پسيو بازارون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي!
مون کي ياد ٿو اچي ته اسان ننڍپڻ ۾ عيدن تي ڪيڏو نه خوش ٿيندا ھئاسين... نوان نوان ڪپڙا پھري، پنھنجن مائٽن کان عيد جي خرچي وٺندا ھئاسين... عيديءَ ۾ اسان کي نوان نوٽ ملندا ھئا... جيڪي ڏسي اسان خوش پيا ٿيندا ھئاسين... سڀئي ٻارڙا گڏجي رانديون کيڏندا ھئاسين... انکانپوءِ عيد جي موقعي تي تيار ٿيل مختلف طعام گڏجي کائيندا ھئاسين... ان وقت ان روايت تي به باقائدگيءَ سان عمل ٿيندو ھو، ته جنھن گھر ۾ جيڪا به کاڌي جي شئي پَچندي ھئي، ان مان ڪجهه حصّو پاڙي وارن ۾ ضرور ورھائبو ھو، جيڪو ھڪٻئي سان ڀائيچاري ۽ امن جو وڏو مثال ھو. اُن وقت عيد جي موقعي تي اسان پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري ننڍڙي شھر به ايندا ھئاسين. جتان گھمي اچڻ کانپوءِ اسان لاءِ عيد جون خوشيون ۽ مزو هيڪاندو وڌي ويندو ھو. اصل ۾ اھو سڀ ممڪن تڏهن ھو، جڏھن ماڻهن ۾ قوّتِ خريد ھئي ۽ ھر طرف خوشحالي ھئي. پر ھاڻي ته”پَسيو بازارُون، ھينئڙو مُون لوڻ ٿئي!“ واري ڪار لڳي پئي آھي. اھو سڀ ايڏو جلدي تبديل ٿي ويندو...اهو سوچي اندر جُھري ٿو پوي!
لاڙ واري علائقي ۾ ته اڄ کان 20 سال اڳ آيل سامونڊي طوفان جون شروع ڪيل تباھيون اڃا تائين جاري آھن، جيڪي تيزيءَ سان هن خِطي کي تباهه ڪري رهيون آهن. ان ويھن سالن جي عرصي ۾ جتي زلزلن، پاڻيءَ جي شديد کوٽ، برساتي ٻوڏ، ”ايل بِي او ڊِي“ جي نالي سان موجود سم نالي جھڙي راڪاس جي راڱن، توڙي انتظامي ڪوتاھين هتان جي اٻوجهه ۽ مسڪين عوام جون خوشيون کسيون، اتيان سڄي عرصي دؤران، درد جو درمان بڻجڻ جا خواب ڏيکاري آيل مختلف ”اين جي اوز“ به ھنن غريبن جي غربت جو مذاق اڏائي،وڃي پنھنجا ئي پيٽ ڀريا! باقي غريبن کي ڪو به سُک پلئه ڪونه پيو! ان سڄي عرصي ۾ ماڻهن کان عيدون ۽ خوشيُون ئي وسري ويون ۽ ھو هاڻي ته بس رڳو جيئڻ جا جتن پيا ڪن. اڄ جي حالت اھا آھي جو مان يقين سان چئي ٿو سگھان ٿو ته غربت ۾ ورتل ماڻهن جي پنجن، ڏھن سالن جي ٻار کي عيد جي خبر ئي نه ھوندي ته عيد ٿيندي ڇاھي!
جا، عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا اسان سُوءَ ورتِي سُومِرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسِرِي، خوشِي ۽ خَرِيدَ
سِڪَڻَڪِيا شهِيدَ، مارُو جي مَلِيرَ جا.
ھن وقت به عيد کان بلڪل ٿورو اڳ ۾ مھانگائي، ھن ملڪ جي تاريخ جي بلند ترين سطح تي بيٺل آھي. نتيجي ۾ ماڻهن لاءِ رڳو دال، اٽو ۽ ٻيون ضرورت جون شيون ئي نه، پر پنھنجو وجود به مھانگو ٿي پيو آھي. ماڻهو، ماڻھوءَ مان بيزار لڳو پيو آھي. ماڻهو پنهنجي جيءَ کان خفا ٿيو پيو ھلي! ان سڄي ظلم ۾ ماڻهو ويچارا ذھني مريض پيا ٿيندا وڃن.
ان لاء ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي، جو اسان ٻين جي احساسن جو قدر ڪريون. پنھنجي خوشين ۾ ٻين کي به شريڪ ڪريون. ھونئن به چوندا آھن ته خوشيُون ونڊڻ سان وڌنديون آھن ۽ ڏک ورهائڻ سان گھٽبا آھن. تنهنڪري ڇو نه اسان به ھڪٻئي سان پنھنجا سُکَ ۽ ڏکَ ونڊيون، ته جيئن سماج جا ڏُک گھٽجي وڃن ۽ سُکَ وڌن .ايئن ڪرڻ سان اسان پنھنجيون وڃايل شاندار ريتون ۽ رسمون توڙي قدرَ واپس ورائڻ ۾ به سوڀارا ٿي وينداسين. ان سان ھڪ بھتر معاشرو جنم وٺندو. دنيا جو هر دين به اسان کي اھو ئي پيغام ڏئي ٿو، ته اسان ڏکويل ماڻهن جي مدد ڪريون ۽ کين پنهنجو سمجهي، سندن ھر ڏک کي گھٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون.
اچو ته پاڻ ۾ موجود ويڇن کي گھٽايون... نفرتن جون پاڙُون پٽي انهن کي پري اڇلايون...خوشيون ورھايون ۽ پاڻ ۾ امن سان رھون. محنت ڪريون ۽ محبّت ونڊيون ته اسان لاءِ عيدون ئي عيدون آھن.
سڄو ڏيھ ڏاٽا ڪري جي اڀا،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.
(اياز)
◙
(روزاني ”عبرت“حيدرآباد۾15 جون 2019ع تي شايع ٿيل)