سماجِي لاتعلقي
”ٿيندو ھونئن به ڪجهه ڪونه...! ھرُوڀرُو دماغ کپائڻ جي ڪھڙي ضرورت آهي...!!“
يا وري
”فلاڻا ھمراھ ته اچي چريا ٿيا آهن... جو سڄو ڏينهن ٿا ماڻهن کي سماجي ڀلائيءَ جون ڳالهيون ٻڌائين...! ھي سماج ته سُڌرڻوئي ڪونهي...!!!“
وغيره وغيره...
مان توهان کي ڪجهه مثال ٿو ڏيان، جن مان توهان اندازو ڪريو، ته اسان وٽ ”سماجي لاتعلقي“ ڪيتريءَ حد تائين وڌي چڪي آهي. ان سماجي لاتعلقيءَ کي سماجي بيحسي به چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو.
ــ اسان وٽ سرڪاري اسڪول ۾ پڙھائيءَ يا سھولتن جي کوٽ ھوندي، ته اسان سڀ گڏجي ڪنهن آفيسر وٽ اھڙي شڪايت درج ڪرائڻ بدران، چونداسين ته ”سرڪاري اسڪولن جو ڪير به ڌڻي سائين ڪونهي... ڇو نه ٻار ڪنهن خانگي اسڪول ۾ داخل ڪرائجن... جتي سھولتون به آهن ته پڙھائي به بھتر آهي...“ ان جو مطلب سرڪاري اسڪولَ، جيڪي اسان جي ٽيڪسن جي پيسن مان ھلن ٿا، انهن سان اسان جو واسطو ئي ناهي!؟
ــ سرڪاري اسپتالن ۾ علاج صحيح ناهي، ته خانگي اسپتالن ۾ وڃو. خانگي اسپتالن ۾ ڳاٽي ٽوڙ خرچ به برداشت ڪنداسين، پر سرڪاري اسپتال کي پنهنجو ادارو سمجهي انهن جي مالڪي اصل نه ڪنداسين!
ــ اسان وٽ بجليءَ جي مجموعي کوٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ تمام گهڻي ٿي وئي آهي, انڪري بجليءَ جي چوري نه ڪرڻ ۽ بچت ڪرڻ بجاءِ اسان چونداسين ته ”بجلي ناهي ته اسان جو ڇا وڃي...!! اسان جنريٽر ۽ سولر سسٽم لڳرايو آهي... بجلي ناهي ته خير آهي... اسان جو ڪم ته سولر سسٽم تي ھلي پيو...!“.
ــ پيئڻ جو صاف پاڻي نه پيو ملي, ان لاءِ گڏيل طور تي ڪو سماجي تحرڪ وٺڻ بدران، چونداسين: ”اسان ته منرل واٽر پيئون پيا... يا فلٽر پلانٽ گھر ۾ لڳرايو آهي. باقي عوام کي صاف پاڻي نٿو ملي، ته ان ۾ اسان کي ڪا به تڪليف ناهي...!“
ــ پبلڪ ٽرانسپورٽ به اڄڪلهه وڏو مسئلو آهي، پر جن غريبن جي مجبوري آهي، اھي ان ۾ سفر ڪن ٿا. ان جي بھتريءَ لاءِ آواز اٿارڻ بدران، اسان پنهنجي گاڏي خريد ڪري چونداسين:”پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اسان ڇو سفر ڪيون...!؟“
ــ سرڪاري ٽپال وارو نظام درست ناهي، ته ان کي بھتر ڪرڻ لاءِمجمُوعي ڪوششونوٺڻ گھرجن، پر نه!! اسان ته خانگي ڪوريئر سروس رستي سامان يا ڪاغذ پَٽَ موڪلينداسين... اسان جو ڇا وڃي سرڪاري پوسٽ سان!!
ــ وڻن جي واڍيءَ جي ڪري وڻ گھٽباپيا وڃن ۽ گرمي وڌندي پئي وڃي. انڪري وڻ پوکجن ته جيئن ماحول ۾ گرمي (گلوبل وارمنگ) گھٽجي ۽ ماحول بھتر ٿئي. پر اسان اھو ڪونه ڪنداسين. ”گرمي آهي ته ڇا ٿيو!! اسان جي گاڏيءَ ۾ به ايئر ڪنڊيشنر لڳل آهي ۽ گھر به ايئر ڪنڊيشنڊ آهي... اسان کي گرميءَ جي پرواهه ئي ناهي!! ماحول خراب ٿو ٿئي ته ڀلي پيو ٿئي!! اسان جو ان سان واسطو ڪونهي...!!“
ــ اليڪشن ۾ بھتر اميدوار کي ووٽ ڏيو! ”نه! اسان ووٽ ڪونه ڏينداسين... ڪير گرميءَ ۾ وڃي قطارن ۾ بيھي خوار ٿئي!اسان کي سُٺا نمائندا ھونئن ئي ڪونه ملندا! باقي غريب پيا ووٽ ڏين... اسان پولنگ اسٽيشن تي ڪونه وينداسين... باقي سوشل ميڊيا تي پيا رڳو سماج سڌارڻ بابت ٺَلها تبصرا ڪنداسين...!!“
اھڙيءَ طرح اسان ڪنهن به سماجي بھتريءَ ۽ تبديليءَ جو محرّڪ بڻجڻ کان پري آھيون ۽ ان جي تبديليءَ لاءِ ڪنهن تحرّڪ يا تحريڪ جو حصّو ٿيڻ لاء تيار ناھيون. اسان ھر ڳالهه جي لاءِ انفرادي طور متبادل ٺاهي ڇڏيا آهن. بنيادي ضرورتون ملن يا نه ملن... اسان وٽ انهن جا متبادل تيار آهن.
اسان جيڪڏهن پنهنجي روّيي ۾ تبديلي نه آندي، ته پوءِ اسان رڳو پيا تبصرا ۽ تنقيدون ڪنداسين، البته معاشري ۾ بھتري ۽ تبديلي ڪانه ايندي.
ان سان گڏوگڏ اسان کي پنهنجن ادارن جي به مالڪي ڪرڻي پوندي ۽ انهن جي بھتريءَ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي ته جيئن سڄو سماج انهن مان فائدو حاصل ڪري سگھي.
اسان کي گھرجي ته سماج ۾ ٿيندڙ چڱن ڪمن کي ھٿي ڏيون ۽ انهن جو حصّو بڻجون. ايئن ڪرڻ سان برائي گھٽبي ۽ چڱو ڪم ڪرڻ جي روايت پيدا ٿيندي ۽ وڌندي. ان ڳالهه جي اسان جي سماج کي تمام گھڻي ضرورت آهي. باقي نه ته اسان وٽ رڳو نڪته چيني ۽ ٽوڪ ڪرڻ جو عمل فقط مايوسي ئي پکيڙي رھيو آهي، جيڪو کوڙ سارين نفسياتي بيمارين سميت سماجي بيمارين جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي.انڪري ھڪ مثبت سماج جوڙڻ لاءِ اسان سڀني کي پاڻ ۾ مثبت روّيا پيدا ڪري، معاشري جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهڻو پوندو. ان سان ئي اسان جو سماج بھتر ٿيندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي به ان جو فائدو ٿيندو.
◙