ڪالم / مضمون

سڙيا مٿي سچ

”سڙيا مٿي سچ“ ننڍن وڏن ستاويھن ليکن جو مجموعو آهي، جنھن ۾سماج جي مڙني موجوده مسئلن نوڪريءَ جي نالي ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ مذاق کان ويندي تعليمي ادارن ۾ انتظامي نااهلي، آدمشماري، وڻن جي نسل ڪشي، سنڌي ٽي وي چينل ۽ ٻوليءَ جو بگاڙ، ڀوپن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار، ڪتاب نہ پڙهڻ جا مختلف بھانا، ادبي ميلا ۽ مچ ڪچھريُون ۽ ڪورونا وبا اهم موضوع آهن. سرمد جي مضمونن ۾ مقصديت، اختصار سان گڏ جامعيت، اهم نڪتن کي نروار ڪرڻ واري هنر سان گڏوگڏ هڪ تحمّل ۽ ٺهراءُ پڻ نظر اچي ٿو، جيڪو سرمد جي شخصيت ۾ بہ بدرجئہ اُتم موجود آهي.

  • 4.5/5.0
  • 18
  • 9
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سڙيا مٿي سچ

سياسي واعدا ۽ معصوم عوام

هونئن ته هر سال ۾ چار موسمون هونديون آهن، پر اسان وٽ انهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻي موسم جو واڌارو به ٿي ويندو آهي، جنهن کي ”اليڪشن جي موسم“ چيو وڃي ٿو. اليڪشن جي ڏينهن ۾ خاص طور تي اسان کي سالن پڄاڻان، وڏن ٽائرن واريون گاڏيون ڏسڻ نصيب ٿينديون آهن. ڪافي ڏٺل چهرا سالن کانپوءِ وري ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿيندي آهي. وري اُهي ساڳيا واعدا ۽ وچن ڪيا ويندا آهن، جيڪي هر اليڪشن جي مُند ۾ ڪيا ويندا آهن. ڪافي ورهه اڳ گذاري ويلن جون فاتحائون پڙهيون وينديون آهن... عُذر خواهيون ڪيون وينديون آهن... شادين جون مبارڪون ڏنيون وينديون آهن. ڇو ته اِن ’موسم‘ کان اڳ، ويچارا اميدوار عوام جي خدمت ۾ ايڏا ته مصروف هوندا آهن، جو انھن وٽ وقت ئي ناهي هوندو، جو اهي هي سڀ ڪم به ڪري سگهن. تان جو وري انهن کي ان موسم ۾واندِ ملندي آهي. همراهه وڏين وڏين گاڏين مان ويڪرين شلوارن سان لهندي، غريب عوام تي ايئن حڪم هلائيندا آهن، جهڙوڪر هي عوام سندن زر خريد غلام آهي. اهي صاحب حڪم ئي اهو ڪندا ته ”ووٽ اسان کي ڏجو! نه ته اسان جي خبر اٿَوَ...!“ غريب ۽ بي واهو عوام ويچارو ڪيڏانهن وڃي! مجبور ٿي کين ئي ووٽ ڏيندو آهي.سياستدان هميشه ڪُوڙا دلاسا ۽ ڌمڪيون ڏئي ووٽ وٺي ويندا آهن. جڏهن کين انهن ووٽن جي ڪري اقتدار ملي ويندو آهي، ته پوءِ هنن کان اهو غريب عوام وسري ويندو آهي ۽ پوءِ هي پُورن پنجن سالن تائين هن سماج کي کائيندا ۽ پَٽيندا رهنداآهن.
هن وقت سنڌ ۾ تمام گهڻي غربت آهي، تعليم ناهي، شعور ناهي، رڳو بُک ۽ بدحالي آهي. ماڻهو ويچارا پنهنجي پيٽ گذر جي ڳڻتيءَ ۾ قابو آهن. اهڙيءَ حالت ۾ هُو سُٺي ۽ بُري ۾ به فرق نٿا ڪري سگهن ۽ هر ڀيري هنن حرامخورن جي هٿان ٺڳجي ٿا وڃن. اِهي غريب هنن جي ڌمڪين کان ڊڄي، سردي گرميءَ ۾ پولنگ اسٽيشنز ٻاهران قطارن ۾ بيهي، انهن کي ئي ووٽ ڏين ٿا، پوءِ کين جيڪا موٽ ملي ٿي، سا ڪنهن کان به لڪل ناهي. حقيقت ته اها آهي جو هاڻي ماڻهو به اهڙيءَ سياست مان بيزار ٿي پيا آهن. پر هنن وٽ ٻي ڪا واهه به ناهي! آخر ڪيڏانهن وڃن!
اهڙيءَ صورتحال ۾ سنڌ جي پڙهيل لکيل ماڻهن جو اهو فرض آهي، ته هُو پنهنجي پنهنجي آسپاس جي عوام کي صحيح واٽ ڏَسين ۽ هنن جي منفي سياست ۽ حاڪماڻيءَ سوچ بابت کين ڄاڻ ڏين. انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري، کين بنيادي سماجي مسئلن بابت معلومات ڏين، ته جيئن هنن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايترو شعور اچي سگهي، جو هُو درست اميدوار جي چونڊ ڪري سگهن ۽ سڀني ۾ هڪ آواز ٿي مثبت اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي سگهه پيدا ٿي سگهي.
ڪئين ماڻهن جو اهو موقف به نوٽ ڪيو ويو آهي ته: ”ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي؟ جو اسين جن کي ووٽ ڏينداسين، اهي اسان جي دردن جو درمان ڪندا! ڇو ته اسان سان هن وقت تائين رڳو ٺڳيون ۽ استاديون ئي ٿينديون رهيون آهن!“ منهنجي خيال ۾ گارنٽي ته ڪنهن جي به ناهي، پر پوءِ به اُن اميدوار کان بار بار پڇاڻو ڪجي! کيس سندس تڪ جي مسئلن بابت ٻڌائجي، لکت ۾ ڏجي، دانهن ڪري ان دانهن جي تدارڪ لاءِ پويان پئجي، ته بهتريءَ جي هڪ اميد پيدا ٿي سگهي ٿي. نه ته کيس ٻئي ڀيري اکيون پُوري ووٽ نه ڏئي اچجي! منهنجي خيال ۾ هر اميدوار کانسندس هر ووٽر کي هيٺيان سوال ضرور ڪرڻگهرجن:

ــ سنڌ جي مجموعي (اجتماعي) مسئلن تي توهان اسيمبلي ۾ ڪيترا ڀيرا ڳالهايو؟
ــ سنڌ جي پاڻيءَ، ناڻي ۽ قدرتي وسيلن بابت توهان ڪيترا ڀيرا آواز اٿاريو؟ ۽ ان جو کڙ تيل ڇا نڪتو؟
ــسنڌ جي زراعت جي تباهيءَ تي توهان ڪيترا ڀيرا پنهنجو موقف ريڪارڊ تي رکيو؟
ــ سنڌ جي تباهه ٿيل تعليمي نظام لاءِ توهان ڇا ڪيو؟
ــ سنڌ ۾ صحت جي سهولتن جي سُڌاري بابت توهان ڪهڙا عملي قدم کنيا؟
ــ سماج ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ لاءِ اوهان ڪهڙيون رٿون پيش ڪيون؟ ۽ ڪوششون ورتيون؟
ــ سنڌ جي ماحولياتي تباهيءَکي روڪڻ بابتاوهان ڇا ڪيو؟
ــ سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻوليءَ“ جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڇا توهان ڪهڙا عملي قدم کنيا؟

انهيءَ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي سوال ٿي سگهن ٿا، جن جا جيڪڏهن مثبت جواب ملن، ته ووٽ ڏجي، نه ته اُن اميدوار کي ووٽ ئي نه ڏجي!
هن ڀيري ايندڙ چُونڊن ۾ اسان جنهن کي به ووٽ ڏيون، ان کي گهٽ ۾ گهٽ هيٺين پنجن ڳالهين (مسئلن) کي حل ڪرڻ لاءِ آماده ضرور ڪريون:

1 ــ تعليم: ناقص پاليسين سبب سنڌ جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي. اهو مسئلو اسان کي هميشه سڀني مسئلن کان وڌيڪ اهم سمجهڻ گهرجي. ڇو ته تعليم ذريعي ئي اسان هن سماج کي سُٺا فرد ڏئي سگهون ٿا. ان ڏس ۾ نياڻين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي.

2 ــ ماحوليات: ماحوليات هن صديءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. اسان وٽ وڻن جي واڍِي، جانورن ۽ پکين کي مارڻ عام بڻجي ويو آهي. اُنڪري ان طرف غير معمولي ڌيان جي ضرورت آهي.

3 ــ روزگار: هن وقت بيروزگاري انتهائي درجي تي پهتل آهي. غريب نوڪرين لاءِ چالان فيس ڀري اپلاءِ ڪن ٿا، پر کين نوڪري نٿي ملي. نؤجوانن جون صلاحيتون وڌائڻ لاءِ به اسان وٽ ڪي ادارا ڪونهن، جيڪي انهن کي ’جاب مارڪيٽ‘ لاءِ تيار ڪن. ان ڪري حڪومت کي اهڙا منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، جن سان بيروزگاري گهٽجي. اسان جو تعليمي نظام درست نه هئڻ ڪري اسان جا اڪثر نؤجوان ته مقابلي جا امتحان به پاس نٿا ڪري سگهن. ان جي نتيجي ۾ ماسٽرس ڪيل همراهَه کي پٽيوالي به نٿي ملي. نتيجي ۾ اسان جي نؤجوانن جو وڏو انگ، نفسياتي مُونجهاري جو شڪار ٿي، ڊپريشن جو مريض ٿيو وڃي.

4 ــ زراعت: زراعت ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏيءَ جي حيثيت رکي ٿي. زرعي سماج هجڻ ناتي اسان جو اهو فرض آهي، ته اسان کي زرعي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن وقت به سرڪار، شگر ملز وارن آبادگارن سان جُٺ ڪريو ويٺي آهي ۽ ان بابت حڪومت کان ڪوبه پُڇڻ وارو ڪونهي. اهو به انهن نمائندن جو فرض آهي، ته اهي آبادگارن کي مناسب اگُهه ۽ وقت سر پاڻي وٺرائي ڏين. جيئن اسان جي ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿي سگهي. نه ته ماڻهو پاڻ کي ايئن ئي خودڪشيُون ڪري ماريندا رهندا. ان ڪري ئي بدامنيءَ ۾ به مسلسل واڌارو ٿي رهيو آهي.

5 ــ ڪارو ڪاري ۽ قبيلائي جهيڙا: سنڌ، جيڪا سُونهن جي علامت سمجهي وڃي ٿي، تنهن کي اهي قبيلائي جهيڙا اندران ئي اندران کائِي کوکلو ڪري رهيا آهن. ڪيتريون ئي بيگناهه زندگيون انهن تڪرارن جي ور چڙهيو وڃن. انهن واقعن تي ضابطي آڻڻ لاءِ چونڊيل نمائندن جي رهنمائيءَ هيٺ ’سِول سوسائٽيءَ‘ کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.
تنهنڪري، مون کي اميد آهي، ته اسان جو عام ماڻهو ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ کان اڳ، انهن ڳالهين کي ذهن ۾ ضرور رکندو، ته جيئن سندس انفرادي توڙي قوم جي اجتماعي حقن جو حصُول ممڪن ٿي سگهي ۽ سماج، مثبت رستي تي هلڻ جي قابل ٿي پوي. ◙

(پندرنهن وار”عبرت“ ميگزين جي فيبروري2008ع واري ”اليڪشن اسپيشل“ شماري ۾ اُن وقت ٿيندڙ عام چونڊن جي مناسبت سان شايع ٿيل)