مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

سماج جو ٽيون ايڪو: قوم

قوم انساني سماج جو ٽيون اجتماعي ادارو آهي. الله تعالى انسانن جي تعارف لاءِ قبائل ۽ اقوام جو وجود پنهنجي مشيت قرار ڏنو آهي.
وَ جَعَلْنٰكُمْ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا (الحجرات-12)
”اوهان کي قومن ۽ قبيلن ۾ ٺاهيو ويو ته جيئن سڃاتا وڃو.“
(ترجمو: امام راغب اصفهاني)
انسان جي تمدني زندگيءَ جي انهن ٻن ادارن قوم ۽ قبيلي جي ذريعي انسان جي سڃاڻپ قائم رهندي آهي، اها سڃاڻپ الله تعاليٰ جي مشيت آهي جيڪا هر حالت ۾ قائم رهڻ کپي. جيڪڏهن تمدني زندگيءَ جو ڪو به عمل، طريقو يا نظريو انهيءَ سڃاڻپ کي ميساريندو ته اهو الله تعاليٰ جي مشيت جو انحراف ٿيندو. ان وقت ايمان وارن جو فرض بيهندو ته اهي قومن ۽ قبيلن جي ان سڃاڻپ جي بقا لاءِ مزاحمت ۽ جهاد ڪن. پر اهي ٻئي سڃاڻپون انسان جي فوقيت ۽ عظمت جو بنياد نه آهن. تنهنڪري فرمايو ويو: اِنَّ اَكْرَمَكُمْ عِنۡدَ اللہِ اَتْقٰكُمْ. ”الله تعاليٰ وٽ توهان مان عزت وارو اهوئي آهي جيڪو سڀني کان وڌيڪ پرهيزگار آهي.“ قرآن تمدني زندگيءَ ۾ انساني سماج جي هن ٽئين اداري، قوم جي تشڪيل ۽ جوڙجڪ جو بنياد ٻوليون ۽ زبانون ٻڌايو. فرمايو:
وَمَاۤ اَرْسَلْنَا مِنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِہٖ لِیُبَیِّنَ لَہُمْ (ابراهيم -4)
”۽ اسان جيڪو به پيغمبر موڪليو ان قوم جي ٻوليءَ ۾ موڪليو. ان لاءِ ته جيئن (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري.“
پوءِ انهن ٻولين جو هجڻ به الله تعالى ان ريت ڪمال قدرت سان پنهنجي شعائر مان ڳڻايو آهي، جيئن زمين ۽ آسمان جي تخليق ان جي ڪمال قدرت سان تخليق ٿي آهي.
وَ مِنْ اٰیٰتِہٖ خَلْقُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَ اخْتِلَافُ اَلْسِنَتِكُمْ وَ اَلْوَانِكُمْ ؕ
اِنَّ فِیۡ ذٰلِکَ لَاٰیٰتٍ لِّلْعٰلِمِیۡنَ ﴿۲۲﴾ (الروم-22)
”۽ ان جي نشانين مان آسمانن ۽ زمين جي پئدائش ۽ توهان جي ٻولين ۽ توهان جي رنگن جو اختلاف آهي. بيشڪ، انهيءَ ۾ جهانن وارن (قومن) جي لاءِ نشانيون آهن.“
الله تعالى کي انسانن جي آزادي پياري آهي، ته جيئن هُو نيڪي ۽ بدي ۽ حق ۽ باطل جي ٻن رستن جي چونڊ ۾ مجاز بڻجي سگهن. بلڪل انهيءَ ريت قومن جي آزادي پڻ پياري آهي ته جيئن قومون ڪنهن جبر ۽ غلاميءَ کانسواءِ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي فطري طريقن تي عمل پيرا ٿي سگهن. تنهنڪري انساني تاريخ ۾ جڏهن به فردن ۽ قومن تي غلاميون مسلط ٿيون، الله تعالى پيغمبرن ۽ مصلحين جي ذريعي انهن غلامين مان ڪڍڻ جا موقعا عطا ڪيا. سڀني نبين سڳورن جي اُها جدوجهد تفصيل سان قرآن مجيد ۾ هر هنڌ موجود آهي. بني اسرائيل جي مٿان مصر جي فرعونن جي مسلط ڪيل غلامي ختم ڪرڻ لاءِ حضرت موسى عليه السلام جيڪا جدوجهد ڪئي سڄي قرآن ۾ ان جو وري وري ذڪر ٿيو آهي. حضرت موسى عليه السلام فرعون جي درٻار ۾ کليل لفظن ۾ بني اسرائيل جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو:
فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ ﴿۱۰۵﴾ؕ (الاعراف 105)
”پوءِ بني اسرائيل کي (آزاد ڪري) مون سان وڃڻ ڏي.“
الله تعالى کي فردن ۽ قومن جون اُهي آزاديون بهتر شخصيت ۽ سماج جي تشڪيل لاءِ پسنديده آهن. ان کانپوءِ فردن کي بهتر خاندان جي تشڪيل طرف وڌڻو آهي، تيئن قومن کي بهتر ملت جي قيام وارو مقصدن حاصل ڪرڻ جي ذميداري آهي.
سماج:
انسانن جي آبادي جيڪا قبيلن ۽ قومن مان ٺهندي آهي، قرآن حڪيم ۾ ان لاءِ ”القريه“ يا ”القرى“ جو اصطلاح استعمال ٿيو آهي. امام راغب اصفهاني مفردات ۾ لکن ٿا ”القريه اهو هنڌ آهي جتي ماڻهو گڏجي آباد ٿين ته مجموعي حيثيت ۾ انهن ٻنهي (ماڻهن ۽ وستيءَ) کي قريه چوندا آهن.“ (ص846) انسانن جي اجتماع ۽ انهن جي هنڌن کي انفرادي طور پڻ ”قريه“ سڏيو ويندو آهي.
انساني آبادين کي هدايت جي راهه تي هلائڻ لاءِ الله تعالى طرفان هڪٻئي پٺيان ۽ ڪڏهن مختلف قومن ڏانهن هڪ ئي وقت پيغمبر ۽ سڌارڪ ايندا رهيا آهن. الله تعالى هر دؤر ۾ وحي جي تعليم جي ذريعي انساني سماج جي سڀني فردن، رشتن ۽ ادارن کي هلائڻ لاءِ مڪمل رهنمائي ڪئي. جيڪي معاشرا وحيءَ جي تعليم کي قبول ڪندا رهيا، کين امن، سلامتي ۽ اطمينان نصيب ٿيو پر جن معاشرن ان تعليم کان منهن موڙي پنهنجي سرڪشي ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ ظلم ۽ ناانصافيءَ وارو رستو اختيار ڪيو، قدرت کين پنهنجي گرفت ۾ ورتو.
وَکَذٰلِکَ اَخْذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الْقُرٰی وَہِیَ ظَالِمَۃٌؕ اِنَّ اَخْذَہٗۤ اَلِیۡمٌ شَدِیۡدٌ ﴿۱۰۲﴾ (هود-102)
”۽ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ اهڙي هوندي آهي جڏهن هُو انساني آبادين کي ظلم ڪندي پڪڙيندو آهي. پڪ سان سندس پڪڙ وڏي دردناڪ ۽ ڏاڍي سخت هوندي آهي.“
سڀني انساني آبادين ۽ معاشرن ۾ هادي ۽ نذير موڪليا ويا، جن کين چڱاين تي هلڻ ۽ مداين کان بچڻ ۽ ڪامرانيءَ جو رستو ٻڌايو. ان لاءِ کين باقاعدي مهلت ڏني وئي. ان جي باوجود جڏهن هُو ظلم ۽ ناانصافيءَ جون سموريون حدون ٽپي ويا ته هلاڪت سندن مقدر بڻجي وئي:
وَمَا کَانَ رَبُّکَ مُہۡلِکَ الْقُرٰی حَتّٰی یَبْعَثَ فِیۡۤ اُمِّہَا رَسُوۡلًا یَّتْلُوۡ عَلَیۡہِمْ اٰیٰتِنَاۚ وَمَا كُنَّا مُہۡلِکِی الْقُرٰۤی اِلَّا وَ اَہۡلُہَا ظٰلِمُوۡنَ ﴿۵۹﴾ (القصص-59)
”۽ (ياد رکو، توهان جي پروردگار جو قانون هيءُ آهي ته) هُو تيستائين انسانن جي وسندين کي (سندن عملن جي نتيجي ۾) هلاڪ نه ڪندو آهي، جيستائين سندن مرڪزي وسنديءَ ۾ هڪ پيغمبر مبعوث نه ڪري ۽ خدا جون آيتون پڙهي ڪري نه ٻڌائي. ۽ اسان ڪڏهن به وسندين کي هلاڪ ڪرڻ وارا نه آهيون فقط ان حالت ۾ ته ان جي باشندن ظلم جو شيوو اختيار ڪيو هجي.“
قرآن حڪيم اهڙي ظالم معاشري کي تبديل ڪرڻ ڏانهن سڏي ٿو:
وَمَا لَكُمْ لَا تُقَاتِلُوۡنَ فِیۡ سَبِیۡلِ اللہِ وَالْمُسْتَضْعَفِیۡنَ مِنَ الرِّجَالِ وَالنِّسَآءِ وَالْوِلْدَانِ الَّذِیۡنَ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَاۤ اَخْرِجْنَا مِنْ ہٰذِہِ الْقَرْیَۃِ الظَّالِمِ اَہۡلُہَاۚ وَاجْعَلۡ لَّنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ وَلِیًّاۚ وَّاجْعَلۡ لَّنَا مِنۡ لَّدُنۡکَ نَصِیۡرًا (النساء-75)
”۽ توهان کي ڇا ٿيو آهي جو توهان وڙهو نٿا الله جي راهه ۾ ۽ انهن ڪمزور مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن لاءِ جيڪي چون ٿا ته اي خدا اسان کي هن وسنديءَ مان ڪڍ جنهن جا رهاڪو ظالم آهن ۽ اسان لاءِ پاڻ وٽان ڪو ڀرجهلو بيهار ۽ اسان لاءِ پاڻ وٽان ڪو مددگار اٿار.“
قرآن حڪيم، ”مستضعفين“ ۽ ”مستڪبرين“ جا ٻه طبقا واضح ڪري ٻڌايا آهن ته مستڪبرين جو طبقو الله جي باغين ۽ سرڪشن جو طبقو آهي جيڪو سندس ٻانهن کي غلام بنائي انهن جي وسيلن ۽ محنت جو استحصال ڪري ظلم ڪندڙ بڻجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انهن مستضعفين يعني غريب ڪمزورن جي طاقت کي منظم ڪري ان ظالماڻي سماج کي بدلائي انصاف ۽ عدل وارو معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ قرآن حڪيم جا واضح احڪام آهن، ته جيئن الله تعالى جا ٻانها آزادي، اطمينان ۽ سلامتيءَ سان ان جي اطاعت ۽ راضپي لاءِ پاڻ حوالي ڪري سگهن. اهڙو معاشرو جيڪو طاقت جي زور تي انسانن ۽ قومن کي غلامي ۽ جبر ۾ رکي يا ڪمزور مردن، عورتن ۽ ٻارن کي طبقاتي غلاميءَ جي ماتحت ڪري وٺي، انهن ٻنهي صورتن ۾ هر قسم جي مزاحمت جا طريقا اختيار ڪرڻ قرآن جي مڃيندڙن لاءِ بيحد ضروري آهن. ۽ جيڪڏهن جنگ کانسواءِ اهو ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناهي ته قرآن مذڪوره آيت ۾ نه فقط ان آخري اقدام جو مطالبو ڪيو آهي بلڪه ظلم جي خلاف ان جنگ کي في سبيل الله جو رتبو قرار ڏنو آهي.
جيستائين سماج ۾ ظالماڻي نظام کي تبديل ڪرڻ جون اهي ڪوششون جاري رهنديون آهن تيستائين الله تعالى سڄي سماج کي مهلت ڏيندو آهي ته شايد ڪڏهن هي ماڻهو پنهنجي حالت بدلائين. تڏهن الله تعالى جي ذات انهن سعادتمندن جي حفاظت ڪندي آهي جيڪي ان ڀلائيءَ جي ڪم ۾ سرگرم ٿيندا آهن. پر جڏهن اڪثريت ڪنهن به صورت ۾ تبديليءَ لاءِ تيار نه هوندي آهي ته پوءِ خدائي قانون موجب کين ڏوهاري قرار ڏيئي کين پنهنجي انجام ڏانهن ڌڪيو ويندو آهي.
فَلَوْلَا کَانَ مِنَ الْقُرُوۡنِ مِنۡ قَبْلِكُمْ اُولُوۡا بَقِیَّۃٍ یَّنْہَوْنَ عَنِ الْفَسَادِ فِی الۡاَرْضِ اِلَّا قَلِیۡلًا مِّمَّنْ اَنۡجَیۡنَا مِنْہُمْۚ وَاتَّبَعَ الَّذِیۡنَ ظَلَمُوۡا مَاۤ اُتْرِفُوۡا فِیۡہِ وَکَانُوۡا مُجْرِمِیۡنَ ﴿۱۱۶﴾ وَمَا کَانَ رَبُّکَ لِیُہۡلِکَ الْقُرٰی بِظُلْمٍ وَّ اَہۡلُہَا مُصْلِحُوۡنَ ﴿۱۱۷﴾ (هود117-116)
”پوءِ ائين ڇو نه ٿيو جو توهان کان اڳين قومن ۾ اهڙا خير وارا هجن ها جيڪي زمين ۾ فساد ڪرڻ کان روڪين ها. اهڙا ٿورا ماڻهو نڪتا جن کي اسان انهن مان بچائي ورتو. ۽ ظالم ماڻهو ته انهيءَ عيش ۾ پيا رهيا جيڪو کين مليو هو ۽ (ان سببان) هُو ڏوهاري هئا ۽ تنهنجو رب اهڙو ناهي جو هُو وسندين کي ناحق تباهه ڪري، جيتوڻيڪ ان جا رهاڪو سڌارڪ ڪردار ادا ڪندڙ هجن.“