سنڌ ۾ وسڪارو ــ رحمت؟ يا زحمتَ؟
ماڻهو ويچارا گرميءَ کان بچڻ ۽ دريائن ۾ پاڻيءَ جي وهڪرن ۾ واڌ لاءِ مِينهَن جون دعائون ته گُهرندا آهن، پر جڏهن مينهن وسڻ شروع ٿيندا آهن، ته انتظامي نااهليءَ ۽ ڪرپشن جي ڪري اهي مينهن، رحمت بجاءِ زحمت بڻجي پوندا آهن. وري به هر حال ۾ عام ماڻهو ئي سُورن ۾ اچيو وڃي! هاڻي ته ماڻهن سان ڪاتيءَ ۽ گِدري واري ڪار آهي.هُو مينهن وسڻ سان خوش به ٿين ٿا، ته ساڳئي ئي وقت ناخوش به ٿين ٿا، ڇو ته کين خبر آهي ته سندس ڪچِي جُهڳي توڙي سُورن سان پوکيل اَڀرو سَڀرو فصل، انهن مينهن جي سَٽَ سهي نه سگهندو. شهرن ۾ به پاڻيءَ جي نيڪال جو ڪوبه جوڳو انتظام نه هجڻ ڪري، شهري به وڏي عذاب مان گذرن ٿا. هفتن جا هفتا بجلي هلي ٿي وڃي، جيڪا ماڻهن لاءِ هڪ الڳ مصيبت آهي. بجلي بند ٿيڻ جو به وڏو سبب اهو ئي آهي، ته بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ادارن پاران، هڪڙن علائقن ۾ چوري ٿيل بجليءَ کي ٻين علاقن ۾ بجلي بند ڪري حساب ڪتاب پُوروٿو ڪيو وڃي. جنهن جو سبب ماڻهن کي وري اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته ”بجليءَ جي بحاليءَ وارو ڪم جاري آهي... جنهن ڪري پاورجي سپلاءِ بند آهي!“ ماڻهو به ويچارا هميشه وانگر سندن ڪوڙن دلاسن تي اعتبار ڪري، خاموش ٿي صبر سان سُور سهندا رهن ٿا.
ان کان وڏي بيوسي ۽ الميو ڪهڙو ٿو ٿي سگهي! جو شهرن ۾ بيٺل پاڻيءَ بابت، انهن شهرن ۾ رهندڙ ڪامورا سوشل ميڊيا تي اهي پوسٽون شيئر ٿا ڪن، ته هاڻي گهرن مان نڪرڻ لاءِ ٻيڙيون رکجن. ان جو مطلب اهو آهي ته برسات جي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ لاءِ هنن وٽ ڪا به جامع رٿابندي يا تياري ناهي. اهي ڪامورا، انهن حڪمرانن سان ملي ڪري، ترقياتي رٿائن جا پيسا کائين ٿا ۽ ان جڳهه تي ڪم رڳو ڪاغذن جا پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿئي ٿو. مختلف شهرَ، مختلف بااثر ماڻهن کي ٺيڪي تي ڏنل آهن. جتي اهي ٺيڪيدارَ مال ميڙي، پنهنجا ۽ پنهنجن ڌڻين جا ڀِڀَ ڀرين ٿا. اهڙيءَ طرح مينهوڳيءَ جي مند ۾ شهرن ۾ رهڻ، ڪنهن جنگ کان گهٽ ڪونهي!
ٻيو ته اسان وٽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جو استعمال به تمام گهڻو ٿئي ٿو، جيڪي هڪ ته مختلف بيمارين جو سبب بڻجن ٿيون ۽ ٻيو ته اهي نالين ۾ ڦاسي، انهن کي بند ڪري ٿيون ڇڏين. اهي ٿيلهيون نه ڳرِي سگهن ٿيو ۽ نه ئي تلف ٿي سگهن ٿيون. انهن کي ساڙڻ ته ماحول سان ڪنهن وڏي دشمنيءَ کان گهٽ ڪونهي، جنهن جي سڙڻ سان ماحول دشمن زهريلين گيسن جو اخراج ٿئي ٿو، جيڪي زندگيءَ لاءِ هاڃيڪار آهن. انهن ٿيلهين جي نالين توڙي گٽرن ۾ ڦاسي پوڻ سبب، مِينهن جو پاڻي، مختلف علائقن ۾ بيهي ٿو رهي. جيڪڏهن وڌيڪ مينهن پوي ٿو ته اهو پاڻي گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين هيٺاهيُن جڳهن ۾ اندر داخل ٿيندي به دير ئي نٿو ڪري! نتيجي ۾ اسڪولَ، ڪافي ڏينهن تائين بند ۽ اسپتالون ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿي وڃن ٿيون. يا وري وڏو پاڻي جھاڳي استاد، شاگرد، طبي عملو توڙي عام ماڻهو انهن جايُن تائين پهچن ٿا. جنهنڪري، ان سڄي ماحول ۾ زندگيءَ جو ڪاروهنوار بيهي ٿو رهي ۽ ڪمَ ڪار سُستيءَ جو شڪار ٿين ٿا.
ڳوٺن ۾ ته مينهن، فطري سونهن ۾ واڌاري جو سبب هوندا آهن، پر هاڻي اتي به ٺهيل سِمَ نالا، ٻهراڙين کي هر سال ٻوڙيندا رهن ٿا، جنهن سان عوام جو جاني توڙي مالي نقصان ٿئي ٿو. هاڻي ته اهي سِمَ نالا، ڪنهن راڪاس کان گهٽ ناهن. انهن سنڌ جون سون جهڙيون زرعي زمينون تباهه ڪري ڇڏيون آهن. سامونڊي پٽيءَ تي، سمنڊ جي چاڙهَه جي ڪري به، اتي رهندڙ ماڻهن جي زندگي بيحد ڏکي ٿي پئي آهي. اهي سِمَ نالا به انهن علائقن جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ ٺاهي، پنهنجا نوازي ڪري ماڻهن کي مالي فائدا ڏنا ويا. جنهن جو نتيجو هن وقت اسان سڀني جي سامهون آهي. وقت تي پاڻي نه ملڻ ڪري، ماڻهن فصل به وڏي خرچ سان دير سان پوکيا، سي به برساتن جي ور چڙهِي، ٻُڏي ويا.
هن سڄي ظلم ۾ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي، ته انتظاميه ۽ سياستدان ڪٿي به نظر ڪونه ٿا اچن! ان کان وڌيڪ ظلم ڪهڙو ٿيندو، جو معمول جا مينهن به اسان لاءِ عذاب ٿي ٿا پون. وري به ايندڙ هفتي کان عيد جي دؤران به مِينهن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وڃي، جيڪو ٻُڌي ماڻهن جو ساھه مُٺ ۾ آهي، ته جيڪڏهن هن ڀيري به تيز مينهن پيا، ته اسان جو ناڪاره نظام، اسان لاءِ جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيندو.
هاڻي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران، ڪامورا ۽ باشعور ماڻهو گڏجي هڪ منصوبابندي جوڙين ۽ ان کانپوءِ ان لاءِ عملي ڪوششون وٺن، ته جيئن ’ابرِ رحمت‘ کي ’ابرِ زحمت‘ بڻجڻ کان بچائي سگهجي.
◙
(سنڌ ۾ 27 جولاء 2019ع تي پيل تباهه ڪُن مينهن کانپوءِ واريءَ صورتحال تي لکيل)