مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن استحصالي نظام جو خاتمو گهري ٿو:

قرآن حڪيم جيڪو انقلاب آندو اهو حقيقت ۾ ڪسرى ايران ۾ ۽ قيصر روم جي خلاف هو. ان وقت جي مهذب دنيا جو گهڻو حصو ٻنهي حڪومتن جي ماتحت اچي چڪو هو. ڪسرى ايران جي حڪومت اوڀر ۾ هندستان (سنڌ) تائين پهچي چڪي هئي ۽ قيصر روم جي حڪومت اولهه ۾ مراڪش تائين پکڙيل هئي. ان ڪشادي علائقي ۾ انسانن جي تمام وڏي آبادي موجود هئي پر انهن کي انساني حقن کان محروم ڪيو ويو هو. اميرن، جاگيردارن ۽ شاهي خاندانن گڏجي هارين، مزدورن ۽ واپارين کي اهڙي طرح لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو، جو اهي ويچارا واهو گڏهن، ڍڳن ۽ چوپاين واري حالت تائين پهچي چڪا هئا جن کي صرف ان لاءِ زنده رکبو آهي ته انسان جي ڪم ايندا رهن. سياسي ٽولن سان گڏ علمي ۽ مذهبي جماعتن به ڄڻ ته ”سازش“ ڪري رکي هئي ۽ هي پويون ٽولو عوام کي پنهنجي حال تي مطمئن رکڻ لاءِ مذهبي تلقين ڪندو هو ۽ ان جي عيوض پگهار طور، سياسي گروپ، لٽيل ڦريل مال مان کين حصو ادا ڪندو هو. ويچارو عوام چڪيءَ جي انهن ٻن پڙن- اقتصادي سرمائيداري ۽ علمي سرمائيداري – جي وچ ۾ پيسبو رهيو. امام شاه ولي الله انهن جي حالت جو”حجة الله البالغه“ ۾ دردناڪ نقشو چٽيو آهي جيڪو عبرت حاصل ڪندڙ اکين لاءِ ڏسڻ جهڙو آهي.
اهڙيون حالتون ان زماني ۾ مڪي ۾ رهندڙ مٿئين ڪلاس جي ماڻهن پيدا ڪيون هيون. اتي به رئيسن جو هڪ اهڙو طبقو سرگرم هو جن عام ماڻهن کي اقتصادي لحاظ کان ڪمزور بنايو ۽ پروهتن (مذهبي راهبن) جي ٽولي ذهني طرح انهن کي غلام بنائي رکيو هو.
دنيا جي هيءَ حالت هئي جو جڏهن نبي ڪريمﷺ جن نبوت جو اعلان فرمايو، قرآن حڪيم ان وقت جي صورتحال جو نقشو هنن لفظن ۾ چٽيو آهي:
ظَهَرَ الْفَسَادُ فِي الْبَرِّ وَالْبَحْرِ بِمَا كَسَبَتْ أَيْدِي النَّاسِ (الروم-41)
”انسانن جي ڪرتوتن جي ڪري خشڪي ۽ پاڻيءَ ۾ فساد برپا ٿي چڪو هو.“
ان متعلق امام شاه ولي الله فرمائي ٿو:
فلما عظمت هذه المصيبة واشتد هٰذ المرض سخط عليهم الله والملٰئکۃ المقربون وکان رضاه تعالى في معالجه هذا المرض بقطع مادته (حجة الله البالغه جلد پهريون ص104)
”جڏهن اها مصيبت يعني اقتصادي ڦرلٽ چوٽيءَ کي پهچي وئي ۽ اهو مرض شدت اختيار ڪري ويو، تڏهن خدا تعالى ۽ ان جا ملائڪ سخت ناراض ٿيا ۽ الله تعالى جي حڪمت ۽ رضا اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن انهن ۾ پاڻمرادو اصلاح جي ڪابه گنجائش باقي ناهي، تڏهن ان مرض کان انسانيت کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ لاءِ ان جي پاڙ – قيصر ۽ ڪسرى جي حڪومت کي انسانيت جي روڳ مان ڪٽي ڦٽو ڪجي.“
شاهه صاحب وڌيڪ لکن ٿا ته ان عظيم انقلاب کي جاري ڪرڻ لاءِ:
بعث نبيا اميا صلي الله عليه واله وسلم لم يخالط العجم والروم ولم يترسم و جعله ميزانا يعرف به الهدى الصالح المرضي عندالله من غير المرضي..... وقضي بزوال دولتهم بدولته ورياستهم برياسته بانه هلک کسرى فلا کسرى بعده وهلک قيصر فلا قيصر بعده.
”الله تعالى ان پيغمبر کي موڪليو، جيڪو امّي هو ۽ ايراني ۽ رومي رسم ۽ رواج کان آزاد هو. ان کي الله تعالى هدايت لاءِ، جيڪا خدا تعالى وٽ پسند هئي، معيار مقرر ڪيو، ته جيئن ان کي ڏسي چڱي مٺي ۾ فرق جي ڄاڻ ٿئي ۽ الله تعالى فيصلو ڪيو ته ان نبي ڪريمﷺ جي حڪومت جي ذريعي ڪسرى ۽ قيصر جون حڪومتون ۽ سندن ليڊرشپ کي ختم ڪيو وڃي ته جيئن ڪسرى ۽ قيصر فنا ٿي وڃن ۽ پوءِ انهن جي ڪسرائيت ۽ قيصريت نه رهي.“
اڄ ڪلهه يورپ ۾ ۽ ان جي سياسي محڪوم ملڪن ۾ چند مٿئين طبقي جي ماڻهن جي مالي ترقي ۽ عام ماڻهن جي معاشي بدحالي جي جيڪا حالت آهي ۽ ان ڪري جيڪا اخروي زندگي کان بي پرواهي ۽ غفلت آهي، اها رومي ۽ ايراني حڪومتن وانگر آهي. انهن مٿين طبقن جي ذهنيت ۽ عوام جي استحصال جا اصول اهي ئي آهن، جيڪي هنن حڪومتن جا هئا. امام شاهه ولي الله فرمايو آهي:
وما تراهُ من ملوک بلادِک بعينک عن حکاياتهم
”يعني توهان جي پنهنجي ملڪ جي اميرن ۽ حاڪمن جي جيڪا حالت آهي، ان کي ڏسو ته توهان کي ٻين ملڪن جي اميرن ۽ حاڪمن جي حالت ڏسڻ جي ضرورت نه رهندي.“
اهو جملو اڄ به اوتروئي صحيح آهي، جيترو امام ولي الله دهلويءَ جي دؤر ۾ هو. اڄ به برطانيه جي قبضي هيٺ هندستان جي اها حالت آهي، جو هڪ طرف سرمائيدار ۽ دولت جي پوڄارين جو هڪ ننڍڙو طبقو آهي، جن جي آمدني هزارن کان وٺي ڪروڙن تائين آهي. ٻئي طرف مسڪينن جو گهڻو طبقو اهڙو آهي، جن جي ماهوار آمدني بلڪل ٿورڙي آهي. مٿئين طبقي هيٺئين طبقي کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو آهي ۽ زيردست طبقو پنهنجي انساني حقن لاءِ هٿ پير هلائڻ ته پري رهيو، هيءَ سگهه ۽ ڄاڻ به نٿو رکي سگهي ته ان جا انساني حق ڪهڙا آهن؟ ۽ ان جي حاصلات جا گس ڪهڙا آهن؟