ڪالم / مضمون

سڙيا مٿي سچ

”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويھن ليکن جو مجموعو آهي، جنھن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نہ پڙهڻ جا مختلف بھانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچھريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن. سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ بہ بدرجئہ اُتم موجود آهي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڙيا مٿي سچ

ڪورونا ۽ اسان جو تعليمي نظام

هن وقت ڪورونا جي وبا پوريءَ دنيا کي پنهنجيءَ لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. زندگيءَ جو لڳ ڀڳ هر شعبو ۽ هر وهنوار بيهي رهيو آهي. دنيا جي معاشي نقصان سميت، تمام گهڻو سماجي نقصان به ٿي چڪو آهي. ڪورونا جي اچڻ کانپوءِ زندگيءَ جو چهرو ئي تبديل ٿي ويو آهي. ماڻهن جي رويّن ۾ تبديلي اچي وئي آهي ۽ اڃا به اڳتي ايندي! ان سموري پسمنظر ۾ اسان جيڪڏهن پنهنجي ملڪ، صوبي ۽ خاص طور تي سنڌي سماج تي نظر وجهون ٿا، ته ڪيترين ئي پريشانين ۽ مايُوسيءَ ۾ وڪوڙجي ٿا وڃون. ڇو ته اسان ته انهيءَ وبا کان اڳ ئي انيڪ وبائن جي ور چڙهيل آهيون. انهن وبائن اسان جي پوري سماج جو نقشو ئي بگاڙي ڇڏيو آهي.
جتي انهيءَ وبا جي زد ۾ زندگيءَ جو هر شعبو آيو آهي، اتي اسان جو اهم تعليمي شعبو به ان جي خوفناڪ اثرن هيٺ آيو آهي، جن مان اسان هتي ڪجهه مُک ڳالهين جو ذڪرڪنداسين. مان اڪثر سوچيندو آهيان ته اسان جو تعليمي نظام، جيڪو اڳي ئي انيڪ مسئلن جو شڪار آهي، اهو هن مسئلي کي ڪيئن منهن ڏيندو؟
26 فيبروري 2020ع تي، جنهن ڏينهن هن وبا جو پهريون ڪيس سنڌ ۾ ظاهر ٿيو، اُن ڏينهن ئي رات جو سمُورن تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جيڪو موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي بهتر فيصلو هو. هاڻي ته انهيءَ وبا جي ڪري في الحال اسان جا تعليمي ادارا ٽن مهينن لاءِ بند ٿي ويا. اصل مسئلو اِهو آهي، ته انهن ٽن مهينن کانپوءِ اسان وٽ ڪا واضح رٿابندي آهي؟ ته اسان جو تعليمي نظام ڪيئن ڪم ڪندو؟ هن وبا کان بچڻ لاءِ ته پهريون ۽ اهم احتياط ئي اهو آهي، ته اسان پنهنجن هٿن کي صابڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهن سيڪنڊن تائين هر هر چڱيءَ طرح صاف ڪريون. هاڻي حالت اها آهي، جو اسان جي خاص طور تي ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ ته پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت ئي موجود ناهي، واش روم ۽ ٽوائليٽ جي سهولت ناهي. صابڻ ۽ سينيٽائيز جو هجڻ ته انهن حالتن ۾ تمام وڏي ڳالهه آهي ۽ ذري گهٽ ناممڪنات منجهان آهي. انهن حالتن ۾ انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ ويچارا ٻارڪيئن هن وبا کان بچي سگهندا؟ هن بيماريءَ کان بچڻ جو ٻيو احتياط اهو ٻڌايو پيو وڃي، ته ماڻهو پاڻ ۾ وِٿي رکن. هاڻي حقيقت اها آهي جو اسان جي اسڪولن ۾ ڪمرن ۽ فرنيچر جي کوٽ جي ڪري تمام گهڻا شاگرد هڪ ئي ڪلاس ۾ ڳُتيل نموني ويهڻ تي مجبور آهن. هڪ بينچ تي پنج پنج ٻار به ويهن ٿا. انڪري هاڻي انهن ٻارن کي ڪيئن پري پري ڪري ويهاربو؟ ايترا ڪلاس روم ۽ ايترو فرنيچر ڪٿان ايندو؟ جيڪو اڳ ۾ ئي اڻپورو آهي. اُنکان پوءِ تعليمي ادارن ۾ موجود سموري اسٽاف، استادن ۽ شاگردن سميت سڀني کي پاڻ ۾ دعا سلام ۽ حال احوال ڪرڻ جا طريقا به تبديل ڪرڻا پوندا. انهيءَ کان به اسان جا ڪيترائي ماڻهو بيخبر آهن. اسان وٽ ته اڄ به ٻئي هٿ ڏئي مصافحو ڪرڻ ڀاڪر پائڻ واري روايت عام آهي. جيڪڏهن ايئن نٿو ملجي، ته ماڻهو دشمنيءَ ۽ نفرت واري ورتاءَ تي به لهي ٿا اچن. انهيءَ کانسواءِ هاڻي اها ڳالهه به هلي رهي آهي، ته ڪجهه وقت لاءِ آن لائين تعليمي نظام شروع ڪجي! اِهو خيال ته آهي ته ڏاڍو ڀلو! ۽ مان ذاتي طور تي ان راءِ سان متفق آهيان، پر اِتي به سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر، سمارٽ فون، ٽيبليٽ، ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ڪيترن شاگردن وٽ آهي؟ اسان جو ويچارو ٻار ته غذائي کوٽ جي ڪري اڳ ئي ٻين انيڪ مُوذي مرضن ۾ وڪوڙيل آهي. اهو ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ ڪٿان آڻيندو! انهيءَ مان ته اها ڳالهه واضح آهي ته، اسان جو تعليمي نظام جيڪو اڳ ئي طبقاتي آهي، سو وڌيڪ طبقاتي ٿي ويندو. جنهن وٽ ليپ ٽاپ هوندو،اهو ته پڙهي سگهندو، باقيي غريب، جيڪو ٻه ويلن جي اٽي ۾ پريشان آهي، اهو مسڪين ڪٿان پڙهي سگهندو؟ ٻيو ته اسان وٽ هن وقت خاص طور تي اسڪولن ۾ جيڪي استاد مقرر ٿيل آهن، انهن مان اڪثريت انهن استادن جي آهي، جن کي 80ع واري ڏهاڪي ڌاري ملازمت ملي هئي. انهن کي ته پاڻ کي ئي ڪمپيوٽر هلائڻ نٿو اچي ۽ نه ئي وٽن اهڙا ’گيجيٽس‘ موجود آهن!’گيجيٽس‘ ته کڻي هُو خريد ڪري به وٺن، پر هلائين ڪيئن!؟ ان کانپوءِ اڪثرڳوٺن ۾ نه بجليءَ جي سهولت آهي ۽ نه وري ڪنهن موبائيل نيٽورڪ جي موجودگي! اُتي اهو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ وارو تعليمي نظام ڪيئن هلندو!؟ ٻيو ته اسان وٽ اهڙي قسم جو ڪورس يا نصاب تيار ڪرڻ ۾ به وقت لڳندو. موجوده ڪورس ۽ پڙهائڻ واري انداز سان ته اهو ڪم ڪونه هلندو! هن وقت ٻارن جي امتحانن جا مهينا آهن. هاڻي ايندڙ امتحانن جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو!؟ ان ڏس ۾ ڪا واضح ڳالهه يا رٿابندي موجود ئي ناهي. تنهنڪري، اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍيون پريشان ڪندڙ آهن، جنهن طرف تمام گهٽ ماڻهن جو ڌيان آهي ۽ ادارا به انهيءَ حوالي سان سنجيده نٿا لڳن.
هن سماج جي فرد ۽ هڪ استاد هجڻ جي ناتي، مان ان حوالي سان ڪجهه گذارشون عرض رکڻ ٿو چاهيان. ممڪن آهي، انهن مان ڪجهه تي به عمل ڪرڻ سان ڪنهن حد تائين انهن درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي:
ــ تعليمي ادارا کولڻ کان پهرين اهڙا قانون ۽ ضابطا ٺاهيا وڃن، جن تي انهن ادارن جو عمل ڪرڻ لازمي هجي. انهيءَ لاءِ پهرين ته اسڪولن کي لازمي طور واش روم، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ ۽ صابڻ وغيره جو بندوبست ڪرڻو پوندو. ايئن ڪرڻ کانسواءِ ادارا کولڻ خطري کان خالي نه هوندو.
ــ هن وقت کان ئي ريڊئي، ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙا تربيتي پروگرام يا پيغام نشر ڪيا وڃن، جن ذريعي هن وبا کي مُنهن ڏيڻ لاءِ احتياطن جي حوالي سان ماڻهن جي تربيت ٿيندي رهي. اهڙي قسم جا پروگرام ڏسيڏسي انهن احتياطن جِي ماڻهن، خاص طورشاگردن، سندن والدين ۽ استادن ۾ عادت پئجي ويندي.
ــ ادارا کولڻ کان پهرين، سڀني ادارن کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ ۽ ڪيميڪلز جا اسپري ۽ ’فيُوميگيشن‘ڪرائي، انهن کي سُٺي نموني صاف (سينيٽائيز) ڪرائجي.
ــ ادارا کولڻ کان پهرين استادن کي به ان حوالي سان تربيت ڏني وڃي، ته جيئن هو پاڻ به انهن ڳالهين جو خيال رکن ۽ پنهنجن شاگردن کي به اهي ڳالهيون سمجهائين.
ــ تمام گهٽ والدين ٻارن جي تعليم ۾ سنجيده هوندا آهن، پر هن مسئلي کان پوءِ هاڻي هر مائٽ کي پنهنجي ٻار جي تعليم ۽ تربيت لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو. والدين کي هاڻي ٻار جي هر عمل جو خيال رکڻو پوندو.
هن تحرير جو مقصد ماڻهن کي ڊپ ڏيڻ ناهي، پر انهيءَ حوالي سان آگاهه ڪرڻ آهي. ڇو ته اسان جو عام ماڻهو اڄ به انهن ڳالهين کان بيخبر آهي. دنيا اڳ ۾ به ڪيترين ئي وبائن ۽ آفتن کي منهن ڏنو آهي، انڪري يقيناً هي وقت به گذري ئي ويندو، پر هن وقت وڌندڙ آباديءَ ۽ تيز سماجي وهنوار جي ڪري اسان کي وڌيڪ محتاط ٿيڻو پوندو. مون کي اميد آهي ته اسان سڀ گڏجي نه رڳو هن وبا جو مقابلو ڪنداسين، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجن ماڻهن جي تعليم ۽ تربيت جو بندوبست به ڪنداسين. ڇو ته وري به انهن سمُورن مسئلن جو حل، بهرحال سُٺي تعليم ئي آهي. جيڪڏهن اُها هوندي ته اسان انيڪ سماجي بيمارين کان محفوظ رهي هڪ صحتمند زندگي گذاري سگهنداسين.


(هفتيوار ”ڪاوش دنيا“ ميگزين ۾ 19 اپريل 2020ع تي شايع ٿيل)