ڳوٺاڻا ٻارَ ۽ آن لائين پڙهائي
هاڻي جيڪڏهن اسان سال 2020ع جو سراسري طور تي تعليمي حوالي سان جائزو وٺون، ته لڳ ڀڳ هي سڄو سال اسان جا تعليمي ادارا بند رهيا. وچ ۾ ڪجهه وقت جيئن جيئن وبا ڪجهه جَهڪي ٿي، ته ڪجهه وقت لاءِ تعليمي ادارا کوليا ويا، پر وري ڪورونا جا ڪيسَ وڌڻ جي ڪري انهن کي بند ڪيو ويو. هاڻي سڌريل ملڪن ۾ ته تعليمي نظام مضبوط هئڻ ڪري، پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي روايتي طريقن کان هٽي ڪري، آن لائين يا فاصلاتي تعليم کي اهميت ڏني وئي، ته جيئن هر استاد ۽ شاگرد پنهنجي گهران ويهي، پنهنجي تعليمي عمل کي جاري رکي سگهي. افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ مجموعي طور تي تعليمي نظام اڳي ئي تباهيءَ جو شڪار آهي. اسان جا تعليمي ادارا بنيادي سهولتن کان محروم آهن. انهيءَ ماحول ۾ موجوده صورتحال ۾ تعليمي عمل کي جاري رکڻ تمام ڏکيو آهي. جتي بنيادي سهولتون ئي نه هجن، اُتي آن لائين تعليم جو تصوّر ئي هڪ خواب ٿو لڳي. اسان پنهنجي هن مضمون ۾ هن سال دؤران سنڌ ۾ پرائمري، سيڪنڊري ۽ يونيورسٽي سطح جي تعليمي سلسلي تي مختصر طور نظر وجهون ٿا:
ــ پرائمري تعليم: پرائمري تعليمَ، ٻار جو تعليمي بنياد هوندي آهي. جتي ٻار کي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙي بنيادي سکيا ڏيندي ويندي آهي. تعليمي ماهرن مطابق گهٽ ۾ گهٽ پرائمري تعليم دؤران اِهو تمام ضروري آهي، ته شاگرد ۽ استاد هڪ جڳهه تي موجود هجن. ڇو ته شروعات ڪندڙ ٻار کي هر بنيادي ڳالهه سيکارڻ لاءِ اُن جو اسڪول ۾ موجود هجڻ ضروري آهي. تنهنڪري منهنجي خيال ۾،اسان جي پرائمريءَ جي ٻار کي آن لائين يا فاصلاتي طور تي پڙهائڻ ڪارگر ناهي، پر جيئن ته گهڻي تعليمي نقصان کان بچڻ لاءِ وڏن شهرن جي ڪجهه خانگي اسڪولن ته اِهو سلسلو شروع ڪيو، پر اسڪولن جي گهڻائي اِهو ڪم نه ڪري سگهي. ٻيو ته اسان وٽ ڳوٺن ۾ بجلي ۽ انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ سميت ٻيا انيڪ مسئلا آهن، اُتي اِهو ممڪن نه هو. تنهنڪري سال 2020ع ۾ هڪ ته ٻارن کي اڳيَن ڪلاسن ۾ بغير ڪنهن امتحان جي پروموٽ ڪيو ويو ۽ وچ ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسڪول کُلڻ ڪري رڳو ڪجهه ئي داخلائون ٿي سگهيون. باقي ڪو به ڪم ڪونه ٿي سگهيو، جيڪو هڪ وڏو نقصان آهي.
ــ سيڪنڊري ۽ هاير سيڪنڊري تعليم: سيڪنڊري تعليم ۾ هاءِ اسڪول ۽ هاير سيڪنڊري تعليم ۾ ڪاليج اچي وڃن ٿا. انهن ۾ به تقريباً صورتحال ساڳئي ئي رهِي. اُتي به ڇهين ڪلاس کان اٺين ڪلاس جي ٻارن کي پروموٽ ڪيو ويو. نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جو امتحان جيئن ته امتحاني بورڊ وٺندا آهن، تنهنڪري هِن صورتحال ۾ انهن پاران به امتحان منسُوخ ڪندي، شاگردن کي سندن گذريل تعليمي سال جي مارڪن جي بنياد تي مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو. جنهن سان پڙهڻ واري محنتي شاگرد جو نقصان ٿيو. ڇو ته هُن کي پنهنجو گريڊ بهتر ڪرڻ لاءِ ضرور امتحان ڏيڻو هو، جيڪو نه ٿي سگهيو. سيڪنڊريءَ جا ٻارڪجهه وڏاٻار آهن، تنهنڪري اُنهن کي آن لائين پڙهائڻ جو سلسلو وڏين ڪوششن سان، پر اڪثريت جي ذاتي دلچسپيءَ سبب شروع ڪيو ويو ۽ انهيءَ ذريعي ڪنهن حد تائين تعليمي نقصان کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن سال سنڌ ۾ سيڪنڊريءَ جي شاگردن لاءِ مقرر ڪورس کي گهٽايو ويو آهي ۽ ان مان رڳو مخصُوص ۽ اهم مضمُون ۽ موضُوع چونڊيا ويا آهن، جيڪي هن سال پڙهائڻا هُئا ۽ اُنهن مان ئي امتحان ورتو ويندو.
ــ هاير ايجُوڪيشن: هن سال اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي تعليم به وڏيءَ ٻُڏَتَرَ جو شڪار رهي. يونيورسٽيءَ جي شاگردن هن صورتحال ۾ تمام گهڻو ڀوڳيو. ڇو ته، سندن ڪلاسز ڪونه هلي سگهيا. ڪجهه وقت سندن آن لائين پڙهائيءَ وارو سلسلو هليو، پر اُن ۾ تمام ٿورن شاگردن ئي حصّو ورتو. نه ئي مناسب انداز ۾ سندن امتحان ورتا ويا ۽ نه ئي وري داخلائن لاءِ ڪا واضح رٿابندي ڪئي وئي. پنهنجي مستقبل جي فڪر ۽ شعوري طور بالغ هُئڻ ڪري، يونيورسٽيءَ جا شاگرد وڌيڪ مشڪلات جو شڪار رهيا ۽ نفسياتي دٻاءَ هيٺ رهيا. هڪ ڪاليج ۾ پروموٽ ٿيڻ ڪري ڪافي شاگردن جو اُهو گريڊ نه اچي سگهيو، جنهن جي کين اميد هئي يا جيڪوروايتي امتحان ڏيڻ ڪري اچي سگهي ها! انهيءَ بنياد تي يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي پسند جي شعبي ۾ سندن داخلا به ڏُکي ٿي پئي آهي، جنهن جو تازو مثال ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ ورتل ٽيسٽ آهي، جنهن ۾ سنڌ جي حالت ڏکوئيندڙ آهي. اِها ڳالهه به ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. انهيءَ پاسي سڀني ڌُرين کي سنجيده ٿي سوچڻو پوندو.
عالمي ادارن موجب، وقتي طور تي اسڪولن جي هِن ڊگهيءَ موڪل جي ڪري دنيا ۾ 91 سيڪڙو کان وڌيڪٻارن جي تعليم تمام گهڻي متاثر ٿي آهي. وري ان ۾ به اسان جهڙن ملڪن جي حالت بنهه ڳڻتيءَ جوڳي آهي. ڇو ته اسان وٽ سالياني ملڪي اپت مان رڳو2 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿئي ٿو. سو به بهتر ۽ مثبت انداز ۾ خرچ نٿوٿئي.
مان سمجهان ٿو ته اسڪولن جي بند ٿيڻ ۽ لاڪڊائون جي ڪري ۽ ماڻهن جي آمدني گهٽ ٿيڻ يا بيروزگار ٿيڻ جي ڪري، ڪافي ٻار هاڻي واپس اسڪول نه وڃي سگهندا. اُنهن جو تعليمي سفر اِتي ئي ختم ٿيو. ڇو ته انهي دؤران انهن ٻارن مان گهڻا پنهنجي والدين جي مدد خاطر مزدورين کي لڳي ويا. هونئن به اسان وٽ ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر آهي. جيڪي ٻار وڏين ڪوششن سان اسڪول وڃن ٿا، اهي به هِن وبا ۽ ڊگهيءَ موڪل جي ڪري وري نه وڃي سگهندا! اسڪول يا ڪاليج ۾ واپس اچي سندن تعليمي عمل شروع ڪرڻ وڏو سواليه نشان آهي! هونئن به اسان وٽ ڪنهن به معاملي ۾ گهڻو زور انگ اکر گڏ ڪرڻ تي هوندو آهي. سببن طرف تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي.
هاڻي جيڪڏهن هن مسئلي جي ڪري پيدا ٿيل تعليمي نقصان کي گهٽائڻ لاءِ هيٺيان قدم کنيا وڃن، ته ڪجهه بهتري ممڪن آهي:
ــ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي حوالي سان بنيادي سهولتُون فراهم ڪيون وڃن.
ــ استادن کي سکيا ڏئي، کين جديد تعليمي طريقن بابت ڄاڻڏني وڃي.
ــ ڪوشش ڪري ٻارن جي والدين جي روزگار کي يقيني بڻايو وڃي.
ــ داخلائن توڙي امتحان وٺڻ جا آسان ۽ جديد طريقا استعمال ڪيا وڃن.
ــ شاگردن کي سندن تعليمي عمل بابت واضح پاليسين ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي.
هاڻي انِهن سڀني ڳالهين تي عمل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي ۽ ان کي ڪرڻ به کپي.
اهڙيءَ طرح ڪجهه ڳالهيون وري والدين توڙي استادن سميت هر سماجي فرد ڪري سگهي ٿو:
ــ اسان سڀني کي گهرجي ته ڪورونا بابت وَضع ڪيل SOPs تي سختيءَ سان عمل ڪريون.
ــ هن وبا کي ذهن ۾ رکندي، پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ، طور طريقن ۽ زندگيءَ گذارڻ جي ڍنگ کي تبديل ڪرڻو پوندو.
ــ ٻارن (شاگردن) کي مثبت سرگرمين طرف وٺي اچُون، ته جيئن اُهي هن وبا جي خوف مان نڪري سگهن ۽ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهن.
ــ اسان وٽ اِها چوڻي عام آهي ته، ”جِيءُ خوش! ته جهان خوش...!“ مطلب ته سڀ ڳالهيون زندگيءَ سان ئي مشرُوط آهن. انڪري زندگي سڀ کان اهم آهي. زندگي آهي، ته اِنهن سڀني نقصانن جو پورائو به ڪري سگهبو. اُنڪري اِها اجائي ”گهوڙا... گهوڙا...!“ بند ٿيڻ گهرجي ته: ”تعليم تباھ ٿي وئي... ڪورونا مذاق آهي... ۽ حڪومت اسان کي تباھ پئي ڪري....“ وغيره. اِهو رويّو بنهه درست ناهي، بلڪه انتهائي خطرناڪ آهي.هڪٻئي تي اجائي نُڪته چيني ۽ چٿرَڪري، پنهنجي ذميوارين کان آجاٿي، اسان ڪو به چڱوڪم نٿاڪري سگهون. البته، اسان هڪٻئي جو ساٿ ڏئي، انھيءَ مشڪل صورتحال مان پار پئجي سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح پنهنجن ٻارن ۽ شاگردن جو به حوصلو ۽ همّت وڌائي، اسان پنهنجي مستقبل کي بهتر بڻائي سگهون ٿا.
جيئن ته نئون سال به شروع ٿي چڪو آهي. تنهنڪري اِهو سال اسان لاءِ رڳو ڪيلينڊر ۾ انگن اکرن جي تبديلي نه هجڻ گهرجي، بلڪه اسان کي گهرجي ته اسان ان کي پنهنجي لاءِ مثبت تبديليءَ جي سال طور ڀليڪار چئون ۽ هن ورهَه کي ”وبا تي سوڀ ماڻڻ جو سال“ بڻائڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريُون.
◙
(هفتيوار ”ڪاوش دنيا“ ميگزين ۾ 3 جنوري2021عتي شايع ٿيل)