وبا ۽ وري کُلندڙ تعليمي ادارا
ان حوالي سان مون ڪجهه مهينا اڳ به هڪ مضمُون ”ڪاوش مئگزين“ ۾ ئي لکيو هو ۽ اُن ۾ اِهو خدشو ظاهر ڪيو هو ته، جيڪڏهن بغير تياريءَ ۽ احتياطي اپُائن جي تعليمي ادارا کوليا ويا، ته اِها وبا وڌيڪ پکڙجي سگهي ٿي. انڪري اڄ اسان تعليمي ادارا وري کلڻ کان پوءِ جي صورتحال تي سوچ ويچارڪنداسين.
جيئن ئي اسان جا تعليمي ادارا کوليا ويا ته، مُنڍ وارن ڪجهه ڏينهن ۾ سختيءَ سان احتياطي اُپائن تي عمل ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ ان تي ڪافي حد تائين عمل ڪرايو به ويو، پر جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو آهي، تيئن تيئن اِهي سڀ ڳالهيون ختم ٿيندي نظر پيون اچن. هاڻي جيئن بازارن ۽ شهرن ۾ ماڻهو بغير ماسڪ جي ۽ ٻين احتياطي تدبيرن جي گُهمي رهيا آهن، تيئن ئي اڪثر تعليمي ادارن ۾ به شاگرد ۽ استاد انهن ڳالهين تي عمل ڪندي نظر ڪونه پيا اچن. اسان وٽ ھميشه ائين ئي ٿيندو آهي، ته اسان ڪنهن به وڏي مسئلي يا سانحي کي سنجيدگيءَ سان ناهيون وٺندا ۽ ٿوري وقت گذرڻ کانپوءِ اسان منجهان ان جو ڊپ ختم ٿي ويندو آهي ۽اسان ان جي خطرن کي وساري ڇڏيندا آهيون.
وڏو مسئلو ته تڏهن ٿو پيدا ٿئي، جڏهن تعليمي ادارن ۾ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ لاءِ گهربل سامان ئي استادن ۽ شاگردن کي نٿو فراهم ڪيو وڃي. سماجي وٿيءَ کي نظر ۾ رکندي، شاگردن کي ڪجهه وڇوٽيءَ تي ويهارڻ لاءِ وڌيڪ ڪلاس رُومز ۽ فرنيچر گهربل آهي، جيڪو اسان جي تعليمي ادارن ۾ موجود ناهي. اهڙيءَ حالت ۾ شاگردن کي وٿِيرڪو ويهارڻ ممڪن ئي ناهي. ان کانسواءِ ڪيترن ئي اسڪولن ۾ پاڻي ۽ ٽوائليٽ جي سهولت موجود ناهي. انڪري وري وري صابڻ سان هٿ ڌوئڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. اسان جي ٻهراڙين ۾ اڪثر غريبن جا ٻار ئي پڙهن ٿا. انهن لاءِ اِهي ’سينيٽائيزر‘ ۽ ماسڪ خريد ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. شاگرد جيڪڏهن ڪپڙي جو ماسڪ ٺهرائي استعمال ڪن به ٿا، ته وري ان جي گهربل صفائيءَ جو خيال نٿا رکن. انهن سمورن مسئلن سان گڏ هڪ وڏومسئلو ٻارن جو نفسياتي طور تي پريشان ٿيڻ به آهي. وبا جي حوالي سان ميڊيا ۾ ايندڙ هر روز نيون خبرون ۽ افواهه به سندن پريشانيءَ جو وڏو سبب بڻجنٿا. انهيءَ ماحول جو مشاهدو ڪندي حڪومت، تعليمي ادارن جي سربراهن، والدين، استادن توڙي شاگردن کي ڪجهه گذارشون عرض رکجن ٿيون:
ــ اسان سڀني کي ماسڪ استعمال ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هيءَ وبا اڃا ختم ناهي ٿي. ماسڪ پائڻ سان ماڻهو پنهنجي نڪ ۽ وات کي سڌو سنئون ڇُهي نه سگهندو.
ــ انهن بي بنياد ڳالهين تي اعتبار ناهي ڪرڻو، ته ڪورونا ڪجهه به ناهي ۽ فقط هڪ مفرُوضو آهي... هرُوڀرو ماڻهن کي تنگ ڪيو پيو وڃي.. وغيره. ڪورونا هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سڄي دنيا تسليم ڪري چُڪي آهي.
ــ والدين ۽ استادَ، شاگردن جي صفائي سٿرائيءَ ۽ نظم وضبط جو سختيءَ سان خيال رکن.
ــ جن اسڪولن ۾ ٻارن جو تعداد گهڻو آهي، انهن کي مختلف ڏينهن تي واري ڦيري سان اسڪول گهرائجي.
ــ هجُومن ۽ ميڙاڪن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
ــ صابڻ سان هٿ وري وري ڌوئڻ گهرجن.
ــ حڪومت به سَکڻن اعلانن بدران ضروري شيُون ۽ سامان اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن تائين پهچائي. اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ ٽوائليٽ جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي.
ــ تعليمي ادارن ۾ صاف پاڻيءَ جي موجودگيءَ کي يقيني بڻايو وڃي.
ــ استادن کي پنهنجي روايتي پڙهائڻ وارن طريقن کي تبديل ڪري، ٻارنجو نفسياتي طور تي ڏڍُ بڻجڻ گهرجي ۽ کين صفائي سٿرائيءَ ۽ ماسڪ پائڻ جي وري وري هدايت ڪرڻ گهرجي.
ــ والدين کي به ٻارن جي صحت ۽ تعليم جي حوالي سان سنجيده ٿيڻ گهرجي. ٻارن جي طبيعت ٺيڪ نه هجي ۽ منجهن ڪورونا جي ڪابه علامت هجي، ته کين اسڪول نه موڪلجي.
ــ استادن کي ته سڀ کان پهرين انهن سمورين ڳالهين تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ گهرجي. ڇو ته شاگرد، استادن کان ئي سکن ٿا. هاڻي جيڪڏهن استاد ئي عمل نه ڪندا ته شاگرد ڪهڙو عمل ڪندا!
هي ڪجهه گذارشون آهن، جن تي عمل ڪرڻ سان اسان پاڻ کي ۽ پنهنجن پيارن کي هن وبا کان بچائي سگهون ٿا ۽ اُن سان گڏوگڏ اسان پنهنجي تعليمي نظام کي هن وبا جي مُند ۾ بهتر نموني هلائيندي، پنهنجي تعليمي عمل کي جاري رکي سگهون ٿا.
◙