پاڻيءَ جي کوٽ ۽ زراعت جي تباھي
زراعت جي تباهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهو ذھني مريض ٿيندا پيا وڃن. ڪافي ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ ۽ پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي به مجبور آھن. انهن ذھني پريشانين ۽ پيٽ ۾ بُک جي ڪري روزانين چورين توڙي ڌاڙن جي انگ ۾ بهمسلسل واڌارو ٿي رھيو آهي ۽ سماج ۾ بدامني پکڙجي رھي آھي، جيڪا خود سماج لاء وڏو ناسور آھي. ھاڻي ماڻهو پاڻيءَ جي ڪري وڏي پيماني تي جھيڙا به ڪن ٿا ۽ ھڪٻئي کي ماريندي به دير نٿا ڪن.
انھيءَ تباھيءَ سان اسان جي ماحوليات کي به تمام وڏو نقصان پهتو آھي. جتي اڳي ڍنڍون ۽ ڍورا تارؤُن تار ھوندا ھئا، ھاڻي اُتي سُڃَ ۽ رُڃَ واڪا ڪري رھي آھي. آبادي وڌڻ ڪري ماڻهن پنھنجيون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وڻن کي به وڍي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. اڳي جتي وڏا وڏا جھنگل ٻيلا ھوندا ھئا، اتي ھاڻي ھڪ وڻ به ڳولي نٿو لڀي.
گڏوگڏ جانورن توڙي پکين جا پڻ کوڙ سارا نسل تباهه ٿي چڪا آھن. جتي اڳ ۾ سَھا، ڪبوتر، طوطا ۽ پوپٽ عام جام ھوندا ھئا، اتي ھاڻي رڳو مکيُون ۽ مڇر آھن، جيڪي مختلف بيماريون ڦھلائڻ جو سبب بڻيل آھن. پوپٽ، گلن تي ايندا ھئا، جڏھن گل ئي ناهن رھيا ته پوپٽ ويچارا بهرستا مَٽائي ويا آهن. ھاڻي ھر طرف آھي گند ۽ ڪچرو!جيڪو مکين ۽ مڇرن جو آماجگاهه آھي، جن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي.
مٺو پاڻي نه ھئڻ ۽ ڊائون اسٽرِيم ڪوٽڙي نالي ماتر پاڻي ڇڏڻ ڪري، لاڙ جي سمنڊ کي ويجھن ضلعن کي سمنڊ به ڳڙڪائيندو پيو وڃي ۽ اتي رھندڙ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته اُتي رھندڙ مڪاني ماڻهن کي ھر وقت سامونڊي طوفان ۽ ٻين قدرتي آفتن جو پڻ ڊپ رھي ٿو.
ھن سڄي تباهيءَ ۾ ٻيو جيڪو وڏو ظلم ڪيو پيو وڃي،اُهو اِھو آھي ته آبادگار سُورن سان قرض کڻي وڏا خرچ ڪري، جيڪڏهن ڪو فصل پوکين ٿا، ته وري ان فصل جي اُپت تي سرڪار پاران اُن جو مناسب اگھ نٿو ڏنو وڃي ۽ وري اھو خريد به نٿو ڪيو وڃي. جنھن جو مثال ھن وقت ڪڻڪ جي خريداري نه ڪرڻ آھي. يا وري لاڙ وارن ضلعن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهو ڪمند پوکين ٿا، ته ڪمند جو به مناسب اگھ نٿو ملي ۽ شگر ملون به تمام دير سان ۽ ٿوري وقت لاءِ ھلايون وڃن ٿيون. نتيجي ۾ غريبن جي اميدن تي پاڻي ڦري ٿو وڃي. حد اھا آھي جو جيڪو اگھ حڪومت طرفان هر سال مقرر ڪيو ٿو وڃي، اهو به شگر مل مالڪَ ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. ان سان امير، وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب، ويتر غريب!!
ان سڄي تباهيءَ ۾ حالت اتي وڃي پھتي آھي، جو زيرِ زمين پاڻي (جَرُ) به کارو ٿي ويو آھي، پاڻي ۾ سينکيو ۽ ٻيا زھريلا مادا وڌي ويا آھن، جن جي ڪري ڪينسر ۽ ٻيون خوفناڪ بيماريون پيدا ٿي رھيون آھن.
انڪري ھاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آھي، ته پاڻيءَ جي انصاف واري ورڇ ڪجي ۽ جيڪي پاڻي چوري ڪن ٿا، انھن کي قانون موجب سزا ملڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ وڻن جي واڍيءَ تي پڻ پابندي لڳائي وڃي ۽ نوان وڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ جون مھمُون شروع ڪجن. مختلف زرعي جنسن جا اگھ مناسب ڏنا وڃن، ته جيئن سنڌ جو پورھيت ۽ مزدور طبقو ساھ کڻي سگهي ۽ فضيلت ڀري زندگي گذاري سگهي.
ھاڻي اھو سڄو ڪم آھي حڪومت جو! جنھن کي اھو غريب ٽيڪس ڏئي ٿو ۽ ٻيو انهن نمائندن جو، جِن کي ھي ماڻهو ووٽ ڏين ٿا. ھي ڪو عام مسئلو ناھي، پر تمام وڏو مسئلو آھي. جيڪڏهن ھن کي صحيح طرح سان حل ڪري وقت سِر جوڳا اپاءَ نه ورتا ويا، ته پوءِ اسان جي سماج جي حالت اڃا به خراب ٿيندي ۽ ان جا ويجهي مستقبل ۾ ڏاڍا خوفناڪ نتيجا نڪرندا.
◙
(پندرنهن وار ”عبرت“ ميگزين جي 15 جون 2019ع واري شماري ۾ شايع ٿيل)