ٻيلن جي تباھي، ماحول لاءِ خطرناڪ آھي
ٻيلن جي شرح اسان جي ملڪ ۾ تمام گهٽ آهي. جيڪا هڪ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، ٻيلن جي شرح گهٽجڻ جي ڪري ئي تمام خطرناڪ حد تائين موسمي تبديليون آيون آهن ۽ اچن پيون ۽ جي اسان اڃا به اک نه پَٽي ته مستقبل ۾ اڃا به وڏيون تباهيون اينديون. ڌرتيءَ جي گهٽ حصّي تي وڻ هُجڻ ڪري، گرميءَ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي، جنهن جو اسين هن وقت مزو چکي رهيا آهيون. اهو سڀ اسان جي پنهنجن ڪارنامن جو نتيجو آهي ۽ جي اسان اڃا به نه سڌرياسين، ته پوءِ اسان وٽ رڳو ’گهوڙا گهوڙا...‘ ڪرڻ، دانهون، ڪُوڪُون ڪرڻ ۽ مَٿو پِٽڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه رهندو! اهي وڻ ٽڻ ئي آهن، جن سان اسان جو مستقبل سلهاڙيل آهي. اِهي وڻ ئي آهن، جيڪي اسان کي ڪاٺ فراهم ڪن ٿا. اسان کي انهن ئي وڻن مان ڪوئلو ملي ٿو.
جڏهن ننڍو ٻار پيدا ٿئي ٿو، ته انهيءَ کي ڪاٺ جي پينگهي (هندوري) ۾ لوڏيو وڃي ٿو. ٻار جي تعليمي سفر جي شروعات ۾ به ڪاٺ جي پَٽيءَ(ڦرهيءَ) تي پڙهڻ سان ٿئي ٿي، جنهن فڪر ــ ڦرهيءَ رستي هُو ماٺ مطالعو ڪري ٿو. اُنهيءَ کانپوءِ گهر جي فرنيچر کان ويندي، ماڻهوءَ جي قبر تائين جي سفر ۾ ڪاٺ سندس ساٿ ڏئي ٿو.
ٻيلن جي گهٽجڻ جي ڪري تمام خوفناڪ موسمي تبديليون اچي رهيون آهن. ٻيلن جي شرح گهٽجڻ جي ڪري ئي طوفان اچڻ جو خطرو به وڌي رهيو آهي. ٻيلن گهٽجڻ ۽ ڪارخانن وڌڻ جي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو ساهه ۽ چمڙيءَ جي خطرناڪ بيمارين جي وَر چڙهي رهيا آهن.’ڄار‘ ۽ ٻٻر جو وڻ،لاڙ جي علائقن ۾ اڳي جهجهي مقدار ۾ ملندو هو، پر هاڻي تمام گهٽ ٿو ملي. ماحول جا وڏا وڏا ماهر وڻ پوکڻ جي مهم جو آغاز ڪندي، هڪڙو ننڍڙو ٻُوٽو پوکي، ان جو فوٽو سيشن ڪرائي، پنهنجو ڪم پورو ٿا سمجهن، باقي زميني حقيقت موجب ٻيلن جي جيڪا تباهي ٿي رهي آهي، اُن سان هنن جو واسطو ئي ناهي. ٿڌين آفيسن ۾ ويهي ماحوليات تي وڏا وڏا ورڪشاپ ۽ سيمينار ته ڪرايا وڃنٿا، پر حقيقت ۾ ڏسجي ته انهن لوڪن تائين ته انهن صاحبن جا پيغام ڪونه ٿا پُهچن، جن کي ان آگاهيءَ جي اصل ضرورت آهي. جن کي ان ڏس ۾ شعور جي ضرورت آهي، انهن کي اها ڄاڻ ملي ئي ڪانه ٿي. باقي پروگرامن ۾ وڏن وڏن ڪامورن کي گهُرايو ٿو وڃي، اُهي ته اڳي ئي ”عقلِ ڪُل“ آهن! اُنهن کي ڪهڙي ضرورت آهي ان موضوع بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جِي!
’اين جي اوز‘ سان سلهاڙيل دوستن لاءِ به’ماحوليات ‘ رڳو پيٽ ڀرڻ جي موقعن کان سواءِ ڪجهه به ناهي. وڻ بچائڻ جي نالي ۾ وڏا وڏا فنڊ وٺي، رڳو ٽي ويءَ تي اشتهار ڏياري ٿا ڇڏين، باقي عملي طور سرزمين تي ڪجهه به نٿو ڪيو وڃي. انهن اين جي اوز وارن ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان انهيءَ مسئلي کي ورتو ئي ناهي! انهيءَ ڪري ايتريءَ حد تائين تباهي آئي آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته، اهو مسئلو رڳو سرڪار، سياسي نمائندن ۽ ’اين جي اوز‘ جو ناهي، پر اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀني منجهان هر فرد جو آهي. انهيءَ ڪري اسان سڀني کي گڏجي انهيءَ ڀلائيءَ جي ڪم کي شروع ڪرڻو پوندو. اهو ڪرڻ لاءِ اسان رڳو پنهنجي گهر ۾ هڪڙو سُٺو باغيچو لڳايُون، ته به اها هڪ وڏي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿي.
انهيءَ سان گڏوگڏ سرڪار، سياسي نمائندن ۽ ’اين جي اوز‘ کي به گذارش آهي ته انهيءَ مسئلي کي سنجيدگيءَ سان حل ڪرڻلاءِ ڪوششُون ڪن، ته جيئن هيءَ ڌرتي وڌيڪ تباهيءَ کان بچي سگهي ۽ سرسبز ۽ شاداب رهي. ان سان گڏوگڏ اسين پاڻ خطرناڪ مصيبتن کان بچي سگهون ۽ هيءَ ڌرتي، اسان جي رهڻ ۽ ساهه کڻڻ جي قابل رهَي.
◙