ڪتاب نه پڙهڻ جا مختلف بهانا
اڄ جڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کان اِهو معلوم ڪندو آهيان ته، ڪتاب ڇو نٿا پڙهو!؟ ته، اڪثر ماڻهو جيڪي جواب ڏيندا آهن، انهن مان ڪجهه عجيب ۽ غريب جواب هي به هوندا آهن:
ــ اسان ڪو واندا آهيون ڇا؟ جو ويٺا ڪتاب پڙهون!ڪتاب ته اهي پڙهن، جن وٽ وقت هجي! اسان ته مصرُوف ماڻهو آهيون.
ــ هاڻي ته هر شئي انٽرنيٽ تي دستياب آهي، پوءِ هرُوڀرُو ڪتاب ڇو وٺي پڙهون!؟ انٽرنيٽ تي ته ڪيترائي آپشن ملن ٿا. اُنڪري اسان اُتان ئي پڙهي وٺنداسين.
ــ اڄڪلهه سُٺا ڪتاب نه لکجن ٿا ۽ نه ئي وري ڇپجن ٿا، ڇا پڙهي ڪريون!
ــ ڪتاب مهانگا آهن. اسان غريب ماڻهو ڪٿي ٿا خريد ڪري سگهون!
انهن جوابن جي جواب ۾ مان سوچيان ٿو ته:
ــ جيڪي ماڻهو سڄو ڏينهن ڪو خاص ڪم نٿاڪن، فضُول ڪمن ۾ پيا وقت ضايع ڪن، اهي به چون ٿا ته اسان وٽ وقت ناهي.
ــ جيڪي انٽرنيٽ جي ڳالهه ٿا ڪن، انهن مان به اڪثريت انٽرنيٽ تي ٻين ڪمن ۾ رڌل رهي ٿي، پر انٽرنيٽ تي ئي ڪتاب کولي ڪونه ٿي پڙهي!کين سوشل ميڊيا يا ٻيا ٽُولز ته استعمال ٿين ٿا، پر ڪتاب جي ويجهو ناهي وڃڻو! اتي اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جي آهي، ته ڇا جيڪو مزو هارڊ ڪاپيءَ ۾ ڪتاب کي پڙهڻ ۾ آهي، اهو ”اِي بوڪ“، ”ڪِنڊل“ يا ڪتاب جي ”پِي ڊِي ايف“ فارميٽ پڙهڻ ۾ آهي؟ ڪتاب جي ورقن کي ڇُهڻ، انهن کي آڱر آلي ڪري اُٿلائڻ ۽ ڪتاب جي ورقن جي خوشبوءِ کي محسوس ڪرڻ جو به پنهنجو سُرور آهي، جنهن مان پڙهندڙ لطف اندور ٿئي ٿو.
ــ جيڪي چون ٿا ته اڄڪلهه سُٺا ڪتاب نٿا اچن، اُهي جهڙوڪر هر روز ڀٽائي سائينءَ ۽ شيخ اياز جي ’ڪيليبر‘ جي شاعرن کي پيا پڙهن! سو همراهن کي ٻيوڪوڪتاب وڻي ئي نٿو! کڻي مڃجي به سهي ته، سندن ڳالهه درست آهي،ته بهڇا هُو ڪافي وقت اڳ ڇپيل ڪتاب پڙهن ٿا؟ جواب نفيءَ ۾ ئي هوندو. ڇو ته اها حقيقت ئي آهي، ته اسان ڪتابن کان تيزيءَ سان پري ٿيندا پيا وڃون.
ــ جيڪي ماڻهو ڏينهن ۾ ٻه سؤ روپين جا سگريٽ ۽ چار پيالا چانهه جا پيئن ٿا، اهي مهيني ۾ ٻه ٽي سؤ روپين وارو هڪ ڪتاب خريد ڪندي غريب ٿي ٿا پون!
تنهنڪري حقيقت اِها آهي ته، اسان جُون ترجيحون تبديل ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪتاب پڙهڻ هڪ بهترين مشغلو اڄ به آهي ۽ سدائين رهندو، جيڪو توهان جي مشاهدي کي وڌائي ٿو. سُٺو ڪتاب ماڻهوءَ جي سوچن کي نوان رخ ۽ رستا ڏي ٿو، اندر ۾ سوجهرو اوتي ٿو ۽ انسان جي ڪردار سازيءَ ۽ شخصيت سازيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو.
ڪتاب پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اهو ضروري آهي، ته پبلڪ لائيبررين کي متحرڪ ڪري ان ۾ ڀرپاسي جي ماڻهن کي اچڻ تي آماده ڪجي، اتي سهُولتن جي کوٽ کي پورو ڪجي. اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ لائيبررين کي استعمال ۾ آڻجي. شاگردن ۾ ڪتاب پڙهڻ ۽ ڪتابن کي سنڀالڻ جي عادت وجهجي. هر ڪلاس ۾ لائبريريءَ جو پيرڊ لازمي طور ٽائيم ٽيبل ۾ شامل ڪيو وڃي، ته جيئن شاگردن ۾ ڪتاب دوستيءَ جو جذبو ۽ اُن جي اهميت پيدا ٿئي. ان کانسواءِ ٻارن جي والدين ۽ مائٽن کي به گهرجي، ته هو گهر ۾ ٻارن اڳيان ڪتاب پڙهن، کين جنم ڏينهن يا وري امتحان ۾ پوزيشن کڻڻ جي خوشيءَ ۾ ڪتاب تحفي طور ڏين. ان سان ٻارن ۾ ڪتابن سان پيار ۽ احترام وارو جذبو پيدا ٿيندو.
◙