اوهان عام ماڻهوءَ کي پنهنجو سمجهيو ئي ڪڏهن آهي!؟
•پهرين ڳالهه: ته اسان وٽ عام طور تي ڏٺو ويو آهي، ته هر ماڻهو، پنهنجو پاڻ کي هر علم جو ماهر سمجهي، مفت جا مشورا ڏيندوٿو وتي! پاڻ عملي طور ڪندو ڪجهه به ڪونه! ٿوري گهڻي ڳالهه تي اجايا بحث ڪرڻ جو شينهن!
•ٻي ڳالهه: ته افسوس سان اظهارڻو ٿو پوي ته غير تصديق ٿيل خبرون ڦهلائي ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪرڻ هاڻي اسان جو سماجي مرڪُ بڻجي ويو آهي. هر پنج منٽن کانپوءِسوشل ميڊيا تي اهڙِي پوسٽ اَپ ڊيٽ ڪرڻ ضروري ٿو سمجهيو وڃي ته ڪورونا جا ملڪ ۾ يا سنڌ ۾ هيترا ڪيس ٿي ويا... هيترا فوت ٿي ويا... فلاڻ ٿي ويو... وغيره... وغيره... اوهان وٽ ڪا چڱي خبر ونڊڻ لاءِ ڪونهي! ته خاموش به رهي سگهجي ٿو. باقي اڄڪلهه جي انٽرنيٽ جي دؤرَ ۾ اهي انگ اکر ڪنهن لاءِ به معلوم ڪرڻ ڪو مسئلو ڪونهي!اوهان کان پڇڻ وارو اصل سوال ته اهوٿو ٺهي ته، انهن حالتن ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ اوهان ڪهڙو چڱو ڪم ڪيو آهي!؟
•ٽين ڳالهه ۽ سڀ کان اهم ڳالهه: ته، هر طرف اِها ’گهوڙا... گهوڙا...‘ آهي ته:”ماڻهو مڃن ئي نٿا... ماڻهو لاڪ ڊائُون دؤران به گهرن ۾ ويهن ئي نٿا... ماڻهو سرڪار سان سهڪار نٿا ڪن...“ وغيره وغيره...
منهنجي خيال ۾ اِهو چئي ڇڏڻ ته ڏاڍو سؤلو آهي، پر پورهيت طبقي جي درد کي محسوس ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. انهن ماڻهن سان حڪومت ۽ نام نهاد سڄاڻ ڌرين ڪهڙو سهڪار ڪيو آهي!؟ اهي سڀ ڌريون پورهيت طبقي کان تمام وڏي وقت کان لاتعلق آهن. پورهيت جي گهر جي چُلهه ڪيئن ٿي ٻري! اها ته انهن کي خبر ئي ناهي! اِهو درد اُهو ئي ڄاڻي ٿو، جنهن جا ٻچا بُکيا سمهن ٿا. ٻيو اِهو به اڄڪلهه عام جام ٿو چيو وڃي ته: ”ماڻهن ۾ صفائيءَ توڙي صحت جي اصُولن تي عمل ڪرڻ جُون فضيلتون ناهن!“ مڃون ٿا منجهن فضيلت ناهي، پر اِن طرف (ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت طرف) ڪهڙيءَ حڪومت ڪڏهن ڌيان ڏنو آهي؟ انهن تي جيڪڏهن ڌيان ڏنو وڃي ها، ته شايد اڄ حالتون مختلف هجن ها!
تعليم، شعور ۽ بنيادي سهولتن کان محروم ماڻهن مان اِهي اميدون ڪرڻ اجايو آهي، ته هُو سهڪار ڪندا. جن وٽ سڀ ڪجهه آهي، اهي مختلف صلاحون ٿا ڏين، ته:”لاڪ ڊائون ۾ ڪتاب پڙهو، موسيقي ٻڌو، ٻارن ۽ بُزرگن سان ڪچهريون ڪريو، ورزشون ڪريو“ وغيره... مڃون ٿا! ته اهي سموريون ڳالهيون ڀليُون آهن، پر جنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه نه هجي! هڪ ڪمري واري گهر ۾ چويهه ڪلاڪ پنج ڇهه ڀاتي جانورن وانگر واڙيل هجن، ته توهان پاڻ ٻڌايو، اهي ڪهڙا ڪتاب پڙهندا ۽ ڪهڙيون موسيقيُون ٻڌندا! يا ڪهڙيُون ڪچهريون ڪندا!!
حڪومت جي هن وقت وٺ وٺان لڳي پئي آهي، ته ’ايمرجنسي آهي!‘ مون ته پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ هتي ايمرجنسيءَ واري صُورتحال ئي ڏٺي آهي. ڪا شئي، ڪو ادارو، ڪو کاتو صحيح ڪم ڪري پيو!؟ ڪو به نه!! سڀ پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پُورا آهن. هاڻي اچي سڀني کي هيءَ گهڙي ڏُکي لڳي آهي، ته همراهن کي فضيلتون ۽ اجتماعي سهڪار ياد آيا آهن. نه رڳو اها وبا، پر هي سماج ته وڏي عرصي کان انيڪ معاشرتي ۽ اخلاقي بيمارين ۽ وبائن جي ور چڙهيل آهي. ڪڏهن ڪنهن اهو نوٽ ڪيو آهي؟ ۽ ان تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي؟ ته بُک وگهي ڪيترا ماڻهو مَرن ٿا؟ جرَ جو پاڻي کارو ٿيڻ ڪري سنکيي،ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ڪيترا گهر اجاڙي ڇڏيا آهن! ڪڏهن انهن جا انگ اکر ڪنهن ايئن گڏ ڪيا آهن؟ ڪڏهن به نه!!
آءٌ يقين سان چوان ٿو، ته جيڪڏهن ڪورونا رڳو پاڪستان ۾ هجي ها ۽ ٻين ملڪن ۾ نه هجي ها، ته هن وقت فضيلتن ۽ سهڪار جُون نصيحتُون ڪندڙ، سمورا يار وڃي ٻاهرين ملڪن جا وڻ وسائن ها! پر هاڻي ته سڄي دنيا ۾ هيءَوبا پکڙجي چڪي آهي، ته مجبوراً کين هتي ئي رهڻو پيو آهي.هاڻي اها ڳالهه به طئي آهي بلڪه ثابت ٿي چُڪي آهي، ته جيڪو ملڪ پنهنجو پاڻ کي انهن مصيبتن لاءِ اڳواٽ تيار رکندو،اهو ئي انهن کي مُنهن ڏئي سگهندو. باقي اسان جي يارن وانگر، جن جو رڳو امدادُن ۽ خيراتن تي گذارو هوندو، سي ڏاڍا ڏکيا ٿيندا ۽ ٿين به پيا!
اسان هر قسم جي شعور، تعليم، سائنس، منطق کان پري مُنجهيل ۽ توائي ٿيل ماڻهن جو انبوهه آهيون... قوم ڪٿي آهيُون! اهو ”ماڻهن جو ڌڻُ“ ائين نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو! ان سڄيءَ ڳالهه سَلڻ مان منهنجو مقصد اهو ناهي، ته ماڻهو صحيح پيا ڪن يا ماڻهو غلط آهن! پر افسوس جو هتان جي حڪومتن، ادارن، آفيسرن ۽ سُڄاڻ ڌرين ڪڏهن به انهن ماڻهن کي انسان ئي ناهي سمجهيو! رهندو انهن غريبن کي ايذائڻ ۽ تڪليفون ڏيڻ سندن محبُوب مشغلو رهيو آهي، ته هاڻي اوچتو انهن (بقول هنن جي) ’جانورن‘ مان اميدُون وابسته ڪرڻ سان هن وبا مان جند ته ڪانه ڇُٽندي!
◙
(29 مارچ 2020ع تي لکيل)