10
” امان جاني.... امان جاني! “ ننڍڙي ٻالڪ ننڊ ۾ سڏڪندي ڀڻ ڀڻ ڪئي.
ھو پنھنجي کٽ تان اُٿي، ڀر واري کٽ تائين آئي، ۽ ٻارڙي جي ڇاتيءَ تي ٿڦڪيون ڏئي، ھن کي سمھارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر ھن جي اوپرن ھٿن کيس ھيڪاري جاڳائي وڌو، ۽ وڏي آواز سان ڍنڍڪڻ لڳو.
” امان جاني..... امان جاني! “
ھن جي روئڻ تي، ھن جي ڀر ۾ ستل نينگر به جاڳي پيو. نينگر اٺن نون سالن جي عمر جو ھو، پر بدن ۾ اھڙو ڀريل ھو جو ٻارنھن تيرھن ورھين جو ڇوڪراٽ ٿي لڳو.
” ڪنيز ھن کي چپ ڪراءِ، اسان جي آرام ۾ خلل ٿو پوي! ۽ ھن کي سمجھاءِ ته حضور مرزا قيصر بيگ جا شھزادا روئيندا نه آھن! “ ڇوڪري پنھنجي آواز ۾، ننڊا کرائي ھوندي به، رعب تاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
نُوري ڪا گھڙي ھن کي ڏسندي رھي. ھن پنھنجي ڳوٺ جا ٻار به ڏٺا ھئا، جيڪي روئندا به ھئا کلندا به ھئا، کيڏ به ڪندا ھئا، تنگ به ڪندا ھئا، ڪپڙي لٽي پائڻ ۾ مائرن يا ڀينرن کي تنگ به ڪندا ھئا، ھڪ ٻئي کي دڙڪا دھمان به ڏيندا ھئا، کيڏندي کلندي ڪُڏندي وڙھندا به ھئا، پر منجھن ھڪ خاص ڳالھه ھوندي ھئي، جنھن جو احساس ھن کي فقط ھاڻ ٿيو ھو: منجھن معصوميت ھئي، اڻ لکو پر منھن تي بکندڙ ماڻھپو ھو، ھنن ۾ ٻاراڻي ھئي جيڪا قدرتي ھئي، جنھن کانسواءِ ھوءَ ھنن کي تصور ۾ به آڻي نٿي سگھي. ان جي برعڪس، ھي به ٻار ھئا، پر منجھن ٻاروتڻ نه ھو، منجھن معصوميت بدران بناوٽ ھئي، سندن کيڏ ۽ ضد به بناوٽي ۽ نرڄائي وارو ھو، ھنن جي منھن مان ماڻھپو نٿي بکيو، سندن منھن تي ڪوبه احساس قدرتي نه ھو؛ جيڪي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي اڳيان به ٻار نه ھئا. جيڪي پنھنجي ماءُ پيءُ جي اڳيان انگل ڪرڻ وقت به ٻار نه ھئا. ھي ٻار نُوريءَ جي آزمودي جي دائري کان بنھه ٻاھر ھئا. انڪري ھوءَ ھنن کي سمجھڻ، سمجھائڻ ۽ پرچائڻ کان لاچار ھئي.
ان مھل پري کان فجر جي ٻانگ جي صدا آئي ته ڇوڪرو ھڪدم ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو.
” ڪنيز، اسين وضو ڪرڻ ٿا گھرون.... اسان حضور ابا جان کي ٻڌائڻ گھرنداسون ته سندن حڪم جي تعميل ۾ اسين ڪابه ڪوتاھي نٿا ڪريون، ۽ اسين نماز لاءِ ھنن سان گڏجي ھلڻ لاءِ تيار آھيون! “
نينگر جي آواز تي ٻارڙي اوچتو پنھنجو روئڻ بند ڪري ڇڏيو. نُوري اُتي ئي ويٺي رھي. نينگر جي وڏي آواز ڳالھائڻ تي ھڪڙو ڪارو ديو جھڙو حبشي اگھاڙي خنجر سان در کولي اندر ھليو آيو. ھن نھايت خونخوار نظرن سان نينگر کي گھوريندي چيو: ” ڪنيز، ھنن کي خاموش رھڻ سيکار، نه ته ھنن سان گڏ تنھنجي سر جو به خير ڪونھي! “
حبشيءَ جي آواز ۽ اگھاڙي خنجر جي اولڙي ھيڪاري نوريءَ جو ساھه سڪائي ڇڏيو. ھن ٿورن ئي ڏينھن اندر جيڪي ڪجھه ڏٺو ھو، ان ھن کي سيکاري ڇڏيو ھو ته اگھاڙو ھٿيار پنھنجي اُڃ لاھڻ کانسواءِ، واپس مياڻ ۾ موٽي نه ويندو آھي. حبشيءَ جي دڙڪي ۽ خنجر ڇوڪرن کي به ھيسائي ڇڏيو، ۽ ھو ٻئي نوريءَ کي چنبڙي پيا. روڄ ھنن جي نڙگھٽ اندر ئي گھٽجندو رھيو. ٻئي ٻار ڪرڙِيءَ وانگر پئي ڪنبيا. وڏي ڇوڪري جو رعب تاب ۽ حشمت به پَر ڪري اُڏامي ويا.
نوريءَ به ڪنبندي، ھيسيل آواز ۾ چيو: ” ھاڻ ھي نه روئندا؛ آءٌ ھنن کي ماٺ ڪرائينديس. اوھين وري آواز نه ٻڌندا. “
حبشيءَ پھريون ڀيرو نوريءَ کي چتائي ڏٺو، ۽ الائي ڇو ھن جي دل پنھنجو ڌڪ گسائي وئي. يا الله، تو ھن ڇوڪريءَ کي ڪيڏو نه حسن بخشي ڇڏيو آھي. ھن سوچيو ته ھن سموري عمر ارغون سردارن جي حرمن جي نگھباني ڪئي آھي، پر ھھڙو حسن، ھھڙي سونھن، ھھڙي دلڪشي ھن ڪڏھن به نه ڏٺي ھئي. ڇا غلام به ايڏا دلڪش ٿي سگھن ٿا؟ ھن کي بصري جي بازار ۾ وڪامڻ وقت، پنھنجي ڏاڏي جا چيل لفظ ياد اچي ويا: ” اسين ڪوجھا انھيءَ ڪري آھيون، جو غلام آھيون. جڏھن غلاميءَ جا زنجير ڪٽجي ٿا وڃن، تڏھن قومن ۾ حسن ۽ دلڪشي به موٽي ايندي آھي! “
حبشيءَ جي اکين ۾ ڪو ڪُھنو ڌنڌ لھي آيو. ھن کي اھو وقت ياد آيو، جڏھن ھن کي ٻين سان گڏ زنجيرن ۾ جڪڙي، جھاز ۾ سوار ڪيو ھئائون. ھن جھاز ۾ پنھنجي ساٿي غلامن سان پنھنجي ڏاڏي جي ٻڌايل ڳالھه کنئي ھئي. ھن جي ڳالھه جو ھن جي ساٿين تي عجيب اثر ٿيو ھو. ھنن مان ڪنھن چيو ھو ته پوءِ ڇونه اسين به آزادي ماڻيون ۽ حسن ۽ دلڪشي ماڻيون! ۽ پوءِ ھنن سڀني گڏجي، جھاز تي بغاوت ڪري، آزادي حاصل ڪري ورتي ھئي. وڙھندي وقت ھن کي ائين محسوس ٿيو ھو، ڄڻ ته سج جا ڪرڻا ھن جي رت ۾، پنھنجو سمورو حسن اوتي رھيا ھئا. جيئن جيئن ھو پنھنجي آقائن کي ڪپيندو، وڍيندو، ڪيرائيندو ويو، تيئن تيئن ھن جو اھو احساس وڌيڪ اونھو ٿيندو ويو ته ھن جي بدصورتي ھن جي جسم تان، ڪنھن پراڻي کَل وانگر لھندي ٿي ويئي، ۽ ھڪ نئين خوبصورت کَل ان جي جاءِ وٺندي ويئي. سج جا ڪرڻا ھن کي پنھنجو حسن بخشي رھيا ھئا. ھن جي ڪوجھائي تبديل ٿي رھي ھئي.
جڏھن ھن ۽ ھن جي ساٿين جھاز تي قبضو ڪري، آزادي حاصل ڪئي ھئي، تڏھن جھاز جي عيشي تي بيھي، ھن وشال سمنڊ مٿان سج جي کڙندڙ شعاعن کي مخاطب ٿي رڙ ڪندي چيو ھو: ” اي سمنڊ، ڏس اڄ آءٌ به تو وانگر آزاد آھيان! اي سج، ڏس اڄ آءٌ به تو وانگر آزاد آھيان! ۽ آءٌ ايڏو ئي خوبصورت آھيان، جيترو تون خوبصورت آھين! “ ھن کي پنھنجا سمورا ساٿي ايترائي سھڻا لڳا، جيترو ھو پاڻ سھڻو ھو.
۽ پوءِ ھنن گڏجي ھڪ گيت ڳاتو ھو؛ جنھن جا لفظ، اڳ ڄاتل نه ھوندي به، پاڻمرادو ھنن جي ويڪرين ڇاتين مان، گونجي اٿيا ھئا:
” سج سھڻو آھي،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھي!
سمنڊ سھڻو آھي،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھي!
پکي سھڻا آھن،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
جبل سھڻا آھن،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
ٻيلا سھڻا آھن،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
دريا سھڻا آھن،
- ڇاڪاڻ ته آزاد آھن!
اسين سھڻا آھيون،
- ڇاڪاڻ ته اسين آزاد آھيون!
- ڇاڪاڻ ته اسين آزاد آھيون!
پر پوءِ، جڏھن ھو بصري پھتا، ۽ ھنن جي آقائن ۽ خريدارن جي محافظ آقائن، پنھنجي ٻين غلامن ۽ لشڪرين جي مدد سان، ھنن کي وري غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏھن ھو ائين وڙھيا ھئا، ڄڻ پھاڙ وڙھي رھيا ھئا، ڄڻ سج وڙھي رھيا ھئا، ڄڻ سمنڊ وڙھي رھيا ھئا! ھڪ ھڪ ٿي ھن جا ساٿي ڪرندا ويا. لشڪرين جي ڪٽڪ اڳيان ھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، سَنگن وانگر لڻجندا ويا!
جڏھن ھن کي وري زنجيرن ۾ جڪڙي امير جي اڳيان آندائون، تڏھن ھن کان پڇيو ھئائون: ” تو بغاوت ڇو ڪئي؟ “
” غلام بغاوت ڇو ڪندا آھن؟ “ ھن ڄڻ پاڻ کان سوال ڪيو.
” اھوئي ته توکان پڇون ٿا ته غلام ٿي ڪري تو ڇو بغاوت ڪئي؟ “
” مون سونھن حاصل ڪرڻ ٿي گھري، ۽ مون ٻڌو آھي ته آزاديءَ سان ڪوجھائي ختم ٿي ويندي آھي! “
۽ پوءِ ھن کي ھميشه لاءِ ڪوجھو ڪرڻ لاءِ جڏھن ھن جي مردانگي ھن کان کسي ورتائون، ۽ کيس خواجه سرا جو لقب ڏنائون، تڏھن ھن کي ھيڪاري وڌيڪ يقين ٿي ويو ته آزادي سونھن آھي، آزادي مردانگي آھي. آزادي کسڻ سان انسانن کي ھميشه لاءِ اندران توڙي ٻاھران، ڪوجھو بنائڻ آقائن جو دستور آھي!
۽ ھن وري ھن سنڌي نينگِريءَ ڏانھن ڏٺو: شايد سنڌي واحد قوم آھن جيڪي غلام ھوندي به سھڻا آھن! ھن جي دل چيو ته ھن چوڏھينءَ جي چنڊ کان به خوبصورت وينگس کان پڇي ته تون غلام ھوندي به ايڏي سھڻي ڇو آھين؟
۽ پوءِ ھن خنجر وري پنھجي مياڻ ۾ وجھي ڇڏيو، ۽ ھوريان چيائين ” تون ھنن کي ماٺ ڪراءِ، نه ته .... “ ھن جي دڙڪي ۾ ھاڻ اھا ڪاٽ نه ھئي، اھا خنجر جي اگھاڙي ڌار نه ھئي، ۽ ھو ائين ئي ڀڻ ڀڻ ڪندو ٻاھر ھليو ويو.
نُوري ڪا گھڙي، ھن حبشيءَ کي ويندي ڏسندي رھي. ڊپ کان ھن جي بدن جي رڦڻي جڏھن جھڪي ٿي، تڏھن ھن وري ڇوڪرن ڏانھن نھاريو، جيڪي اڃا تائين ھن جي ٽنگن سان چنبڙيا پيا ھئا. ھنن ٻارن سان ھن جو ڪوبه رشتو ناتو ڪونه ھو، پر تڏھن به حبشيءَ جي خنجر ۾، ھنن جي موت جا امڪان ڏسي، ھوءَ دھلجي ويئي ھئي، ڊڄي ويئي ھئي، ۽ ڪھڪاءَ کان ھنن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ پناھه ڏيڻ جو جذبو الائي ڪٿان ۽ ڪيئن ھن جي دل ۾ پيدا ٿيو ھو. اھو ان جي باوجود ٿيو ھو ته اھي ڇوڪرا مرزا قيصر بيگ جا پٽ ھئا، جنھن جي اشاري تي، ھن جي ماءُ ۽ ھن جا سوٽ ماسات ڀالن جو بَکُ ٿيا ھئا. ھن کي اھا رات ياد آئي، جڏھن ھن جي ڳوٺ تي ڌاڙو لڳو ھو ....... *