مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

نئين دنيا اوهان کي سڏي ٿي!

1. هيءَ نئين دنيا اوهان کي خدا ۽ انسان جي تعلق جي بنيادن، خوبين ۽ نفاستن سان مالامال ڪندي. اوهان تي الله جي صفتن جو صحيح تصور آشڪار ڪندي ته جيئن توهان خدا پرستيءَ جي راهه ۾ ٿاٻا کائڻ ۽ ور وڙانگن رستن تي هلڻ کان بچي وڃو. هيءَ دنيا اوهان کي الله تعالى جي نيابت ۽ بندگيءَ جي عملي لقائن ۽ تعلق کان آگاهه ڪندي، جنهن کانپوءِ الله ۽ اوهان جي وچ ۾ رفاقت جو تعلق قائم ٿيڻو آهي.
2. هيءَ نئين دنيا اوهان کي الله تعالى جي جوڙيل اٽل اختياري قانونن جو شعور عطا ڪندي. يعني جهڙي ريت دنيا ۾ هر شيءِ جي هڪ خصوصيت ۽ قدرتي تاثير مقرر آهي، تيئن انساني عملن جون پڻ معنوي خاصيتون ۽ نتيجا مقرر آهن. نيڪ عمليءَ جو نتيجو سٺائي ۽ بُري عمل جو نتيجو برائي آهي. ماڻهو ۽ قومون جيڪڏهن هن ڪائنات جي پالڻهار ۽ پروردگار جي عطا ڪيل قانونن مطابق عمل ڪنديون ته يقيناً ان جا بهتر نتيجا نڪرندا.
3. هيءَ نئين دنيا اوهان جي سوچن ۽ عملن کي اهو ڪامل يقين عطا ڪندي ته انسان جي زندگي هِن دنيا ۾ ختم ڪانه ٿي وڃي ٿي. زندگيءَ جو سلسلو اڳتي به جاري رهي ٿو. انسان کان پنهنجن عملن جو پڇاڻو ٿيڻو آهي. هميشه واري ابدي زندگيءَ ۾ الله تعالى پنهنجي فرمانبردار ٻانهن کي پنهنجي قربت، رضا ۽ سلامتيءَ جي سايي ۾ رکندو پرسندس حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن سان الله تعالى قيامت ڏهاڙي نه ڳالهائيندو ۽ نه کين پاڪ ڪندو، بلڪه اهي دردناڪ عذاب ۾ هوندا.
4. هيءَ نئين دنيا اوهان کي فلاح ۽ سعادت جي سڌي گس تي چاڙهي ڇڏيندي. اهڙو سڌو گس جنهن ۾ وروڪڙ ۽ کاهيون نه هونديون. هيءَ دنيا توهان کي هاڻوڪي زندگيءَ جي حسناڪين، فلاح ۽ ڪاميابيءَ جي اهڙن رستن کان آگاهه ڪندي، جنهن جي نتيجي ۾ آخرت جون حسناڪيون، فلاح ۽ ڪاميابيون اوهانجو مقدر بڻجي وينديون. اهي ئي چار ڳالهيون دين جو روح آهن.
*
قرآن سلامتيءَ جو سڏ آهي، نئين دنيا ۽ نئين زندگيءَ ڏانهن اچڻ جي دعوت آهي. پڪ ڄاڻو ته توهان جي زندگيءَ جو ڪوبه قدم، قرآن ڏانهن ۽ قرآن جي گهراين ۾ سفر کان وڌيڪ عظيم، بابرڪت ۽ لاڀائتو نٿو ٿي سگهي. اهو سفر اوهان کي قرآن جي لازوال مسرتن ۽ انهن اڻ کٽ خزانن ڏانهن وٺي ويندو، جيڪي توهانجي خالق ۽ مالڪ سموري انسانيت لاءِ اُماڻيا آهن. قرآن ۾ اوهان کي علم ۽ دانش جي ناقابل بيان خزانن جي دنيا نظر ايندي جيڪا زندگيءَ جي شاهراهن تي توهان جي رهنمائي ۽ سوچ ۽ عمل جي صحيح سُوڌ سنوار ڪندي. هِتي اُها گهري بصيرت ملندي جيڪا توهان کي مالامال ڪري ڇڏيندي ۽ سنئين دڳ لائيندي. اوهان کي اِن مان اهڙي روشني ملندي جيڪا توهانکي روح جي گهراين تائين منور ڪري ڇڏيندي. هتي توهان جي جذبن ۽ احساسن کي اهڙي حرارت ملندي جيڪا اوهان جي دل ۾ ته نرمي پيدا ڪندي پر اوهان جي ارادن کي جبلن کان به وڌيڪ مضبوطي عطا ڪندي.
ڪالهه تائين توهان جي زندگيءَ ۾ جن سوالن جي ڪا اهميت ڪانه هئي ته: آئون ڪير آهيان؟ ڇو پيدا ڪيو ويس؟ ۽ منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ پر قرآن جي واديءَ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ توهان کي نه رڳو اشرف المخلوقات واري سڃاڻپ حاصل ٿيندي بلڪه توهان جي زندگيءَ کي هڪ نصب العين عطا ٿيندو. آدميت جو عروج توهان جو مسلڪ ۽ انسانيت جو ڀلو توهان جي فڪر ۽ عمل جو محور بڻجي ويندو. هن زندگيءَ ۾ اها ئي اوهان لاءِ وڏي وٿ هوندي ۽ ان سان ئي توهان کي هڪ عملي انسان جي سڃاڻپ حاصل ٿيندي.
قرآن هديّ للناس آهي. هن ڪتاب جي ذريعي توهان کي انسانن جي هدايت جي ذميداريءَ جي خبر پوندي. توهان جي سوچ جو دائرو وسيع ٿيندو ۽ توهان انساني تهذيب جي مستقبل لاءِ پاڻ ارپيندا ۽ ان راهه ۾ جيڪا به رڪاوٽ آڏو ايندي ان سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. انسانن لاءِ اوهانجي سوچ انتهائي اهم ليکي ويندي. جڏهن توهان دنيا جي قومن جي عروج ۽ زوال واري صدين جي سفر جو قرآن ذريعي مشاهدو ڪندؤ ته توهان جي مشاهدي لاءِ توهانجي سوچ ۽ فڪر کي باقاعدي استدلال حاصل ٿيندو ۽ سچي مومن واري دانائي توهانجو ورثو بڻجي ويندي.