12
” ڏاترڏنا، ھي رنگ ته ڏس! “
ڏاترڏني مٿي نھاريو: ھن ان کان اڳ ڪڏھن به اھڙو منظر نه ڏٺو ھو. وڻن جي پنن مان اولڙا ڪندڙ ترورا ھر پن، ھر ٽاريءَ ۾ انڊلٺ جا رنگ جاڳائيندا پئي ويا. انھن ترورن جي پرئين ڀر، سج جي ٿالھي، پنھنجي گھيري ۾ ڦرموٽيءَ وانگر ڦرندي، ڄڻ ته رنگ ولوڙي رھي ھئي. ھن جي دل ۾ ڪو اھڙو اُڌمو اٿيو، جنھن ھن جي بدن ۾ سياٽو وجھي ڇڏيو. ھن جي اکين ۾ الائجي ڇو پاڻي ڀرجي آيو، ۽ انھن لڙڪن جي ڌُنڌ مان پنھنجي سنگتيءَ کي ڏسندي چيائين:
” ادل، تو سچو آھين. پر انھن رنگن ۾ آزاديءَ جو رنگ الائي ڪڏھن ڀربو! “
ھن جو آواز ڳؤرو ٿي ويو. وريام کڻي کيس ڀاڪر وڌو.
” رک ڌڻيءَ تي! انھن رنگن ۾ آزاديءَ جو رنگ به اوس اڀرندو..... سج اڀريو آھي ته آزادي به ڄاڻ اڀري! “
” شل، مون ۾ به تو وانگر ويساھه موٽي اچي، وريام! “
ڏاترڏني کان سڏڪو نڪري ويو. وريام کيس پاڻ کان ٿورو پرڀرو ڪندي، سندس اکين ۾ نھاريندي چيو:
” ڏاترڏنا، سسيءَ ۾ جيسين ساھه آھي، تيسين اھو ويساھه قائم رھندو، مري وياسون ته به ان ويساھه تان صدقي ٿينداسون .... ! “
” سانوڻ ۽ توکي ڏسي ته مون جھڙي ڪانئر ۾ به ويساھه ساھه کڻڻ ٿو لڳي، وريام! پر الائي ڇو.... منھنجي دل ۾ نااُميدي سرجڻ ٿي لڳي ..... ڏس نه: سنڌ تي روز نت نئون ظلم ۽ ڏاڍ ٿو ٿئي، پر ماڻھن ۾ ماٺ لڳي پئي آھي. حافظ بلال وٽ تو ماڻھن جو حال ڏٺو: ڀُنگ ڏيئي جيئيدان وٺڻ لاءِ ھرڪو تيار ھو! سڀني کي پنھنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ، گھر يا دڪان جو فڪر ھو: اٽي لٽي جو فڪر ھو: ڪنھن به سنڌ جي ڳالھه ڪانه ٿي ڪئي. آءٌ ته ائين ٿو ڀانيان ته جيڪڏھن مغل ترخانن وانگر ظلم نه ڪن، ۽ ماڻھن کي سانھن ستيءَ سان پيٽ گذر ڪمائڻ ڏين ته ھوند سنڌ ڪنھن کي به ياد ڪانه ايندي ....! سنڌي قوم ھاڻ اھا قوم نه رھي آھي، جنھن ۾ دولھه دريا خان جھڙا ماڻھو پيدا ٿين، جيڪي پاڻ سان اھو وچن ڪن ته جيسين سنڌ آزاد نه ٿي آھي، تيسين سڻڀو گرھه نه کائبو، ٿانوَ ۾ پاڻي نه پيبو، ۽ چيلھه سئين ڪرڻ ڪاڻ به کٽ تي نه سُمھبو! “
ڏاترڏني اڳي ڪڏھن به انھن ڳالھين جو ڇيد نه ڪيو ھو. پر سانوڻ وٽ مھمانيءَ ڄڻ ته ھن کي جاڳائي وڌو ھو!
” ۽ تون پاڻ ڏس ته سانوڻ ۽ تو جھڙا گھڻا ڄڻا آھن، جيڪي اُٿندي وھندي سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ٿا سوچين .....؟ سچي ڳالھه ته اھا آھي ته تنھنجي سنگت نه ھجي ته آءٌ به جيڪر، ٻين وانگر ظلم سھي سھي، ” نڌڻڪا گھوڙا، غيباڻا ھسوار “ واري ڳالھه وانگر، ترخان نه ته مغلن جي سواري قبول ڪريو ويٺو ھجان ھا! “
وريام ڪا گھڙي ماٺ ميٺ ۾، ڏاترڏني سان گڏ ھلندو رھيو. پوءِ ڄڻ پنھنجي پاڻ سان ڳالھائيندي چوڻ لڳو:
” ڏاترنا، ائين به ھروڀرو ڪونھي! رڳو اسانجي تَــرَ ۾ باھه ٻريل ڪانھي. سنڌ جا واھرو جٿي ڪٿي دونھين دکايو ويٺا آھن: شورن جو راڄ مغلن کي گنجي ٽڪر کان لنگھڻ نٿو ڏئي. اڪبر جي سپھه سالارن شورن جا سوين ڪونڌر نڌڻڪا ڪري ٽياس تي ٽنگي ڇڏيا، پر شورن پوءِ به کين لَڪَ لنگھڻ نه ڏنا. مٿي سيوھڻ، چانڊڪا، بکر ۾ به مغلن توڙي ترخانن کي سنڌي سک سمھڻ ڪونه ٿا ڏين. دونھين دکندي، دکندي نيٺ وري ڀڀڙ ٿيندي، ۽ اھو ڏينھن پري ڪونھي، جڏھن ترخانن کي قنڌار ۽ مغلن کي لاھور ۽ آگري جا وڻ ڏسڻ به نصيب ڪونه ٿيندا! ياد رکو ته سنڌي شل پنھنجا ويري پاڻ نه ٿين، باقي آزاديءَ کي، ھنن انڊلٺ جي رنگن جيان، اسين پاڻ ڏسنداسون - اھو منھنجو ويساھه آھي! “
ڏاترڏنو ڪا گھڙي، پنھنجي ھن يار جي اکين ۾، اُتساھه ۽ ويساھه جون ڏياٽيون ڏسندو رھيو، ۽ پوءِ کڻي کيس ڀاڪر وڌائين. ٻنھي مان ڪنھن به ڪجھه نه ڪڇيو. ماٺ ميٺ ۾ ھلندا رھيا. جڏھن ٺٽي جا وڻ ويجھا ڏٺائون، ۽ دريا جي لھرن جو سانتيڪو سرلو سڏ ٻڌائون، تڏھن ڄڻ ته سندن پيرن ۾ ساھه پئجي ويو، ۽ اھي ھٺيلا پير نئينءَ سنئينءَ ڀونءِ کي بسم الله چوندا اڳتي وڌڻ لڳا.
اوچتو ڏاترڏني کڻي ٻانھن ۾ ھٿ وڌس. وريام جا ويچار ھن کان گھڻو اڳ ٺٽي جي سدا ملوڪ گھٽين ۽ چؤنڪن ۾ وڃي پھتا ھئا، سي اُتي ئي ڄمي ويا. ھن رڳو اکين ۾ سوال آڻي پنھنجي ساٿيءَ کي ڏٺو، ۽ چپن ۾ ڪا سرگوشي ڪندي چيائين:
” ڏاترنا، خير ته آھي؟ “
” ادل، سانوڻ جا لفظ ياد ڪر ته آزاديءَ لاءِ ھاڻ رڳو جوش جي نه، پر ھوش جي ضرورت آھي. مغل، چؤنڪ چؤنڪ تي اسان لاءِ آتا ويٺا ھوندا. ھنن جي خابرن کي رڳو سُڻس پوڻ جي ويرم آھي. ڳجھن وانگر لامارا ڏيئي، اسان جو ماس پٽي ڇڏيندا- سو ڪو سوچيو اٿيئي؟ “
وريام کي به ڄڻ ته پنھنجي اٻھرائيءَ تي پشيماني ٿيڻ لڳي. پر پوءِ مُرڪي چيائين: ” مون به سڄي واٽ پئي، انھن لفظن تي سوچيو آھي. رک ڌڻيءَ تي! “
” پر به، مون کي به ته ڪجھه ٻڌاءِ نه! آءٌ اڳي ئي عقل جو اڪابر، متان ڪا اھڙي حرڪت ڪري وجھان، جو ٻئي ويٺا ڪاٺ ۾ چَپرون ڳوليون! “
وريام کي به کِل اچي ويئي. ڏاتر ڏني ڳالھه ته کِل جھڙي ڪئي ھئي، پر ان ۾ جيڪو سچ سمايل ھو، تنھن ھن کي ھيڪاري ششدر ڪري ڇڏيو.
” ڏاتر ڏنا، ٻڌ ته ٻڌايانءِ! مون اھو سوچيو آھي ته ترخان ھن وقت مغلن جا ترا ڪڍڻ ۾ مصروف آھن. پر خبر ناھي ته ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي وقت ڌڪ ھڻندا. سو سوچيو اٿم ته مدرسي ۾ جيڪي ترخان شاگرد پاڻ سان پڙھندا ھئا، انھن مان ڪو انت ڪڍجي. من ڪا اھڙي ڳالھه جي سُڌ پئجي وڃي جو جنھن مامري لاءِ نڪتا آھيون، ان جو ڪو سماءُ سانوڻ تائين پھچائي سگھون يا پاڻ ڪو ان جو بِلو ڪري وجھون! “
” ڳالھه ته بروبر سٺي سوچي اٿئي. پر انھن ترخانن تي ٻيلي پنھنجو ته ڪو اعتبار ڪونھي. متان، ڪو نئون ڳٽ ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي! باقي، تون ڄاڻ : ڏاھو به تون، سردار به تون، تون اڳيان، آءٌ پويان ..... پر جي پوءِ آءٌ کڻي کُڙين تي زور رکان ته مون کي ميار نه ڏج! “ ڏاترڏني ٽھڪ ڏيئي، وٺي کڙين تي زور رکيو.
وريام به کلندي سندس ڪَڍ ڊڪندو آيو. پتڻ اُڪري، جڏھن اچي مسجد وٽ پھتا، تڏھن وريام کيس ھلڪو اشارو ڏنو. ڏاتر ڏنو گھُت ھڻي، مسجد جي پٺئين ڀر ھليو ويو. وريام پٽڪي جي ڀير کي ٿورو موڙو ڏيئي، مسجد جي در مان اندر لنگھي، حجري ۾ اندر ڌوڪيندو آيو.
حجري ۾ مولوي صاحب چئن پنجن ٻارن کي دؤر ڪرائي رھيو ھو.
” السلام عليڪم يا حضرت مولانا! “ وريام خالص ترخانن واري لھجي ۾ چيو.
مولويءَ منھن تي خفگي آڻيندي چيو: ” عليڪم السلام، عليڪم السلام..... “
وريام مولويءَ جي اکين ۾ اھڙيءَ طرح نھاريو، ڄڻ ڪجھه چوڻ گھرندو ھجي، پر ٻارن جي موجودگيءَ جي ڪري ھٻڪي رھيو ھو. مولويءَ ڪجھه سوچي ٻارن کي چيو: بس بس، اوھان کي ھاڻي موڪل آھي، مون وٽ ھي مھمان آيو آھي، باقي سبق وري سڀاڻي پڙھنداسون ....! “
ٻارن جو موڪل جو ٻڌو، سي سڀ ٽپ ڏيئي اُٿيا، ۽ سيپارا رحلن تي ئي ڇڏي، خوشيءَ مان ٺينگ ڏيندا، حجري کان ٻاھر ڀڳا.
مولويءَ وريام ڏي، ڪجھه شڪي نظرن سان ڏسندي چيو: ” ھا، ھاڻي ٻڌايو ته اوھين پاڻ ڪير آھيو، ۽ مون وٽ ڪھڙي ڪم سان آيا آھيو .....؟ “
وريام ڪجھه به جواب نه ڏنو. ھن ائين ڏيکائي ڏني، ڄڻ اڃا تائين دل مَنُ پئي ھنيائين ته ڳالھه ڪڍان يا نه. گھڙيءَ گھڙيءَ، حجري جي در کان ٻاھر پئي ٽيڏيءَ اک سان ڏٺائين.
مولويءَ وري چيو: ” بي خوف ٿي ڳالھايو. ٻاھر ڪير به ڪونھي، ۽ نه ڪو اچڻو آھي! “
وريام کنگھڪار ڪري چيو: ” جي، جي! اوھين درست ٿا فرمايو..... پر ڏسو نه، معاملو ٿورو ڳنڀير آھي. ڀتين کي به ڪن آھن ..... مون کي پنھنجو ته ڪو فڪر نه آھي، پر آءٌ توھان کي ڪنھن تڪليف ۾ وجھڻ نه ٿو گھران! “ ائين چئي ھن وري، ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. ٻه پير پوئتي وڃي، حجري کان ٻاھر نظر وڌائين، ۽ وري موٽي آيو.
” دراصل حضرت، ڳالھه ھيءَ آھي ته آءٌ سڌو سيوھڻ کان پيو اچان. مون حضور مرزا شاھه رخ لاءِ ارغون سردارن جو پيغام آندو آھي ..... پر ٺٽو منھنجو ڏٺل ڪونھي، ۽ ٻي ڳالھه ته ڪي ڳالھيون اھڙيون آھن، جو مغلن کي کڙڪ پئجي ويئي ته پوءِ .... ته پوءِ..... “
وريام پنھنجي منھن تي ڊَپَ، اُڻ تُڻ ۽ رازداريءَ جا اھڙا ڀاوَ آندا، جو مولويءَ کي جيڪڏھن ڪو شڪ شبھو ھو، سو به ڪافور ٿي ويو.
” ھا، جڏھن کان شاھي قيدي غائب ٿيا آھن، تڏھن کان مغل بنھه ڇِتا ٿي پيا آھن ..... اسان کي ته ھٿ ڪونه ٿا لائين پر شڪ اسان ۾ به اٿن ..... البت سنڌين سان ويل ٻاري ڏنو اٿن ..... ڪو گھر خالي ڪونه ڇڏيو اٿن جتان ڪو سنڌي نه جھليو ھجين ..... پائندہ بيگ مغلن کي به خوش رکندو اچي، ۽ سنڌين کان آنڪيون ڀرائيندو پنھنجو گھر به ڀريندو وڃي ..... مغل ھن جي ڪوٽواليءَ کان خوش آھن جو مغل لشڪرين کي نڪا آھي جھل نه پل: سنڌين وٽ جيڪو مال چڱو ٿا ڏسن سو ڄڻ پنھنجو مِلڪ سمجھي ڦريندا وتن ..... اڃا ترخانن ۾ ھٿ وجھڻ جي ھمٿ ڪانه ٿي ٿئيس، پر اک سڀني تي اٿس. آئي وئي کي، کڻي ڪو ارغون ترخان ڇونه ھجي، چونڪين تي حاضري ضرور ڀرڻي ٿي پوي .... “
” ڀلا، شاھي قيدين جي باري ۾ ڪا خبر.....! “ وريام ڏاڍي رازداريءَ مان چيو.
مولوي ڪا گھڙي چپ ٿي ويو. پر پوءِ چئي ويٺو: ” سڄو شڪ سنڌين تي اٿن ..... سو في الحال مڙيوئي خير آھي! “
” يا حضرت، پوءِ ته اوھان کي منھنجي مدد ضرور ڪرڻي پوندي ..... ڏسو نه، ڳالھه اصل ۾ اھا آھي ته ..... “
” ھا ھا چئو! “
” ھي پيغام ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان حضور مرزا شاھه رخ تائين ضرور پھچائڻو آھي ته مغلن کي ڪنھن خابروءَ خبر ڏني آھي ته شاھي قيدي ڪٿي آھن، ۽ مغل ڪو قدم کڻڻ وارا آھن...“ وريام اڃا ئي رازداريءَ مان اوندھه ۾ تير اڇلايو.
” ناممڪن .... ناممڪن! خود قيصر بيگ به اھڙي حماقت نه ڪندو..... سندس ٻئي نالائق ڇوڪرا توڻي سندس سنڌي ڪنيز اسان جي قبضي ۾ آھن، ۽ کيس خبر آھي ته مغلن کي ڪجھه ٻڌايائين ته پوءِ انھن جو خير ڪونھي! “
” سو ته اوھين برابر ٿا چئو، پر اسان جا ڪجھه ماڻھو مغلن جھلي وڌا آھن .... ۽ انھن کان سچي ڪرائڻ ڪو ڏکيو ڪم ڪونھي..... انھيءَ کان اڳ جو ڪو ڦاٽ ڦاٽي، شاھي قيدين کي ۽ خاص طرح .... “
وريام گھڙيءَ لاءِ ماٺ ٿي ويو. سندس چھري تي پريشاني، رازداري ۽ اُٻھرائپ جو تاثر اھڙو ھو، جو ڏاتر ڏنو کيس ڏسي ھا ته يا ته کِل کي روڪي نه سگھي ھا، يا وري ھن کي وريام بدران ڪو سچو پچو ارغون ترخان سمجھي ھا!
” اوھان جو اشارو حضور مرزا عبدالعليءَ ڏانھن آھي ..... “ مولوي به ھاڻ مڪمل طرح سان ھن سان راز ونڊي رھيو ھو.
” جي بلڪل ..... ڏسو نه، حضور مرزا عبدالعلي ئي اسان جو آخري سھارو آھي ..... جيڪڏھن ھن کي ڪجھه ٿي پيو ..... شل منھنجي زبان ۾ ڪيئان پون ..... ته پوءِ ..... “
” توھين دل نه لاھيو..... شاھي قيدين تي ڪنھن پکيءَ جو به پاڇو ڪونه پوندو ..... ھا باقي، احتياط وري به لازم آھي .... اوھين پيغام مونکي ڏيو ته آءٌ مرزا شاھه رخ تائين پاڻھي پھچائيندس ..... اوھانجو ائين ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ شڪ جو باعث بڻجندو..... “
وريام مولويءَ جي حرفت کي سمجھندي به ائين ڏيکائي ڏني ڄڻ ته ھن کي ڪوبه شڪ نه پيو ھو.
” انھيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي ڳالھه ٿيندي جو پيغام به حفاظت سان پھچي، ۽ ڪنھن کي شڪ به نه پوي .....! “
۽ پوءِ ھن آخري ڌُڪو ھنيو: ” پر يا حضرت، اوھين جيڪڏھن سلطاني ساقي خاني ڏانھن ويندا ته ھيڪاري وڌيڪ شڪ پوندن ته ھڪڙي عالم دين جو ساقي خاني ۾ ڪھڙو ڪم .....! “
ھن جي انھيءَ ڌُڪي ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو.مولوي پنھنجي ڏاڙھيءَ کي مُٺ ۾ وٺندي چيو.” ڳالھه ته اوھان سياڻپ واري ڪئي آھي..... مرزا شاھه رخ جي حويليءَ تي به مغلن پنھنجا جاسوس بيھاري ڇڏيا آھن، جيڪي آئي وئي تي نظر رکندا اچن. ٻيا ارغون سردار به عتاب ھيٺ آھن....! “
مولوي ڪجھه وقت خاموش ٿي ويو. ھو شايد دل مَنُ ھڻي رھيو ھو ته ھن اوپري ترخان سان اھي راز جون ڳالھيون ڪرڻ به گھرجن يا نه. ھن کي اُھي زمانا ياد آيا جڏھن ارغونن جي حڪمراني ھئي: تڏھن ھن جي ڪھڙي نه پذيرائي ٿيندي ھئي. شھر جي سڀ کان وڏي مسجد جو پيش امام ھو: سندس شاگرد سمورن اميرن جا صاحبزادا ھئا. خود اميرن جون گھر واريون ھن کان تعويذ لکائڻ، پاڻي پڙھائڻ ۽ دعائون ڪرائڻ اينديون ھيون، ۽ ھن کي اميرن جي بدعتن ۽ ساقين سان وندر بابت قصا ڪھاڻيون ٻڌائي، پنھنجي عشقن ۽ محبتن جا راز ٻڌائي وينديون ھيون. پوءِ اھي ئي ڳالھيون، ھو خوابن جي تعبير ٻڌائڻ، فال وجھڻ، ڪؤنرو ڦيرائي ساقين، ڪنيزن ۽ خود اميرزادين جي بي وفائين جي ڪشف ٿيڻ جھڙن معجزن لاءِ استعمال ڪندو ھو. ارغون امير سدائين سندس سلامي ھوندا ھئا، ۽ وڃڻ وقت اشرفين جون ٿيلھيون ھن جي حجري ۾ ڄاڻي واڻي وساري ويندا ھئا. ھن اھو مشھور ڪري ڇڏيو ھو ته انھن ديني ۽ خير جي ڪمن لاءِ ھو ڪوبه اُجورو قبول نه ڪندو. فقط فتوى ڏيڻ لاءِ ديني معاوضو يعني اڍائي اشرفيون ھن جو حق ھو. اميرزادا جڏھن ھن وٽ پڙھڻ ايندا ھئا ته پنھنجي حويلين جا ڪيترا راز ٻاراڻين ڳالھين ۾ ھن کي ٻڌائي ويندا ھئا، ۽ ھو ڪنھن نه ڪنھن ذريعي سان واسطيدار ماڻھن تائين اھي راز پھچائي، مٿن پنھنجي احسان جي مُھر ھڻي ڇڏيندو ھو، ۽ ائين سمورا امير ھن جي اڳيان پويان پيا ڦرندا ھئا: ڪي ڊپ کان، ڪي دشمنيون پاڙڻ ڪاڻ، ته ڪي وري سچ پچ ھن کي الله جو برگزيدو ٻانھو ۽ ولي الله سمجھي احترام خاطر!
۽ پوءِ جڏھن مغل آيا- نامراد، بدبخت، ملعون- تڏھن پھرين ته کيس ھٽائي، ھڪڙي مغل مولويءَ کي وڏيءَ مسجد جو پيش امام ڪيائون. ان کان پوءِ ھن جو مدرسو بند ڪيائون جيڪو ھن جي علم ۽ خبرچار جو سڀ کان وڏو ذريعو ھو. ۽ پوءِ ھڪڙي رات مغل لشڪري، رات وڳڙي اشرفين سان ڏٽيل ھن جون صندوقون کڻي ھليا ويا- دينا داستي؛ ڏٺي وائٺي، ھن سان مشڪري ڪندي ٽھڪ ڏيندا غائب ٿي ويا. ان ڏينھن کان ھن کي مغلن لاءِ شديد نفرت ھئي. جيڪي بدعتون ۽ برائيون ھو ارغون ترخانن ۾ نظرانداز ڪري ڇڏيندو ھو، سي مغلن ۾ ڏسي، ھن جو ديني جذبو جوش ۾ اچي ويندو ھو. اڳي ته ڪنھن سنڌيءَ کي ڏسندو ھو ته ڌِڪار کان منھن ٻئي پاسي موڙي ڇڏيندو ھو؛ ۽ ھاڻ سنڌين کي زوريءَ بيھاري کين مغلن جي غيرشرعي حرڪتن کان آگاھه ڪندو ھو، ۽ چوندو ھو ته ” ھي مغل رڳو نالي ۾ مسلمان آھن: ڏسو نه، ھنن ھندن مان شاديون ڪيون پر ڪنھن به راڻيءَ کي مسلمان ڪونه ٿا ڪن. انھن جو اولاد وري مسلمان ڪيئن چئبو؟ اھي شاديون حرام آھن: اھو اولاد حرام آھي. سنڌ تي ھاڻ حرامين جي حڪومت آھي. اسين ارغون ترخان وري به مسلمان آھيون، سنڌ ۾ رھي سنڌي ٿي ويا آھيون. اوھان ۽ اسين ٻئي مظلوم آھيون، اچو ته گڏجي ھن غير اسلامي حڪومت کي ٿڏا ھڻي ختم ڪريون .....“
ھن کي سنڌين جي رڳو ھڪڙي ڳالھه سمجھه ۾ ڪانه ايندي ھئي: سنڌين سان جڏھن به ھو اھي ڳالھيون ڪندو ھو، تڏھن سنڌي کِلڻ لڳندا ھئا. ” بروبر، مولوي صاحب بروبر، پر جيڪڏھن مغلن کي ھتان ڪڍون ته حڪومت ڪير ڪندو؟! “ ھن جي دل ته چوندي ھئي ته کين چئي ڏي ته ” بدبختو مغلن حڪومت اسان کان کسي ھئي، ان ڪري حڪومت تي حق وري به اسان ارغونن ترخانن جو آھي، پر متان سنڌين کي اھا ڳالھه ڏکي لڳي، ان ڪري چوندو ھو ته بابا، توھان ۽ اسين، پراڻا سنڌي ۽ نوان سنڌي، ھنن ڌارين کي ھتان ڪڍون، پوءِ پيا فيصلا ڪنداسون ته حڪومت ڪير ڪري! “ اھا ڳالھه ٻڌي، سنڌي ھيڪاري وڌيڪ کِلڻ لڳندا ھئا، ٽھڪ ڏيڻ لڳندا ھئا، ۽ چوندا ھئا: ” مولوي صاحب، عرب سڳوري ۽ اُٺ واري ڳالھه ٻڌي اَٿـوَ .....! “
پر اڃا به مولوي صاحب سنڌين مان نااميد نه ٿيو ھو. ھن سانوڻ ۽ سردار خان جو ڳالھيون ٻڌيون ھيون. جيڪڏھن سانوڻ جھڙو سنڌي، ۽ سردار خان جھڙو ترخان ھمٿ ڪن ته مغلن کي ڀڄائڻ ڪا وڏي ڳالھه ھرگز ڪانه ھئي. ان لاءِ ھن پنھنجي ڪن پراڻن ترخان شاگردن کي به تيار ڪيو ھو ته ھو سنڌي مدرسن جي شاگردن سان ياريون دوستيون رکي، ڪو اھڙو اٺسٺو ٺاھين جو سنڌين کان بغاوت ڪرائجي، ۽ پوءِ جڏھن سنڌي مغلن کي ڊوڙائي ڪڍن، تڏھن سيوھڻ کان ترخانن جو لشڪر ٺٽي پھچي، امن امان قائم ڪرڻ جي بھاني، حڪومت پنھنجي ھٿ ۾ آڻي! مولوي صاحب ارغون ۽ ترخان اميرن کي اھي صلاحون ڏيندو ھو، ۽ ھو به ان ڳالھه ۾ ھن کان پري ڪونه ھئا!
پر ھاڻ ته خود ارغونن جي تاج جي واليءَ مرزا عبدالعليءَ جي سر جو سوال ھو. ھن کي اھڙو موقعو وري ڪونه ملندو ته پنھنجي قوم جي خيرخواھيءَ ۾ پنھنجي جان جوکي ۾ وجھي، مرزا عبدالعلي ۽ خسروخان چرڪس جي جان بچائي وجھي. ھو انھن ٿورن ماڻھن مان ھو، جن کي مرزا شاھه رخ وٽ عزت ملندي ھئي. ھن شاھه رخ کي مختلف ڳالھين لاءِ مختلف تعويذ لکي ڏنا ھئا. وڏي ڳالھه ته ھن شاھه رخ کي سچن موتين جي معجون جي دٻلي پيش ڪئي ھئي، ۽ ھاڻ شاھه رخ وري ڳڀرو ساقين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ھو، ۽ ھن جي گھر واريءَ ۽ ڪنيزن به ھن جي صحت ۽ مردانگيءَ جا نوان قصا ھن کي ٻڌايا ھئا. ھن کي خبر ھئي ته شاھه رخ اڃا تائين قيصر بيگ جي پٽن کي رڳو انڪري ڪونه آزاد ڪيو ھو، جو سنڌي ڪنيز ” نُوري “ ھن کي پسند اچي ويئي ھئي. ھو روز سنڌي ڪنيز کي ڏسڻ لاءِ لال حويليءَ ويندو ھو، ۽ اُتي ئي شاھه رخ سان ھيءَ ڳالھه ڪرڻ وڌيڪ مناسب ھئي. ائين ھن کي نه حويليءَ تي وڃڻو پوندو ۽ نه ئي سلطاني ساقي خاني جي تھخاني ۾!
ائين پسار ڪندي، مولويءَ وري ھڪ ڀيرو ھن نوجوان ترخان کي ٽيڏيءَ اک سان ڏٺو، ۽ دل من ھڻندي چئي ويٺو: ” نوجوان، ٻڌ! توتي ۽ مون تي ترخان قوم جو وڏو بار آھي، آءٌ توکي پاڻ لال حويليءَ وٺي ٿو ھلان: شاھه رخ جو سمورو وقت اتي ٿو گذري. ھڪڙي پاسي ھو حضور مرزا عبد العلي ۽ خسرو خان چرڪس تي پاڻ ذاتي طرح نگھبانيءَ جو فرض پيو نڀائي ته ٻئي طرف قيصر بيگ جي سنڌي ڪنيز ھن جي دل تي ڌاڙو ھڻي چڪي آھي، اھا به اُتي ئي آھي. قيصر بيگ جا پٽ ان جي حوالي آھن پر شاھه رخ کي صحيح رخ ئي نٿي ڏئي، وڏي ڪا بدبخت آھي جو مرزا شاھه رخ جھڙي امير جي ڪنيز ٿيڻ نٿي گھري. قيصر بيگ ۾ ڇا رکيو آھي؟ پر خيال رکجانءِ، قيصر بيگ جي ڪنيز واري ڳالھه ڪنھن سان نه ڪجانءِ ..... پر ھڪڙي ڳالھه وري به ڪَن ۾ ٿو ٻڌايانءِ ......! “
” يا حضرت، ھيءَ ڪھڙي ڳالھه ٿا ڪريو...... مون کي قسم آھي اوھان جي ڏاڙھي مبارڪ جو، جيڪڏھن اوھان وري اھڙي ڳالھه ڪئي ته آءٌ ھينئر جو ھينئر سيوھڻ روانو ٿي ويندس، ۽ پنھنجي ئي خنجر سان پنھنجي زبان ڪپي ڇڏيندس. مون تي اعتماد......“ وريام کي فارسي ته ترخانن جھڙي ايندي ھئي، پر ھن کي اھا خبر نه ھئي ته ترخانن ۾، مغلن وانگر، ٻئي جي ڏاڙھيءَ جو قسم کڻبو آھي يا نه!
” نه نه....... مون کي تو ۾ اعتماد آھي ..... پر احتياط لازم آھي ..... “ مولويءَ ته ان قسم کي پنھنجي عزت افزائي سمجھو ھو. ” چڱو، تون اتي ويھه ته آءٌ پنھنجي حويليءَ تان ٿي اچان. ڄاڻ ڪري ڇڏيان متان ڪا پڇا ڳاڇا ٿئي .... ! “
مولويءَ وريام کي ڪَن ۾ ڪجھه ڳالھيون ٻڌائي، کيس اتي ئي وھاري، ھيڏانھن ھوڏانھن لوڻا ھڻندي، مسجد مان نڪري ويو. گھڙيءَ کانپوءِ ڪارڙي تتر جي ٻولي ٻولي، ڏاتر ڏنوحجري ۾ اندر ھليو آيو.
وريام ھن کي ڪي ڳالھيون تفصيل سان سمجھائيندي چيو: ” ڏاترنا، ڀائو، ڀلائي ڪج، ٿورو عقل کان ڪم وٺج، مغلن تائين اھا ڳالھه ھينئر جو ھينئر پھچائڻي آھي ته شاھي قيدي مرزا شاھه رخ جي قبضي ۾ آھن، ۽ مرزا قيصر بيگ جا پٽ به ان وٽ آھن، ۽ ترخان مرزا عبد العليءَ جي نالي ۾ خسروخان چرڪس کي حڪومت وٺي ڏيڻ لاءِ وڏي شورش ڪرڻ وارا آھن، ۽ اڄ ٽپھريءَ ڌاري شاھي قيدين کي لال حويليءَ مان ٻئي ڪنھن ھنڌ وٺي ويندا ..... “
” پر وريام، مون تي ڪير اعتبار ڪندو...... الائجي آءٌ سڄو ڪم مرڳو بگاڙي نه ويھي رھان ..... ۽ توکي اڪيلو ھنن بگھڙن جي چُرِ ۾ گھڙڻ آءٌ به ڪونه ڏيندس. آءٌ به توسان ..... “
” ادل منھنجو فڪر نه ڪر...... جيڪڏھن مون کي ڪجھه ٿيو به ته ڪھڙي وڏي ڳالھه ٿي پوندي؟ مون تو جھڙا سنڌي ته روزانو سوين راھه ويندي بي ڏوھيا پيا مارجن. آءٌ ته وري به سنڌ جي ڪنھن ڪم ته ايندس ..... ڏاھو ٿي، ھوڏ نه ڪر. اھو منھنجو توسان وچن آھي ته اڪيلو آءٌ به ڪونه مرندس. آءٌ ھن مولويءَ کي سڃاڻان ..... فقط ھن جي ذريعي ئي آءٌ سانوڻ جي سياست کي ڪارائتو ڪري سگھندس ..... ھا ٻڌ، تون مظفر بيگ واري ڇوري قاسم سان چڱو گھرو آھين، ۽ مظفر بيگ رستم بيگ ۽ مغلن جو سپھه سالار به آھي ۽ اعتبار جوڳو ماڻھو به. ان کي ڪنھن طرح سان نياپو ڏيئي پڻس تائين اھا خبر ڪج ! ..... چڱو، ھاڻي الله کي پرتين، سنڌ کي پرتين! حياتي ھوندي ته ...... “
ڏاتر ڏني کڻي وات تي ھٿ ڏنس: ” تڏھن ته چيم ٿي ته توکي اڪيلو ڪونه ڇڏيندس: پر، مون جھڙي ڪانئر تي ايڏو ڪم رکي، تون مرڳو پاڻ به مارائيندين، ۽ مون کي به آپگھات ڪرائيندين ..... “
” چريو نه ٿي ..... ۽ ھا، پنھنجا اٺ ڏھه سنگتي لال حويليءَ جي چوپاسي بيھاري ڇڏجان، متان ڪا اوچتي ضرورت پوي ..... پر ڪو اھڙو ھٿيار نه کڻجو، جو ڏٺا ٿي پئو...... پاڻ وارو ھٿيار خردم پھراڻ جي ھيٺان چيلھه سان ھجي ته ڀلو..... چڱو، ھاڻ تون وڃ ..... مولوي ايندو ھوندو. تون ھوندين ته ھن کي شڪ پئجي ويندو...... ڏاھو ٿي ..... چڱو، ٻيڙا ئي پار..... ! “
ڏاترڏني جي دل ته نٿي چيو، پر وريام ۾ ھن کي اَڻ ميو ويساھه ھو، ۽ سچ پچ ته جيڪڏھن لال حويليءَ ۾ پھريدارن سان جھيڙڻو پيو ته اسين ٻه ڄڻا ڇا ڪري سگھنداسون، ڏاترڏني سوچيو.
ھن وريام کي ڀاڪر ۾ ڀيڙي، سندس اکين ۾ گھوري چيائين ” وريام، متان اٻھرو ٿين! سنڌ کي اڃا تنھنجي گھرج آھي! “
ائين چئي، ھو تڪڙو تڪڙو حجري کان نڪري ويو•