توحيد في الصفات ڇا آهي؟
1- الله تعالى جي هستي جامعِ ڪمالات آهي ۽ پوري ڪائنات جي مٿان سندس ئي حاڪميت آهي. هُو پنهنجي اقتدار ۽ اختيار کي پنهنجي جوڙيل قانونن مطابق استعمال ڪندو آهي. اُهي قانون ٺوس ۽ غير متبدل آهن. ڪائنات جي گوناگونيءَ ۾ سيارن ۽ ڪهڪشائن جي نظام کان وٺي اسان جي شمسي نظام تائين سمورا سيارا ۽ گرهه الله تعالى جي مقرر وقتن ۽ قانونن جي پابندي ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ ڪنهن کي به تبديليءَ جو اختيار ڪونهي. ان جو نتيجو هيءُ آهي ته ڪروڙين سال گذرڻ باوجود ڪائنات جي نظام ۾ ڪابه ابتري يا فساد رونما ناهي ٿيو.
انهن ڪائناتي قانونن وانگر انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي فساد ۽ تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ خالق طرفان قانون مقرر آهن جن تي عمل ڪرڻ سان انسانن جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ کي به اها ئي ڪاميابي ۽ استحڪام ملي سگهي ٿو ۽ انسان احڪم الحاڪمين جي حفاظت جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو. قرآن اسان کي ٻڌائي ٿو ته الله تعالى جا جوڙيل قانون سندس صفتن ۾ جلوه گر آهن. الله تعالى جي انهن اڻ ڳڻين سمورين صفتن جون جامع سندس ربوبيت، رحمت ۽ عدالت جون ٽي مرڪزي صفتون آهن جيڪي انسانن کي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ لاءِ ضابطن جو بنياد فراهم ڪن ٿيون.
2- انسان کي الله تعالى زمين تي پنهنجو خليفو بنائي موڪليو آهي. ان حيثيت ۾ هو الله تعالى جي صفتن جي پوئلڳ ٿيڻ جو پابند آهي. انسان ذات جون پنهنجون بنيادي صفتون هڪ محدود ۽ سميٽيل شڪل ۾ خود خدا جي ذات جو عڪس آهن. تنهنڪري انساني شخصيت جي نشوونما تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي ۽ هُو الله جو ولي (دوست هئڻ) جو درجو ۽ انساني ڪماليت ۽ سرخروئي تڏهن ئي حاصل ڪري سگهي ٿو جڏهن الله تعالى جي صفتن کي پنهنجو معيار بڻائي.
الله تعالى جي صفتن جو تابعدار بڻجڻ لاءِ سماج ۾ جتي انفرادي ڪوششن جي ضرورت آهي، اتي ان کان وڌيڪ اجتماعي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻ سان انهن مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. خلقِ خدا سان همدردي ۽ خير خواهي، بيڪسن سان مهربانيون، مسڪينن ۽ محرومن جي بحال ڪاري توڙي بندگي ۽ ٻانهپ جون ٻيون ذميداريون هڪ ته ماڻهو انفرادي طور تي به ادا ڪري سگهي ٿو پر انهن ڪمن لاءِ وڏن نتيجن جو تعلق ظالماڻي نظام جي تبديلي ۽ عدل ۽ انصاف واري اجتماعي نظام قائم ڪرڻ سان آهي. تنهنڪري سماج مان ظلم ۽ زيادتيءَ واري نظام جي خاتمي جي انقلابي ڪوششن ۽ سماجي تبديليءَ جي تحريڪن ۾ عملي شرڪت انسان جي خلافتي ڪردار جي ادائگيءَ جون لازمي تقاضائون آهن. ان کانسواءِ توحيد جو ڪوبه ڌنڌلو ۽ رواجي تصور اسلام جو تصور نه آهي. انهن تقاضائن کانسواءِ جيڪڏهن ڪو توحيد تي عمل جي دعوى ڪري ٿو ته اُهو سخت غلط فهميءَ جو شڪار آهي.
مختصر لفظن ۾ توحيد في الصفات هيءَ آهي ته الله تعالى جهڙيءَ ريت هن ڪائنات جو خالق آهي. اهڙيءَ طرح ان کي هلائيندڙ احڪم الحاڪمين آهي ۽ هُن پنهنجي سموري مخلوق لاءِ ضابطا مقرر ڪيا آهن، انسان کي اشرف المخلوقات جي حيثيت ۾ پنهنجو نائب بڻائي پنهنجي صفتن جي پيرويءَ جي ذريعي کيس پنهنجي ذات جي ترقيءَ جو رستو ٻڌايو آهي. تنهن ڪري توحيد في الصفات جي تقاضا هيءَ آهي ته:
1- انسان الله تعالى جي ٻڌايل ضابطن جو پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي سمورن مسئلن ۾ پابند آهي.
2- الله تعالى جي صفتن جو رنگ پنهنجو پاڻ تي غالب ڪري. ۽ انهن صفتن جي برڪت ۽ اثرن سان خدا جي مخلوق لاءِ پاڻ کي ڪارائتو ثابت ڪري، ته جيئن ان ريت الله تعالى جي قرب ۽ رضا جو حقدار بڻجي سگهي.
3- انساني آزادين ۽ انسانن جي سلامتي ۽ فلاح واري نظام جي قيام لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ باقاعده عملي حصو وٺي.