مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

اجتماعي اخلاقن تي معاشيات جو اثر

دنيا جي سماجي مفڪرن جو گهڻو ڪري هي رايو آهي ته بلند ۽ اعليٰ اخلاقي نظرين جي ذريعي ماڻهن جا انفرادي اخلاق بلند ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان اجتماع کي فائدو رسي سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا مفڪر اجتماعيات کي اخلاقيات جي ماتحت رکڻ جي طريقن ۽ ڪوششن کي همٿائيندا رهيا آهن. پر ان جي ابتڙ امام شاهه ولي الله جو نظريو هي آهي ته بنيادي انساني اخلاقن تي ته فرد جي سگهه ۽ پهچ آهي، پر اجتماعي اخلاق جيڪي معاشري ۾ تهذيب ۽ ڪلچر جي اجتماعي تشڪيل ڪن ٿا، ان تي اجتماعي معاشيات جو گهرو اثر پوي ٿو. انهيءَ ڪري اجتماعي يا قومي اخلاقن جي درستيءَ لاءِ ضروري آهي ته عدل ڀريو معاشي نظام قائم ڪيو وڃي. جيستائين اهڙو نظام قائم نٿو ٿئي اوهان اجتماعي قومي اخلاقن جي سڌاري جو مقصد حاصل نٿا ڪري سگهو. هڪ ماڻهوءَ کي روزگار جا موقعا ڪونهن، پاڻ به پيٽ بکيو گذاري ٿو ۽ ٻچن جي بکئي هجڻ تي به پريشان آهي. سماج ان جي درد کي ونڊڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ رياست ان پاسي کان بي فڪر آهي ته پوءِ اهڙي ماڻهوءَ مان اعليٰ اخلاقي ڪردار جي توقع رکي نٿا سگهو. ۽ سماج ۾ جڏهن اهڙن ماڻهن جو تعداد وڌيل آهي ته پوءِ اتي اوهان کي اجتماعي قومي اخلاق به جڙيل نه ملندا.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته فرد جي به هڪ مستقل حيثيت آهي ۽ فردن جا اخلاقي سڌارا به سماج کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار ٿين ٿا پر ڳالهه هي آهي ته وڏي اجتماعي ۽ قومي تبديليءَ ۾ رياست جو اقتصادي معاملن ڏانهن رويو هميشہ بيحد اهم رهيو آهي. انساني تاريخ انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته جيڪڏهن رياست معاشي حالتن کي بهتر ڪري ماڻهن جي اڪثريت کي انهن جي بنيادي ضرورتن جي پورائي جو ماحول فراهم ڪيو آهي ته پوءِ انسانن ۾ اخلاقي سڌاري جا وسيع مقصد حاصل ٿيا آهن. قرآن مجيد انهيءَ ڪري ئي واضح لفظن ۾ چيو آهي ته:
اَلَّذِیۡنَ اِنۡ مَّکَّنّٰہُمْ فِی الْاَرْضِ اَقَامُوا الصَّلٰوۃَ وَ اٰتَوُا الزَّکٰوۃَ وَ اَمَرُوۡا بِالْمَعْرُوۡفِ وَ نَہَوْا عَنِ الْمُنۡکَرِؕ وَ لِلہِ عَاقِبَۃُ الْاَمُوۡرِ ﴿۴۱﴾ (الحج (41)
”انهن کي جيڪڏهن زمين ۾ طاقت ڏينداسون ته نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي.“
امام شاهه ولي الله رحمة الله جو چوڻ آهي ته انسان جي عملن جا محرڪ ٻه شيون هونديون آهن: هڪ ماڻهوءَ جي دل ۾ پيدا ٿيندڙ ننڍا ننڍا خيال ۽ ٻيو خراب معاشي حالتون. دلين ۾ انهن خيالن پيدا ٿيڻ جو هڪ سبب انساني جبلت آهي ۽ ٻيو سبب انسانن جون بگڙيل معاشي حالتون آهن جيڪي انسان کي گهيراءُ ۾ آڻي ڇڏين ٿيون. شاهه صاحب جن فرمائين ٿا:
انما الاخلاق بالاحوال لابالعلوم (بد ور بازغه 41)
”اخلاق علمن جي ذريعي پيدا نٿا ٿين، پر انهن حالتن ۾ پيدا ٿيندا آهن جن ۾ انسان زندگي گهاريندو آهي“
هيءُ ممڪن آهي ته ڪي ماڻهو ايترا بلند نظر ۽ پختي اخلاق وارا هجن جو معاشي بدحاليءَ کان متاثر نه ٿين، پر ماڻهن جي اخلاق تي معاشي بدحاليءَ جو اثر ضرور پوندو آهي. اهوئي سبب آهي جو قرآن به انساني سڌاري ۽ فلاح جي لاءِ رياست جي ذميدارين ۾ معاشي نظام کي بهتر رکڻ کي ضروري قرار ڏنو آهي.