ ’مٺِي ڄار‘ ۽ ٻئي ’کارِي ڄار‘. مٺِي ڄار ته سنڌ ۾ ٻين به ڪافي علائقن ۾ ملي ٿي، پر کارِي ڄار رڳو بدين ۽ ٺٽي ضلعي ۾ عام جام ملي ٿي. اها کارِي ڄار وري مختلف ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿي ۽ ان ڪري وڍجي به وڌيڪ ٿي. هن جي پاڙ ۾ ڪافي ڪيميڪلز ۽ تيزاب ملن ٿا، جيڪي مختلف طبّي مقصدن لاءِ استعمال ٿين ٿا. هن جِي پاڙ مختلف دوائن توڙي ٽُوٿ پيسٽ ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿي، ته ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن وڻ جي ٽارين کي ڏندڻ طور به استعمال ڪن ٿا. هن وڻ جو ڪاٺ گهرن ٺاهڻ جي به ڪم اچي ٿو. هي وڻ اُٺن سميت ٻين جانورن جي پسند جو چارو به آهي. انهن سمورن سببن جي ڪري هر ڪو هن وڻ کي وڍڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي. کارِي ڄار جي پاڙ وڌيڪ قيمتي هُجڻ ڪري، هن کي پاڙ کان وڍيو ويندو آهي، جنهن سان هن وڻ جي نسل ڪُشي ٿي رهي آهي. هن وڻ کي وڏو ٿيڻ ۾ لڳ ڀڳ 20 سال لڳي ويندا آهن، تنهنڪري هاڻي نوان وڻ ته ماڻهو پوکين ئي نٿا، باقي جيڪي وڻ اڳي موجود آهن، اهي به تمام تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن. واهن جي کوٽائيءَ دؤران به هنن وڻن جو ڪو خيال ناهي رکيو ويندو ۽ واهن جي ڪپن تي موجود کارِيءَ ڄار جي وڻن کي وڍيو ويندو آهي. اڳي ڄارين جا وڏا ٻيلا ۽ ڍورا هوندا هئا، پر هاڻي اهو وڻ ورلي نظر اچي ٿو!“
”گلوبل وارمنگ ۽ سنڌ“ جي عنوان سان پنهنجي لکيل مضمون ۾ سرمد، نه فقط عام پڙهندڙن کي ”گلوبل وارمنگ“ جهڙي عالمي آفت بابت آگاهي ٿو ڏئي، بلڪه ان جي مڪاني اثرن بابت ذڪر ڪندي، ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي رُوداد بيان ڪندي ٻُڌائي ٿو، ته: ”سال 1999ع ۾ آيلَ سامونڊي طوفان، بدين ۽ ٺٽي ضلعي کي تباھه ڪري ڇڏيو. 2001ع ۾ زلزلو آيو. 2003ع ۾ ’ايل بي او ڊي‘ (سِمَ نالي) ماڻهن کي ٻوڙَي ماريو. 2006ع ۽ 2007ع ۾ تباهه ڪُن برسات، حيدرآباد شهر کي ٻوڙيو. 2007ع ۾ ڪراچيءَ ۾ تيز هوائن لڳڻ سبب ڪافي بلبورڊ (وڏا سائن بورڊَ) ڪِرڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. ساڳئي ئي سال بلوچستان ۾ به ٻوڏ آئي. جنهن جي پاڻيءَ سنڌ ۾ دادوءَ، قنبر، خيرپور ناٿن شاهه، شهدادڪوٽ ۽ ٻين پسگردائيءَ جي شهرن توڙي ڳوٺن کي نقصان پهچايو. پر پوءِ به اسان الائي ڪڏهن سبق حاصل ڪنداسين!“
”وڌندڙ آبادي ـ ملڪ لاءِ هو وڏو چيلينج“ جي موضوع تي لکندي، سرمد، عالمي آباديءَ کي پاڪستان جي آباديءَ سان ڀيٽيندي، اسان جي آبادي وڌڻ جي سببن ۾، پنهنجي دانست مُوجب تعليم جي گهٽتائيءَ، گرم موسم، ننڍيءَ عمر ۾ ڪرايل شاديُن، وندر ۽ تفريح جي گھٽتائيءَ، علاج ۾ بھتريءَ، وبائن ۽ آفتن تي ضابطي، گھڻين شادين ڪرڻ جي رجحان، پُٽ پيدا ڪرڻ جي خواھش، جاگيرداراڻي نظام، ٻارن ۾ مؤت جي شرح جي گھٽجڻ، ٻھراڙين ۾ وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي سوچَ، سياسي سھارَي ۽ خانداني منصوبه بنديءَ تي عمل نه ڪرڻ جهڙن 13 موضوعن کي ڳڻي ٿو. جڏهن ته ان جي نقصانن طور: وسِيلن جي زيانَ، بيروزگاريءَ، ماحولياتي بگاڙ، جھالت، حادثن، نفسياتي مونجھارن جهڙن 6 موضوعن کي’لائين اَپ‘ ڪري، اُن جي حل لاءِ هيٺيان ۽ ڪجهه ٻيا نُڪتا تجويز ڪري ٿو:
”1 ــ اسان آباديءَ جي مقدار کي گھٽائي، معيار کي وڌائڻ طرف سنجيدگيءَ سان ڌيان ڏيون.
2 ــ تعليم، آگاھيءَ ۽ شعور جي ڦهلاءَ طرف توجهّه ڏيون.
3 ــ اسان ايمانداريءَ سان پنھنجن ادارن جي سنڀال ڪريون.
4 ــ آبادي گھٽائڻ جو ڪم رڳو خانداني منصوبا بنديءَ واري کاتي (پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ) تي نه ڇڏيون، بلڪه پاڻ به ان طرف سچائيءَ سان ڌيان ڏيون ۽ مثبت ڪوششون وٺون.“
مان هن مهاڳ ۾ ”ڪجهه ٻڌائي به ڪجهه نه ٻُڌائڻ“ ۽ ”ڪجهه نه ٻڌائي به ڪجهه ٻڌائڻ“ واري تحريري حِڪمت اختيار ڪندي، پڙهندڙن لاءِ هن سمُوري ڪتاب کي پڙهڻ جي تشنگي ڇڏڻ چاهيان ٿو، ته جيئن هي مُهاڳ هن ڪتاب جي فقط اهم عڪسن جو آئينو ئي رهي ۽ ”سَڙيا مٿي سچَّ“ جا باقي رنگ پَسڻ لاءِ پڙهندڙ پاڻ هي سڀ جا سڀ 27 مضمُون پڙهي، انهن دردن جو اونو به ڪري ته انهن جو درمان بڻجڻ جو سعيو به!
هن ڪتاب جي نالي مان ئي ظاهر آهي، ته سرمد اهي سڀ سچَّ قلمبند ڪندي، اُنهن سماجي مسئلن تي فڪرمند ٿيندَي، اُن تڪليف مان پاڻ به گذريو آهي ۽ پاڻ ساڙَي، پنهنجي قلم کي مشعل ڪري، سُهائو ڪيو اٿائين، ته منَ! هيءَ معاشرتي اُوندهه ”واڪا ڪرڻ وس مُون، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو...“ جي مصداق، ٽرِي پئي! ۽ ڇهني ڏِسائن ۾ ڏاهپ، شعُور، دردمنديءَ، قومي اصلاح ۽ پنهنجين غلطين کي درست ڪرڻ جا اُجالا اُڀري پون ۽ هر اک ۾ اصلاح جي چمڪَ جاڳي پوي.
سرمدَ کوسي، استاد بخاريءَ جي هنن سٽن وانگر، جلِي جلِي اُجالو ڪيو آهي. اچو ته سندس فڪر ۽ فڪرمنديءَ جِي لاٽ مان لاٽ ٻاري، هن ٻاٽ کي ٽارڻ ۾ ساڻس پنهنجو پنهنجو ڀاڱو ڳنڍيُون:
ٻَرِي ٻَرِي ٿو ڪيان اُجالو
لُڇِي لُڇِي ٿو لکان جمالو
کِلي پُڇين ٿو؟ ته ڪيئن هلان ٿو؟
جيئين هلي ٿو جهان!
سَٺو گهڻو ٿَم زيان...


ياسر قاضي
مورڙي جو شهر ـ ڪراچي
مقصود گل جي مهيني (اپريل) جي ڇَهين پرهَه
اڱارو، 6 اپريل 2021ع
27 چيٽُ 2078 بڪرمي / سنبت