11
نُوريءَ کي ياد آيو ته سندس ماسات خيرل جي گھوڙي، ” چنبيليءَ “ جي ھاڪ سڄيءَ سنڌ ۾ ڦھليل ھئي. ڪٿان ڪٿان جا ماڻھو رڳو گھوڙيءَ کي ڏسڻ لاءِ اچي مھمان ٿيندا ھئا، ۽ پوءِ اوطاقن ۾ گھوڙن جي نسلن- ۽ خاص طرح سنڌ جي گھوڙن- تي سُگھڙ سڄيون سڄيون راتيون پيا بيت ۽ پروليون ڏيندا ھئا. سڪندر جي گھوڙي ” بوسيفل “ کان دولھه دريا خان جي گھوڙي ” ملوڪ “ تائين، گھوڙن جا شجرا بيتن ۾ بيان ٿيندا ھئا. خيرل ته پنھنجي گھوڙيءَ جو مَٽ جَنتي گھوڙن کان به مٿاھون ڀائيندو ھو، ۽ جڏھن ھو ٺٽي جي پير سڪندريءَ واري گوءِ کٽي آيو، تڏھن ته ھيڪاري ھن جو مانُ ايڏو مٿاھون ٿيو، جو ماڻھو ڀوڳ ڪري چوندا ھئس ته خيرل ته شادي به چنبيليءَ سان ڪندو، جو رات ڏينھن پيو چنبيليءَ جي ٽھل ٽڪور ڪري!
پوءِ جڏھن ٺٽي جي عامل جا ماڻھو شھنشاھه جھانگير لاءِ گھوڙِي ڏسڻ آيا، تڏھن ته ھنن جو ڳوٺ ڄڻ ته سنڌ جو مرڪز بڻجي ويو. سيوھڻ مان ترخانن، بکر مان سيدن ۽ چانڊڪا مان اميرخانين ايلچي موڪليا ته گھوڙي اسان کي ڏيو ته شھنشاھه کي پيش ڪريون: قيمت جيڪا خيرل چوندو، سا کيس ملندي. ٺٽي جي عامل ته پنھنجو خاص ماڻھو- قيصر بيگ- موڪليو ته گھوڙي ڪاھي اچي. خيرل اصل، ڪنھن جي ڳالھه مڃڻ لاءِ تيار نه ھو. ڳالھه وڃي لاھور پھتي. جھانگير جا خاص ماڻھو گھوڙي ڏسڻ آيا. وڏي درٻار لڳي. پنوھرن جي چڱي مڙس جنھن اھو مامرو پئنچائت جي اڳيان اڇلي وڌو، ته به خيرل اصل ” ھا “ نه ڪئي. پنھنجي پير مرشد سائين چڱي ڏني شاھه جو به چيو نه ڪيائين. نيٺ ٺٽي جي عامل سپاھين جو شاھي دستو موڪلي ڏنو ته خيرل قيمت وٺڻ تي راضي نه ٿئي، ته گھوڙي زوريءَ ڪاھي اچن.
ان رات سڄي ڳوٺ جو ساھه مُٺ ۾ ھو. چوڌاري ڳوٺ کي مغل لشڪرين گھيرو ڪري ورتو ھو. ڪنھن کي به ڳوٺ مان ٻاھر نڪرڻ جي اجازت نه ھئي. نه وري ڪو ڳوٺ ۾ اندر داخل ٿي ٿي سگھيو. خيرل کي سمجھائڻ لاءِ وري پئنچائت ويٺي. مرشد جو خليفو پاڻ به ھلي ملي آيو مغلن جي سفارش لاءِ؛ پر خيرل وڻ گھوڙو ٻڌڻ نه ڏنو. مغلن دڙڪو ڏنو ته اسين ڳوٺ کي باھه ڏيئي حملو ڪري، گھوڙي ڪاھي وينداسون! پر ان جو خيرل تي اثر خير ڪي ٿيو. ھن فقط ايترو ئي چيو ته ” گھوڙي منھنجي آھي، زوريءَ يا لالچ سان گھوڙي ھرگز نه ڏيندس! “
مغلن کي ڪاوڙ ته ڏاڍي ھئي. ھو سنڌ جا حاڪم ھئا، سنڌي ھنن جي رعيت ھئا. رعيت جي اھا مجال جو پنھنجي وھٽن کي، مغلن جي حڪم جي باوجود، سندن خدمت ۾ پيش نه ڪن! پر چيائون ٿي ته گھوڙيءَ جي ھاڪ ٻڌي خود ملڪه اعظم نورجھان ضد ڪيو ھو ته گھوڙي کيس پيش ڪئي وڃي.
جڏھن پئنچائت جي فيصلي تي به خيرل نه بيٺو، تڏھن مغلن آخرڪار گھوڙي زوريءَ ڪاھڻ جو فيصلو ڪيو. سؤ کن مغل لشڪري، نما شام جو ڀالا اُلاريندا ڳوٺ ۾ داخل ٿيا. ھنن جي اڳيان ڪابه رنڊڪ نه ھئي. مغل ڪجھه شڪيا ته ضرور ڪا کيڏ رٿيل ھئي. ھنن جي تجربي ھنن کي ٻڌايو ته ڪنھن به سنڌي ڳوٺ تي چڙھڻ سولو نه ھو. ننڍا نيٽا جوان مئي مارائي کانسواءِ ڳوٺن تي قبضو ڪرڻ نه ڏيندا ھئا. تعداد ۾ ٿورا ھوندي به ائين وڙھندا ھئا، ڄڻ بکئي شينھن پنھنجي چُر جي حفاظت ٿي ڪئي. پر اڄ ڳوٺ جا سمورا مرد پنھنجي پنھنجي ويڙھي اڳيان خاموش بت بڻيا بيٺا ھئا. ڪنھن به مغلن سان اٽڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، ۽ ھو سڌا اچي خيرل جي ڪُڙھه تي بيٺا. خيرل جي ڪُڙھه ۾ به مڪمل ماٺ ھئي. خيرل به اُتي ڪونه ھو، نه ئي ڪو سندس سنگتي ساٿي موجود ھو. البت چنبيلي اُتي موجود ھئي، پر سندس خوبصورت مُنڍي ڌڙ کان ڌار ھئي. .....!
مغل جيئن آيا، تيئن واپس وريا. ھنن کي سنڌين جو ھيءُ ضد بنھه سمجھه ۾ نه آيو. شھنشاھه جي حڪم تي خيرل کي اشرفين جي خرزين جي آڇ ڪئي وئي ھئي، پر خيرل اشرفين جي خرزين وٺڻ بدران پنھنجي اھڙي سونھاري گھوڙيءَ کي پنھنجي ھٿن سان ڪُھي ڇڏيو. ھي سنڌي پڪ ئي پڪ عقل جا انڌا آھن! پر ھاڻ ھو نورجھان بيگم کي ڪھڙو جواب ڏيندا؟ ان تي سوچيندا، مغل موٽي ويا!
ان جي ٽئين ڏينھن ڳوٺ تي ڌاڙو لڳو. ٻٽون ٻڌل ويھارو مڙسن جو، ڳوٺ تي ڪاھي آيو. گھوڙن جي ھڻڪارن، ڪھاڙين، ڀالن ۽ بڙڇين جي آوازن تي نُوري ۽ سندس ماءُ ڇرڪ ڀري اُٿي ويٺيون ھيون. نوريءَ جي اکين آڏو، ھڪڙو ڀالو ماڻس جي ڇاتيءَ کي ڇيھون ڇيھون ڪندو ويو، ۽ ھن جي جيجل ماءُ جي وات مان ڪلمو به چيرجي نڪتو ھو. ھوءَ ڊوڙي ماءُ تائين آئي، ۽ کڻي کيس ڀاڪر ۾ ڀريائين؛ ” امان .... منھنجي جيجل امان! “ ھوءَ سڏڪن سان ماءُ کي ھنج ۾ لوڏيندي رھي. پر پوءِ ھڪڙي مڙسالي ھن جي ٻانھن ۾ ھٿ وجھي، ھن کي ڇڪي اٿاريو، ۽ ٻئي ھٿ سان خنجر جي چھنب ھن جي نڙيءَ تي کڻي رکيائين. ان وقت به ھن کي پنھنجي مرڻ جو ڪو خيال نه ھو. ھن ڇڪ ڏيئي، پاڻ ڇڏائي، وري پنھنجي جيجل ڏانھن موٽڻ ٿي گھريو. ان ڇڪ ۾ ھن جي نڙيءَ ۾ خنجر جي چھنب سان چھڪ اچي ويو، ۽ رت لار ڪري، ھن جي چولي کي پِسائڻ لڳو. پر ھن کي ان زخم جو ڪو احساس نه ٿيو. ھن جو دماغ ھر احساس کان وانجھو ھو، سواءِ ان احساس جي ته ھن جي مٺڙي امڙ ھن جي اکين اڳيان، ڪُسي وئي ھئي. ھن وري ماءُ ڏانھن رومڙ ڪئي، ۽ ائين ڪندي ھن مڙسالي جي ھٿ ۾ خنجر اُڀو ٿيندي، پاڻ ڏانھن ايندو ڀانيو، پر ان وقت پريان ڪنھن فارسيءَ ۾ رڙ ڪري ڪجھه چيو، جيڪو ھوءَ سمجھي نه سگھي. اُلاريل ھٿ روڪجي ويو. خنجر مياڻ ۾ ھليو ويو، ۽ ان جي بدران، ھن مڙسالي، ھن جي وارن کان ڇڪي، ھن جي منھن ۾ ڏٺو. گھڙيءَ لاءِ، ھن جي ھيسيل اکين، انھيءَ مڙسالي جي منھن ۽ اکين ۾ نھاريو: ٻٽ ٻڌل ھئڻ ڪري، فقط ھن جون اکيون ئي نظر آيون. انھن اکين ۾ ديد ڪنھن بگھڙ جي ديد ھئي: انسانن جي اکين ۾ ھن ڪڏھن به اھڙي ديد نه ڏٺي ھئي. شَيرين اکين جي وچ ۾، نِيرين پتلين ۾، رت جا ڏورا ڄڻ ٻاھر نڪرڻ تي ھئا. انھن اکين ۾ جيڪي ڪجھه ھو، تنھن کي ڏسي پھريون ڀيرو نوريءَ جي نَس نَس ۾ ڊپ ويڙھجي ويو، ۽ ھوءَ انھيءَ ڊپ کان ٿڙڪڻ لڳي. ڪنھن اڄاتي اُمالڪ احساس ھيٺ، ھن مڙسالي کي ڌڪو ڏنو. ھو آٿڙجي پويان ڪريو، ۽ ھوءَ دروازي ڏانھن ڀڳي، پر در تي ٻٽون ٻڌل ٻه ٻيا مڙسالا، خنجر ھٿن ۾، ڄڻ ھن جي انتظار ۾ بيٺا ھئا. اُن وقت نُوريءَ پھريون ڀيرو رڙ ڪئي، اھڙي رڙ، جيڪا ھوءَ ڳچ وقت تائين وساري نه سگھي. اھا رڙ، ھن جي روح مان روڙجي نڪتي ھئي. ان رڙ ۾ ڪي به لفظ نه ھئا، پر اھا رڙ سڄي ڳوٺ جي رڙ بڻجي ٻُرڻ لڳي.
ھن جي ٻنھي ٻانھن کي رسي سان ٻڌي، ھن جي چيلھه ۾ به کڻي رسو ٻڌائون، پر ھن ائين ڀانيو ڄڻ ته ھن جو سڄو بدن ساڻو ۽ سُن ٿي ويو ھو. ھن کي ڪنھن به ايذاءَ جو احساس نه ھو. ھن جي ڳچيءَ جي زخم ۾ رڳو ڌنئون ڌنئون پئي ٿي، پر ان ۾ به ايذاءَ جو احساس نه ٿي ڀانيائين. ھاڻ ته ھن کي پنھنجي مٺي جيجل به ياد نه ھئي. جيڪڏھن ڪو احساس ھوس ته اھو ته پراين مڙسالن جي اڳيان ھوءَ مٿي اگھاڙي ھئي، ۽ ھن جي ڇاتي گنديءَ سان ڍڪيل نه ھئي، ۽ رکي رکي اھي پرايا مڙسالا ھن کي گھور پائي ڏسندا ٿي رھيا، پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا ٿي رھيا، جن جي ٻولي ھن نه ٿي سمجھي. ڌارين جي انھن اگھاڙين نظرن ۾، ھن پاڻ کي ننگو ٿي محسوس ڪيو. جڏھن ھڪڙي مڙسالي ھن کي ڪلھن وٽان کڻي گھوڙي تي ويھاريو، تڏھن ته ھيڪاري ھن جو اھو احساس کيس وڌيڪ کائڻ لڳو. گھوڙي تي وھڻ کان ڳچ وقت کان پوءِ به، ھن کي اھي ڌاريان ھٿ پنھنجي بدن ۾ کُتل ٿي محسوس ٿيا.
جڏھن ھن کي ٺٽي آندائون ۽ قيصر بيگ جي سامھون، سندس رسا کوليائون، تڏھن ھن سندن گفتگوءَ جو فقط ھڪ لفظ سمجھيو، جيڪو قيصر بيگ، ھن جي کاڏي مٿي ڪندي، سندس منھن ۾ گھوريندي چيو: ” سبحان الله! “
جڏھن ٻيا ھليا ويا، تڏھن وري قيصر بيگ، اُٿي بيٺو، ۽ ڪڏھن پري کان، ڪڏھن ويجھو اچي، ھن کي جاچيندو، نھاريندو رھيو. ھن جي منھن تي سرھائيءَ سان گڏ حيرت به ھئي، ۽ ھن وري ھڪڙو ڀيرو چيو: ” سبحان الله! “ ٿوري دير کان پوءِ تاڙي وڄايائين ته ھڪڙي ھن جيڏي ڇوڪري، اندر اچي ادب سان بيھي رھي. قيصر بيگ ھن کي فارسيءَ ۾ ڪو حڪم ڏنو، ۽ ھن ڇوڪريءَ فقط ” بلي آقا! “ جا لفظ اچاريا.
ڇوڪريءَ ھن کي پاڻ سان ھلڻ جو اشارو ڏنو، ۽ ھوءَ بنان ڪجھه سمجھڻ جي ھن سان گڏ ھلي آئي. ھوءَ ھن کي ھڪڙي سجايل ڪمري ۾ وٺي آئي. ھن سڄي ڄمار اھڙو ڪمرو ڏسڻ ته ڇا تصور ۾ به نه آندو ھو. ھتي ته ھر شيءِ ڄڻ بخمل ۽ ريشم جي ٺھيل ھئي. پٽ تي غاليچو وڇايل ھو، جنھن ۾ ھن جا پير اندر گھڙندا ٿي ويا، ۽ ھوءَ ٿاٻڙجندي بچي. سامھون ھڪ شاھي پلنگ تي ڪيمخواب جي طول وھاڻي تي ٽيڪ ڏيو، ھڪ مائي ويٺي ھئي. ھن جو سمورو بدن گلابي ريشم جي پھراڻ سان ڍڪيل ھو، جنھن مان ھن جو بدن پئي نظر آيو. ٻه ننڍيون نيٽيون ڇوڪريون، ھن جي پلنگ وٽ ، گوڏا کوڙيو ويٺيون ھيون. پلنگ جي سيرانديءَ کان، ھڪڙي ٻي جوان ڇوڪري، ريشمي جھالر وارو پکو جھُلي رھي ھئي.
ھن جي اچڻ تي، مائيءَ رڳو اک جي اشاري سان ھن سان گڏ آيل ڇوڪريءَ کان ڪجھه پڇيو. ڇوڪريءَ فارسيءَ ۾ ڪجھه چئي ادب سان پوئتي ھٽي بيھي رھي. ان وقت مائي اٿي ويھي رھي ۽ گھور ڪري ھن کي ڏسڻ، جاچڻ لڳي. ھن جي اکين ۾ ڪابه سرھائي نه ھئي، البت حيرت ضرور ھئي. اوچتو مائيءَ ڪجھه چيو، پر نُوريءَ کي ڪجھه سمجھه ۾ نه آيو. مائيءَ ھيٺ ويٺل ڇوڪرين مان ھڪڙيءَ کي ڪجھه چيو. ھن ڇوڪريءَ ھن ڏانھن مھاڙ ڪري چيو: ”خانم پڇي ٿي ته فارسي نه ٿي اچئي ڇا؟“ ھن رڳو ڪنڌ ڌوڻي نھڪر ڪئي.
” نالو ڇا اٿئي؟ “
ھوءَ منجھي پئي. ھنن کي ڇا ٻڌائي ته فقط چار پھر اڳ ھوءَ نُوري ھئي، جنھن جي ھڪ ماءُ ھئي، جيڪا ھن کي ايترو ڀائيندي ھئي، جو ڄڻ کيس دل ۾ جاءِ ڏيڻ ٿي گھريائين، جنھن جو ھڪ پيءُ ھو، جيڪو ھن جي وِک وِک تان ٻلھار ٿيندو ھو، ھن کي پنھنجا سوٽ ماسات ھئا، جن سان انگل آرا ڪري، ھوءَ ڏينھن رات وساري ويھندي ھئي، ھن جو پنھنجو ڳوٺ ھو، جنھن جا لاکيڻا ماڻھو پيار محبت ۽ ماڻھپي کانسواءِ ڪجھه ڪين ڄاڻندا ھئا. اڄ ھوءَ اھا نوري ته ڪانه ھئي. اڄ ھوءَ بندياڻي ھئي، جنھنجو سڀ ڪجھه کسجي چڪو ھو. ھوءَ ڪيئن چوي ته ھن جو نالو نوري ھو! نوري نالو ته انھن سمورن رشتن ناتن جو نالو ھو. انھن کانسواءِ ته ھوءَ ڪجھه به نه ھئي.
ھن ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
” تون گونگي آھين ڇا؟ “
ھن وري به ڪو جواب ڪونه ڏنو.
مائيءَ جي نظر ھن کي گھوريندي رھي، ۽ پوءِ ھن ڇوڪريءَ کي وري ڪجھه تڪڙو تڪڙو چيو.
ھوءَ ڇوڪري وڌي ھن وٽ آئي، ۽ کاڏيءَ کي مٿي ڪري، ھن جي ڳچيءَ تي زخم کي ڏٺائين. ھن جي چولي جو ڇاتيءَ وارو سڄو حصو چھچ ڳاڙھي رت سان ريٽو ٿي، ھن جي بدن سان چنبڙي پيو ھو.
” آئي، تنھنجي ته سڄي سِسي وڍي پئي آھي! “
ان وقت جيڪي ڪجھه ھن سان ٿيو ھو، ھڪ واچوڙي وانگر ھن جي اکين، ڀرن ۽ لوڻن ۾ پوسرڻ لڳو. ھڪڙو سڏڪو ھن جي اندارن، الائي ڪٿان، ڪنھن اونھائيءَ مان اٿيو، ۽ ھن جي ڳچيءَ جي زخم ۾ ڦٿڪڻ لڳو. ھن جي اکين اڳيان ڪارا ڳاڙھا ساوا ترورا، پاڇولن وانگر ترڻ لڳا، ۽ انھن ترورن ۾ ھن کي پنھنجي جيجل ماءُ جي ڀالي سان چچريل سسي نظر آئي. ھن جي مغز ۾ پھرين رڳو ھلڪي گھوماٽ محسوس ٿي، ۽ ھن ھٿ وڌائي، ڇوڪريءَ جي ڪلھي کي جھلي، پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھوءَ پوءِ به پاڻ سنڀالي نه سگھي، ۽ اتي ئي ڍرڪي پئي ۽ ڏندڻجي ويئي.
جڏھن ھوءَ ھوش ۾ آئي، تڏھن ھن ائين سمجھيو ته ھوءَ ڪنھن اھڙي ھنڌ پئي آھي، جتي مختلف پکي چرپر لايو ويٺا آھن، اھڙا پکي جن جون لاتيون ھن لاءِ بلڪل اوپريون ھيون. ھري ھري ٿي، ھن کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ آئي ته اھي پکي نه، پر زائفائون ھيون، جيڪي اوپري ٻوليءَ ۾ ڪنھن ڳالھه تي بحث لايو ويٺيون ھيون. جڏھن ھن اکيون کوليون، تڏھن ھن جي پھرين نظر اُن ڇوڪريءَ تي پئي، جنھن ھن سان سنڌي ڳالھائي ھئي. ڇوڪريءَ به ھن کي سجاڳ ٿيندي ڏسي ورتو، ۽ ھوءَ ٽپ ڏيئي اچي وٽس پھتي.
” مائي، اسان ته سمجھيو ته ھاڻ وڃي الله کي پرتيئن! “
” توھين ڪير آھيو؟ “ ھن جھيڻي آواز ۾ ڀڻ ڀڻ ڪئي. ھن جي آواز تي سموريون ڇوڪريون اچي ھن جي کٽ تي ڳاھٽ ٿيون. ھن اھو ڀانيو ته ھو ھن کي عجيب نظرن سان ڏسي رھيون ھيون: انھن نظرن ۾ حسد ھو، نفرت ھئي، حيرت ھئي، پر ھڪ اڻ- لکي حسرت به ھئي.
” اسين حضور مرزا قيصر بيگ جي حرم جون ڪنيزون آھيون! “ سنڌي ڳالھائڻ واري ڇوڪريءَ چيو.
” ڪنيزون ڇا ٿينديون آھن؟ “
” ڪنيزون؟ ..... ھا، شايد سنڌيءَ ۾ انھن کي ٻانھيون چئبو آھي. “
” ٻانھيون ته راڻين وٽ ھونديون آھن ..... “
” ھا، راڻين وٽ به ٿينديون آھن ..... ! “ ڇوڪري پاڻ به منجھي پئي.
” پوءِ اوھين ڪيئن ٻانھيون ٿيون .....؟! “ ھن معصوميت منجھان سوال ڪيو.
ڪا گھڙي ھوءَ نينگر چپ ٿي ويئي. ھن جي اکين ۾ ھڪ عجيب ڏک جو پاڇولو لھي آيو: ڄڻ ھن کي ڪا ڳالھه ياد اچي ويئي.
” حضور مرزا اسان کي قنڌار جي بازار ۾ خريد ڪيو ھو..... سو ھاڻ اسين ھن جي ملڪيت آھيون. جيڪي ائين وڪامنديون آھن، تن کي ڪنيزون چئبو آھي! “
ھن کان ڇرڪ نڪري ويو. ھوءَ امالڪ اُٿي ويھي رھي. ” ڇا بازارن ۾ ماڻھو به وڪامندا آھن؟ انسان انسانن کي ڪيئن وڪڻندا ھوندا؟! “ ھن ڄڻ پنھنجي پاڻ کان سوال ڪيو.
ھن نُوريءَ کي چتائي ڏٺو پر ھن جي اکين ۾ بي اعتباري ۽ معصوميت کانسواءِ ڪجھه ڪونه ھو. ھن سوچيو ته ھن کي ڪيئن سمجھائي سگھندي. ھن جي ٻوليءَ ۾ شايد اھڙا لفظ ئي نه ھجن، جنھن سان ھوءَ پنھنجو مطلب ھن کي سمجھائي سگھي. پر پوءِ ھن کي ھوريان ھوريان غاصبن ۽ سوداگرن، جنگين ۽ مال غنيمت جا داستان ويھي ٻڌايا. ھيءَ ان زماني جي ڳالھه ھئي، جڏھن ھڪڙن انسانن جو پورھيو، ٻين انسانن جي ملڪيت بڻجي ويو، ۽ انساني رشتن ۾ آقا ۽ غلام جو تصور پيدا ٿيو، ۽ پوءِ جڏھن انسانن نئين رشتي، نئين تصور کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، تڏھن نئين طاقت جي نشي ۾ چُور آقائن، چند سِڪن، چند غلامن، چند ڪنيزن جي ڏکڻا ڏيئي، پنڊتن، پروھتن، پادرين ۽ مُلن کان اھا فتوا ورتي، اھا سَند حاصل ڪئي ته انسان ازل کان آقا ۽ غلام جي رشتي ۾ ٻڌل آھي، ۽ انھيءَ رشتي کي قائم رکڻ ۾ ئي خدا جي خوشنودي آھي. انھيءَ تصور جا مخالف خدا سان بغاوت جا ڏوھاري آھن. ھنن جي سزا ٽياس تي ٽنگجڻ آھي. جڏھن ٽياس تي ٽنگجڻ وارا گھٽجندا ويا، تڏھن انھيءَ نئين رشتي ڦھلجڻ شروع ڪيو، ۽ ھڪ ماڻھوءَ کان ھڪ ڪٽنب، ھڪ ڪٽنب کان ھڪ قوم تائين آقائن ۽ غلامن جي ورھاست ٿيڻ لڳي. انسان وڪامڻ لڳو، ۽ انھيءَ وڪري جو کٽيو کائيندڙن وري به پنڊتن، پروھتن، پادرين ۽ مُلن جي فتوائن جي مدد سان فاتح ۽ مفتوح، حاڪم ۽ محڪوم قومن جي نئين رشتي جو نئون سرشتو قائم ڪيو. جيڪو ڏاڍو سو گابو- ٿي ته ويو، پر ان گابي کي ڌائڻ وارن ھميشہ ڏاڍن جو ساٿ ڏنو. ائين جڏھن يونانين ايرانين کي فتح ڪيو ته ايراني غلام ۽ ڪنيزون بازارن ۾ وڪامڻ لڳا. جڏھن عربن ايران ۽ سنڌ کي فتح ڪيو، تڏھن بغداد ۽ دمشق جي بازارن ۾ ايراني ۽ سنڌي غلام ۽ ڪنيزون وڪامڻ لڳا. جڏھن تاتارين بغداد کي تاراج ڪيو، تڏھن عرب غلام ۽ ڪنيزون وڪاڻيون ۽ پوءِ جڏھن شھنشاھه ھند جي نالي ۾ قنڌار کي مرزا غازي بيگ تاراج ڪيو، تڏھن ھوءَ پنھنجي سموري قبيلي جي نوجوان ڇوڪرين سان گڏ قنڌار جي بازار ۾ ارغون سوداگرن جي ھٿ وڪاڻي، فقط ويھن اشرفين جي عيوض! پوءِ ھن کي ٺٽي جي بازار منجھان مرزا قيصر بيگ چاليھن اشرفين ۾ خريد ڪيو ھو، ۽ ھوءَ ھاڻي ھن جي حرم جي ڪنيز ھئي! ھن جي جسم، جان ۽ روح جو مالڪ مرزا رستم بيگ ھو. جيئن وڻيس، تيئن ھن کي ھلائي، جيئن وڻيس، تيئن ھن کي استعمال ڪري!
” ۽ شڪر ڪر ته توتي فقط اھو ڪم آھي ته تون خانم جي خاص ڪنيز آھين، ۽ تنھنجي حوالي، حضور جي فرزندن جي خدمت چاڪري آھي! جيڪڏھن ھنن کي خوش رکندينءَ ته انعام اڪرام سان نوازبيئن. پر جيڪڏھن ڪا شڪايت ٿي ته تنھنجي کَل سلامت نه ھوندي! “
” ته ڇا ٺٽي ۾ به ٻانھين جي بازار آھي، جتي زائفائون وڪامن ٿيون؟! “ نُوريءَ کي اعتبار ئي نٿي آيو.
” ھائو، ھاڻي ته ارغون سوداگرن سان گڏ مغل سوداگر به غلام ۽ ڪنيزون وڪڻڻ ٺٽي ايندا آھن، ۽ وڏا واڪ لڳندا آھن ..... “ ڪنيز ھن کي يقين ڏياريو.
” زائفائن سان گڏ مڙسالا به وڪامندا آھن ڇا؟ “ ھن جي حيرت جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويئي.
” تون ته صفا ڪا ٻالي ڀولي آھين. ھا، ھي ڪارا ديون جھڙا خواجه سرا، ۽ ڳڀرو ساقي به ائين ئي وڪامندا آھن، جيئن اسين وڪامنديون آھيون ...... تون پنھنجي سوچ ته حضور مرزا صاحب توکي پاڻ وٽ ٿو رکي يا بازار ۾ نيلام ٿو ڪري. يا وري سوکڙيءَ طور ٺٽي جي عامل مرزا رستم بيگ کي ٿو ڏينئي ..... مرزا رستم بيگ وٽ وئينءَ ته پوءِ ...... ته پوءِ ...... “ ڪنيز ڳالھه کائي وئي.
” ته پوءِ ڇا؟ “ نوريءَ کان رھيو نه ٿيو، ۽ سوال ڪري ويٺي. ھڪ نئون ڊپ ھن جي سَنڌ سَنڌ ۾ اوتجي آيو.
” ڏس نه، ڪنيزون مالڪن جي ملڪيت آھن، ھنن جي حرم ۾ شامل آھن. مالڪ جيڪي وڻين، ساڻن ڪن. جيڪڏھن ڪو آقا خدا ترس آھي، شريعت جو پابند آھي ته پوءِ ڪنيزن مان ٿيندڙ ٻارن کي به نوازي ڇڏيندا آھن! “ ۽ پوءِ آواز کي جھيڻو ڪندي چيائين: ” اسان جو آقا مرزا قيصر بيگ به حضور آنجھاني مرزا باقيءَ جي، ھڪ ڪنيز مان ڄاول اولاد آھي ۽ ھن کي جيڪا عزت ۽ مرتبو مليو آھي، سو به انھيءَ ناتي جي ڪري ..... ! پر تون ڪو فڪر نه ڪر، حضور مرزا صاحب جن ڪنيزن سان گھٽ دلچسپي ٿا رکن! “ پوءِ ھن وڏو ٽھڪ ڏنو. ھن جي ٽھڪن ۾ ٻيون ڪنيزون به شامل ٿي ويون.
” پر ھاڻ تون پنھنجي باري ۾ به ته ڪجھه ٻڌاءِ ..... تو جھڙي چوڏھين جي چنڊ کي شھنشاھه ھند جي حرم کي سينگارڻ گھرجي. تون ھتي ڪيئن؟ ۽ ھي زخم توکي ڪيئن لڳو؟ “
ھن جڏھن سڏڪي سڏڪي سڄي روداد ڪنيزن کي ٻڌائي، تڏھن ھن ڏٺو ته ھنن جي اکين ۾ به لُڙڪ ھئا. ڪا گھڙي ماٺ ٿي وئي. ۽ پوءِ سنڌي ڳالھائيندڙ ڪنيز، ھن کي ڳراٽڙي پائيندي چيو: ” ڀيڻ، غلام قومن سان ائين ئي ٿيندو آھي ..... توسان جيڪي ٿيو آھي، اھو اسان مان ھر ھڪ سان ٿي چڪو آھي. تو ته رڳو پنھنجي جيجل وڃائي آھي، اسان جي اڳيان ته اسان جا قبيلن جا قبيلا، پيءُ ماءُ ڀائر، ڀينرون، پوڙھا، ابھم ٻارڙا- ائين ترارين ۽ ڀالن جو بک ٿيا آھن. اسان ايترو خون وھندي ڏٺو آھي، اسان جي اندر جي انسان تي ايترا گھاوَ رسيل آھن، جو ھڪڙو ھڪڙو گھاءُ ھڪ داستان بڻجي سگھي ٿو. تنھنجي ڳچيءَ تي خنجر جو چھڪ آھي، پر اسان جي ته روح ۾ ھزارين خنجرن جا چھڪ آھن..... “
ھوءَ ڳالھائيندي رھي. آواز ڄڻ ته ھن جي چپن مان نه پر ھن جي چچريل روح مان ٿي نڪتو. ھن جي اکين مان لڙڪ سانوڻ جي مينھن وانگر پئي ٽميا. پر ھن جي روئڻ ۾ ڪوبه سڏڪو نه ھو، ڪابه اوڇنگار نه ھئي- فقط ھڪ رڙ ھئي، ھڪ دھڪندڙ چيٽ ھئي، جنھن کي ڪو آواز ڪونه ھو، فقط لھس ھئي، فقط احساس جي چڻنگ ھئي، جيڪا ھن جي لڙڪن سان به اُجھامي نه سگھي. نوريءَ کي پنھنجو غم به ڄڻ وسري ويو. ھيءُ ھڪ نئين غم جو احساس ھو: ڀاڱي ڀائيوار غم جو احساس، شريڪ غم جو احساس!
ھن ھڪ ٿڌو ساھه کڻي چيو: ” مون ته الائي ڇا ڇا ڏٺو، پر ھن کي ڏس! “ ھن پنھنجي ڀر ويٺل ھڪ ڪنيز کي ڳراٽري پائيندي چيو. ” ھيءَ ھڪڙي قبيلي جي مُکيءَ جي ڌيءُ ھئي. نئين نئين شادي ٿي ھيس. سال کن مس ٿيو ھوس. ٻه جاڙا پٽڙا ڄڻيائين. اڃا سھانجو به پورو ڪونه ڪيو ھئائين ته سندن ڳوٺ تي مرزا غازي بيگ جي سپھه سالار رونشي خاطر حملو ڪيو. ھن جي اکين اڳيان ھن جي گھوٽ کي، ھن جي سھري ۽ سس کي، ڀالا ٽنبي ماريائون..... ۽ پوءِ ھن ڏانھن وڌيا.... “
گھڙيءَ لاءِ ھوءَ وري ماٺ ٿي ويئي: ائين ٿي ڀانيو ڄڻ ساھه جو ڪو گولو، ھن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو ھو، جنھن کي ڳيت ڏيئي، ھيٺ لاھڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين.
” .... ۽ پوءِ ھن ڏانھن وڌيا.... ھن جا معصومڙا- اٺن ڏينھن ۽ نون راتين جا ابھم جيتامڙا- ننڍڙي پينگھڙي ۾ ستل ھئا. ھيءَ انھن ڏانھن ڀڳي..... پر جيسين ھوءَ اتي پھتي، تنھن کان اڳ..... سپھه سالار ٽھڪ ڏيندي، ھڪڙو ڀالو ٻنھي ۾ ٽنبي ڏنو، ۽ ھو ٻئي جيتامڙا، بنا ٻاڪارڻ جي..... ھا، ھنن چون به ڪانه ڪئي..... ڀالي ۾ ائين ٽنبيل ھئا، جيئن سيخ ۾ ڪباب پچائڻ لاءِ ٻوٽيون ٽنبيل ھونديون آھن! .... اھو سڀ ڪجھه ھن پنھنجي اکين سان ڏٺو: ھوءَ بي اعتباريءَ ۾ رڙ به ڪري نه سگھي، پوءِ جڏھن ھن کي اعتبار آيو، ۽ ھن جي روح مان ريھه نڪتي، ته اھا ريھه به ھن جي چپن ۾ ئي چيڀاٽجي ويئي..... ۽ ٽي لشڪري، بگھڙن وانگر ھن کي چنبڙي پيا..... کلندي، ٽھڪ ڏيندي، ھن جي بدن تان ڪپڙا زوريءَ لاٿائون، ۽ پوءِ...... ھن الف ننگي، نئين ويائيل زخمي ماءُ تي..... ٽنھي ڄڻن پنھنجي مردانگيءَ کي ائين آزمايو..... جو جڏھن ھن کي اسان جي قافلي ۾ آندائون تڏھن رت جا لوٿڙا ھن جي سٿرن، گوڏن ۽ مُرين تي ڪِنا ٿيڻ لڳا ھئا؛ رت ھن جي پيرن جي آڱرين جي وٿين ۾ ڄمي ويو ھو....! ان وقت کان اڄ ڏينھن تائين ھن وري ھڪ لفظ به نه ڳالھايو آھي، ۽ مشھور آھي ته ھيءَ گونگي آھي! “
ھن پھريون ڀيرو اوڇنگار ڏني، پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ان ڪنيز کي ڀاڪر ۾ ڀيڙي ڇڏيائين. ۽ ٻنھي جي اوڇنگارن نوريءَ جي دل ۾ نئين سر ڀالا ٽنبي ڇڏيا. ھن کي الائي ڇا ٿيو، ھن وڌي ٻنھي ڪنيزن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو، ۽ ھن جا پنھنجا سڏڪا، پنھنجون اوڇنگارون ھنن جي اوڇنگارن ۾ ملي، ھڪ گڏيل مشترڪ ماتم بڻجي ويون.
اھا رات، ھو ڳچ وقت روئنديون، سڏڪنديون، ھڏڪنديون رھيون، پوءِ ڪنيز ھڪ ڳالھه ڪئي، جنھن ڳالھه نوريءَ جي دل ۾ نوان ولوڙا وجھي ڇڏيا.
” چري، تنھنجي ته قسمت چڱي آھي جو حضور مرزا صاحب کي ڪنيزن سان وندرڻ جو شوق ڪونھي.... تون ننڍي آھين، ڪنواري آھين! الله سائين توکي ڄڻ ته فرصت ۾ ويھي ٺاھيو آھي. جيڪڏھن حضور مرزا صاحب پاڻ وندرائڻ جو سوچي ھا ته تون مھينن جا مھينا خوابگاھه کان ٻاھر جي روشني ڏسڻ کان سِڪي وڃين ھا! “
” تنھنجي ٻي خوشقسمتي اھا آھي ته توکي ٺٽي جي عامل مرزا رستم بيگ کي سوکڙي طور ڏيڻ بدران اھو سوچيو اٿن ته توکي شھنشاھه ھند جي خدمت ۾ ڪنيز طور موڪليو وڃي. اُتي ته تون راڄ ڪندينءَ راڄ! اھا ٻي ڳالھه آھي ته تنھنجو حسن ڏسي، ملڪه ھند نورجھان بيگم توکي انارڪليءَ وانگر ڀت ۾ چُڻائي ڇڏي يا شھنشاھه جي خوابگاھه ۾ پھچڻ کان اڳ تيزاب سان تنھنجي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي.....! “
” پر جيڪڏھن جھانگير جي نظر توتي پئي ته پوءِ..... ڪھڙي خبر..... تون ھن جي دل جي ملڪه بڻجي وڃين ۽ ملڪه ھند به ٿي وڃين..... پوءِ اسان ساھيڙين کي نه وساري ڇڏجانءِ! راڄ راڻيون رعيت تي نظر وجھڻ وساري ويھنديون آھن، منھنجي ڀيڻ! “
نوريءَ ائين ڀانيو، ڄڻ ھو ھن تي ٺٺوليون پيون ڪن. پر ڪا ڳالھه ھئي، جنھن ھن جي ھنئين ۾ ھدڪ وجھي ڇڏيو. ۽ ھن سندس وات تي ھٿ آڻيندي چيو: ” ادي، اھڙي وائي ته نه ڪر! اوڙاھه ۾ وجھه راڄ راڻين کي! دعا ڪر ته الله سائين وڇڙيا ملائي يا موت ڏئي وطن جي مٽي نصيب ڪري!.... مون کي ته ڪو اھڙو ڏس ڏيو جو ھن ڪوٽ مان پرَ ڪري اڏامي وڃان، الا، منھنجي ابي جو ڪھڙو حال ھوندو؟! ٻانھن ۾ چَڪ وجھي امان لاءِ سُڏڪندو ھوندو.... الائي، آءٌ ياد به ته آھيانس ڪين نه! نه نه- مونکي ڪيئن وساريو ھوندائين..... “
ھوءَ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي رھي. ھن جي اکين ۾ لڙڪن جي ڪينجھر ڇُلڪي پئي ھئي. اَبي جي ياد ھن کي وري جھوري وڌو. سڏڪا ھن جي ڇاتيءَ ۾ ويرون پيدا ڪندا رھيا، ۽ ڪنيزون ھن جي ھيانءَ ۾ متل طوفان کي پنھنجي ڇاتيءَ ۾ محسوس ڪرڻ لڳيون. ھڪڙي انسان جو ڏک ٻين جي دفن ٿيل عذابن کي به جاڳائي وجھندو آھي!
ڪنيز وري کيس ڳراٽڙي پاتي، ڪا گھڙي ھن کي ڇاتيءَ سان لائي، ڄڻ ھن جو درد پنھنجي دل ۾ محسوس ڪندي رھي، پوءِ سندس اٿاھه اونھين اکين ۾ نھارڻ لاءِ، سندس کاڏيءَ کي ٻن آڱرين سان مٿي کڻندي، چيائين: ” چري متان دل لاٿي اٿئي..... اسان کي ڀيڻ ڪيو اٿئي ته اسين به توکي ڀينر ٿي ڏيکارينديوسون. تو تان قربان ٿي وينديوسون..... جي ڪو وجھه مليو ته توکي ھن بنديخاني مان ڪڍي، اسين اھو سمجھنديوسون ته حياتي ثاب پئي! پر توکي به تيسين ھن حويليءَ ۾ ڪنيزن وانگر گھارڻو پوندو. متان ڪنھن کي شڪ نه پئجي وڃي..... خانم، توکي اميرزادن جي سنڀال سڙي جو حڪم ڏي ته قبول ڪجانءِ.... پوءِ رک الله تي..... ڌڻي مڙئي چڱي ڪندو. “
۽ ائين ھوءَ اميرزادن جي ٽھل ٽڪور لاءِ خاص ڪنيز بڻجي ويئي. پر اڃا ٿورائي ڏينھن ٿيا ته خانم ھن کي چيو ته شھزادن کي حضور مرزا پاڻ وٽ سڏايو ھو، ۽ ھنن سان گڏجي وڃي. پھرين ته اھا ڳالھه ٻڌندي ئي، ھن جي پيٽ ۾ ڊپ ولوڙا وجھي ڇڏيا. ھوءَ پراين مڙسالن وٽ ڪيئن ويندي؟ ۽ خبر ناھي ڪير ھوندا اُتي؟ ۽ جيڪڏھن ھن کي رستم بيگ جي حوالي ڪيائون ته پوءِ.....؟ ان ” پوءِ “ ھن جي بدن ۾ نئين ٿڙڪڻي وجھي ڇڏي. ھن کي ڪنيزن مرزا رستم بيگ جي خصلتن بابت اھڙيون ڳالھيون ٻڌايون ھيون، جو مرزا رستم بيگ جو تصور ئي ھن جا وار ڪانڊاري ڇڏيندو ھو. پر جي ٿي انڪار ڪري ته پوءِ ھن جي ھتان بچي نڪرڻ جو به ته آسرو ڪونه ھو! اھو سوچي، ھوءَ جڏھن ڏوليءَ ۾ اميرزادن سان گڏجي، حويليءَ مان نڪتي، تڏھن ھن دل ئي دل ۾ اھا دعا گھري ته ” يا الله، تون بيواھن جو واھرو آھين، منھنجي واھر ڪجانءِ! “
جڏھن ڏوليءَ وارن ڏوليءَ کي زمين تي رکيو، تڏھن ئي ھن کي اوچتو خيال آيو ته مرزا قيصر بيگ پنھنجن پٽن کي اھڙي ويران ڀڙڀانگ جاءِ تي ڪيئن گھرايو ھوندو. ھوءَ جيسين ان بابت سوچي، تنھن کان اڳ ٻه حبشي، اگھاڙين ترارين سان ڏوليءَ ڏانھن وڌي آيا، ۽ ھنن کي لھڻ جو اشارو ڪيائون.
ھيٺ لھي وڏي اميرزادي ھڪڙي حبشيءَ کي تُرشيءَ مان چيو: ” اسان کي ھڪدم حضور ابا جان جي خدمت ۾ وٺي ھل.....! “
حبشي ڪا گھڙي ھن اڙٻنگ اميرزادي کي ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ لاپرواھيءَ سان چيائين: ” ڪنيز! ھنن ٻنھي کي اندر وٺي وڃ..... پر ياد رک ته جيڪڏھن تو يا ھنن ڇورن ڪو گوڙ مچايو ته مون کي اھڙو حڪم مليل آھي ته ھنن جون سسيون ڌار ڪرڻ ۾ ويرم نه ڪريان! “
نوريءَ حبشيءَ جي اکين ۾ نھارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُتي سواءِ خونخوار بگھڙ جي نھار کانسواءِ ڪجھه نه ھو، ۽ ھن کي يقين ٿي ويو ته جيڪڏھن ھن جو وَس پڄي ته ھوند ھينئر ئي ھو ھنن کي اگھاڙي تلوار جو بَک بڻائي ڇڏي.
ھن اشاري سان وڏي اميرزادي کي ماٺ ڪرائي، ۽ کين وٺي اندر آئي. ھن کي پاڻ تي حيرت ھئي ته ھن کي پنھنجي جان جو ڪوبه ڊپ ڊاءُ ڪونه ھو. پر ھن کي ھنن ابھم ٻارن جي حياتيءَ جو ئي اونو ھو. ھوءَ ته سمجھي ويئي ھئي ته مرزا قيصر بيگ جي نالي تي، سندن دشمنن ھن جي پٽن کي ھتي آندو ھو. ڇالاءِ؟ اھو ھن جي سمجھه کان ٻاھر ھو.*