مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

انسانيت جا بنياإي اخلاق

انسان جي پنهنجي نفس سان هميشہ ڪشمڪش جاري رهي آهي. ڪڏهن هو پنهنجي نفس تي غالب ٿي ويندو آهي، ڪڏهن نفس مٿس غالب ٿي ويندو آهي. ڪيترين صورتن ۾ ته اها ڇڪتاڻ سڄي زندگي جاري رهندي آهي ۽ انهيءَ حالت ۾ انسان دنيا مان رخصت ٿي ويندو آهي. انساني نفس کي فطري طور تي نيڪي ۽ بديءَ جا معيار سمجهايل يا الهام ڪيل آهن. جيئن فرمايو ويو آهي:
وَنَفْسٍ وَّمَا سَوّٰ ھَا۔ فَاَلْھَمَھَا فُجُوْرَھَا وَتَقْوٰھَا۔ قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَکّٰھَا۔ وَقَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰهَا.
(الشمس 7-10)
”۽ (قسم آهي) نفس جو جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس، پوءِ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجهه ڏني اٿس. بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو جنهن نفس کي پاڪ ڪيو. ۽ بيشڪ اهو بي مراد ٿيو جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.“
قدرت جي پاران انهيءَ رهنمائي جي باوجود قرآن انساني نفس جي سڌاري لاءِ نيڪيءَ جي مظاهرن کي کولي کولي پيش ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح قرآن انسانن جي تهذيب نفس جي لاءِ جن بنيادي خوبين جي نشاندهي ڪئي آهي، حضرت امام شاهه ولي الله انهن کي چئن عنوانن هيٺ بيان ڪيو آهي. امام شاهه ولي الله فرمائي ٿو ته سڀني شريعتن جو اصل مقصود ئي اهو آهي ته انسان ۾ اهي چار خصلتون پيدا ٿين. اهڙي طرح جيڪي شيون انهن چئن خصلتن جي خلاف ۽ انهن جو ضد آهن انهن جي نفي ڪئي وڃي. نبين سڳورن جي بعثت ۽ شريعتن جي تعليم انهيءَ لاءِ هئي ته انهن چئن خصلتن جي تلقين ڪن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي رغبت ڏيارين. يا وري جن رسمن ۽ عملن جي ذريعي هي خصلتون پيدا ٿي سگهن ٿيون انهن کي ماڻهن ۾ رائج ڪن. اوهان آسماني مذهبن جي بنيادي تعليم جو مطالعو ڪري انهن جي انسان لاءِ هدايتن جو وچور ٺاهيو ته اوهان هيءَ ڳالهه چٽي طرح محسوس ڪندا ته سڀني شريعتن ۾ ماڻهن کي ترغيب ۽ هيرائڻ جو سڄو زور انهن چئن خصلتن پيدا ڪرڻ جي چوڌاري ڦري ٿو. اهڙي طرح جن شين کان ڊيڄاريو ويو آهي، اهي سڀ شيون هنن چئن خصلتن جو ضد آهن. انهن سڀني شريعتن ۾ وري قرآن جو ڪمال هيءَ آهي ته انساني تهذيب جي نهايت مٿاهين سطح تي باڪمال ۽ فعال، باڪردار ۽ مثالي ماڻهو پيدا ڪرڻ جا ڏس ڏئي ٿو ته جيئن اهي تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ انساني قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ لاءِ اهليت سان تيار هجن.
قرآن مجيد ۾ جن خصلتن کي ”بر“ يعني نيڪيءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، اهي سڀ عمل اهڙا آهن جيڪي اهي چار خصلتون پيدا ڪندا آهن. وري جيڪي عمل انهن چئن خصلتن تي ناڪاري اثر وجهندڙ هوندا آهن انهن ۾ پوڻ ”اثم“ يعني بدي آهي. اهي عمل جيڪي انسان کي هن زندگيءَ کانپوءِ جي زندگيءَ ۾ ڪم اچن ۽ انهن جي نه هجڻ جي ڪري انسان خساري جو شڪار ٿيندو يعني اعلى اخلاق، هي ساڳيون چار خصلتون آهن.
شاهه صاحب فرمائي ٿو ته جنهن شخص هنن چئن خصلتن جي اصل حقيقت کي پنهنجي ذوق ۽ وجدان سان ڄاڻي ورتو ۽ انهن هن راز کي به ماڻي ورتو ته هر زماني ۽ هر قوم ۾ جيڪي به شريعتون بڻيون، انهن شريعتن جا پيش ڪيل حڪم ۽ عمل ڪهڙي طرح انهن چئن خصلتن تائين پهتا ۽ ڪيئن اهي حڪم انهن خصلتن جي تڪميل لاءِ ذريعا ۽ واسطو بڻيا. مطلب ته جنهن شخص انهيءَ راز کي معلوم ڪري ورتو، اهو صحيح معنى ۾ ”فقيهه في الدين“ ۽ ”راسخ في العلم“ آهي. اهو شخص جنهن شريعت جي ظاهري علمن ۾ انهن خصلتن جو راز ڳولي ورتو ۽ انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويو ۽ ان پنهنجي ذات جي اصل جوهر ۾ انهن خصلتن جو اثر جذب ڪري ورتو ته ان جو شمار ”محسنين“ ۾ ٿيندو.
1. طهارت
انهن چئن خصلتن مان پهرين خصلت پاڪيزگي يا ”طهارت“ آهي. امام شاهه ولي الله وٽ طهارت مان مراد رڳو وضو ۽ غسل ڪونهي بلڪه طهارت مان مقصود وضو ۽ غسل جو اهو روح به آهي جنهن سان انسان کي روشني ۽ بصيرت حاصل ٿيندي آهي. امام شاهه ولي الله جي مطابق هر سليم فطرت ماڻهوءَ ۾ هيءَ خصلت سمايل هوندي آهي ۽ ان ۾ فطري طور تي اهڙو ميلان هوندو آهي ته جيئن هو غلاظتن ۽ واهيات گيرين کان بچيل هجي. اهڙي انسان جي چرپر ۽ اٿي ويٺي مان اندازو لڳايو ويندو آهي ته سندس فطرت سلامت آهي ۽ بحيثيت انسان جي منجهس اهو مادو ۽ استعداد موجود آهي جيڪو انسانيت جي فطري تقاضن ۽ ماڻهپي جي طريقن کي قبول ڪري سگهي ٿو.
طهارت جو ضد پليتي آهي ۽ ان مان مراد به پليتيءَ جي اها معنوي صورت آهي جيڪا ماڻهپي جي دشمن آهي. انسان جي اندر جڏهن پليتيءَ جي اوندهه گهر ڪري ويندي آهي ته ان جي اندر ۾ شيطاني وسوسا پيدا ٿيندا آهن. اهي وسوسا کيس عام زندگيءَ ۾ سوچن جي انتشار ۾ وڪوڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ هو جيئن سوچيندو رهندو آهي تيئن اهڙا ئي شيطاني خواب به ڏسڻ شروع ڪندو آهي ۽ سندس دل جي مٿان ڪارا تهه چڙهڻ شروع ٿيندا آهن. تان جو ماڻهپو موڪلائيندو ويندو آهي ۽ ڪريل ۽ خسيس حرڪتن جو صادر ٿيڻ ان لاءِ معمول جي ڳالهه بڻجي ويندو آهي. انهيءَ ڪري پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرآن مجيد جي جابجا ترغيب ۽ احڪامات موجود آهن جنهن کي هيٺين شعبن جي تفصيل ۾ ڄاڻي سگهجي ٿو:
1- انسان جي پنهنجي ذات يا وجود جي داخلي ۽ خارجي طهارت يا پاڪيزگي.
2- معاشرتي زندگيءَ ۾ نڪاح ۽ شاديءَ جي ذريعي پنهنجي شخصيت جي پاڪيزگي.
3- عام وهنوار ۽ ڪاروباري زندگيءَ ۾ ايمانداري ۽ سچائي جي ذريعي پنهنجي ماڻهپي جي ارتقا.
4- اجتماعي زندگيءَ ۾ انساني نفعي بخشيءَ جي گڏيل مقصدن جي لاءِ جهد ۽ جاکوڙ جي عملي ڪردار ذريعي شخصيت جي ارتقاء ذريعي ملاءِ اعلى سان اتصال.
امام شاهه ولي الله جي مطابق ملاءِ اعلى روحن جي پارليامينٽ آهي جنهن کي ڪل ڪائنات جي دماغ جي حيثيت حاصل آهي. ملاءِ اعلى وارن جي خاصيت هيءَ آهي ته اهي حيوانيت جي سڀني گندگين کان پاڪ زندگيءَ جو لطف ماڻي خدا جي قربتن جا حقدار بڻجي چڪا آهن، انڪري جن ماڻهن جو ملاءِ اعلى سان اتصال ٿئي ٿو تن کي پنهنجي ڪمن مان ساڳيو خدا جي قربتن وارو سرور ۽ راحت ملي ٿي. اهو اهڙو مقام آهي جيڪو انسانن کي پنهنجي نيڪوڪاري، فضيلت پڻي ۽ خدا کي پسنديده عملي زندگيءَ جي عيوض پنهنجي پالڻهار پاران عطا ٿيندو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف اطمينان ۽ مسرت جي زندگي سندن ملڪو بڻجي ويندي آهي ۽ ٻئي طرف سماج ۾ انهن جو شخصي سڀاءُ مانائتو ۽ محترم ليکجڻ ۾ ايندو آهي. هيءَ ولايت ۽ رتبو مراقبن جي مشقتن ۽ بند ڪمري جي رياضتن سان حاصل نٿو ٿئي پر انهن کي ئي حاصل ٿيندو آهي جيڪي پاڻ کي پنهنجي پاڪيزه عملي زندگيءَ سان انسانذات جي ڪمن لاءِ وقف ڪري ٿا ڇڏين.
2. نوڙت
طهارت کانپوءِ انسانيت جي ٻي خصلت عجز ۽ نوڙت آهي. تڪبر ۽ وڏائي ان جو ضد آهي ۽ ان جو مذموم هئڻ عالم آشڪار آهي. شيطان جي سڄي بڇڙائيءَ جو محور انجو تڪبر ۽ وڏائي هئي، جنهن جي بنياد تي هو هميشہ جي لاءِ لعنتي بڻيو. انسانن مان جيڪڏهن ڪو انهيءَ خصلت کي اپنائيندو ته اهو به الله وٽ، ان جي ملائڪن وٽ ۽ سمورن انسانن وٽ لعنتي بڻبو.
قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: وَبَشِّرِ الْمُخْبِتِيْنَ. (الحج 34) ”عاجزي ڪندڙن کي بشارت ڏي.“ قرآن جي روءِ سان سربلندي ۽ ڪاميابي عاجزي ڪندڙن کي ئي نصيب ٿيندي آهي. ڇاڪاڻ ته اڳرائي، سرڪشي وڙهڻ جي عادت انسانن جي وحدت ۾ رڪاوٽ آهن ان ڪري انهيءَ خوبيءَ کانسواءِ خيرخواهي همدردي ۽ وحدت انسانيت پيدا نه ٿي سگهندي ۽ انسانيت اڪمليت ۽ ڪامليت جي طرف وڌي نه سگهندي. ”جيڪا شيءِ جيتري گهرائي سان خطرناڪ آهي ان کان بچڻ جو زور به ان شدت سان ڏنل آهي.“ هڪ حديث قدسي ۾ آيل آهي:
العظمۃ ازاری والکبرياء ردائی فمن نازعنی فی واحد منهما فقد عذبته (مسلم)
”عزت ۽ جلال منهنجي گوڏ آهي ۽ وڏائي ۽ ڪبريائي منهنجي چادر آهي. جيڪو به انهن ٻنهي کي پنهنجي لاءِ اوڍيندو مان کيس عذاب ۾ وجهي ڇڏيندس.“
عجز ۽ نوڙت، ڪي ڏيکارڻ جهڙا يا جهڪڻ ۽ خوشامد ڪرڻ جهڙا وڙ ڪونهن، پر انسان جي پاران ان جو سڀ کان حقيقي اظهار پنهنجي خلقڻهار ۽ پالڻهار جي حضور ۾ ان جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ آڏو عجز ۽ نوڙت ڪرڻ جي ڪيفيت آهي. الله تعالى جي ڪائنات ۾ الله جي نرالي جوڙ ۽ ان جي ڪبريائي سليم فطرت جي ماڻهن لاءِ حيرت جو سامان هوندي آهي، اهڙي طرح زندگيءَ جي پل پل ۾ پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي عطائن ۽ مهربانين جا لکين لقاءَ ڏسي ۽ پسي حيرت زده ٿي ٻانهو پنهنجي مالڪ جي حضور ۾ هميشہ عجز ۽ نياز جي ڪيفيت ۾ رهندو آهي. جڏهن وري ٻانهو انڪار ۽ ناشڪريءَ جي نتيجي ۾ الله جي جلال ۽ ڪبريائي جا اهي لقاءَ پسندو آهي جيڪي خدا جي قانونن جي گرفت ذريعي پنهنجا رنگ ڏيکاريندا آهن ته پوءِ ان جي مٿان حيرت ۽ دهشت جي ڪيفيت طاري ٿيندي آهي ۽ ان وقت به ٻانهي جو عجز ۽ نياز کيس الله جي عظمت ۽ ڪبريائيءَ جو غلام بڻائي رکندو آهي.
عجز ۽ نوڙت جي انهيءَ ڪيفيت سان مومن ٻانهو جيئن پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ پاڻ کي عجز ۽ نوڙت جو سراپا بڻائي ڇڏيندو آهي تيئن هو الله جي مخلوق سان پنهنجي تعلقات ۾ ڪنهن به مرحلي تي عجز ۽ نوڙت کي هٿان وڃڻ نه ڏيندو آهي. هُن جي انسانن سان رويي ۾ هي يقين هميشہ ڪارفرما هوندو آهي ته ماڻهو الله جا ڀاتي آهن (الخلق ڪُلُّهُم عيال الله) انهيءَ ڪري اهي احترام ۽ عزت ۽ حقن جي ادائگي لهڻن ٿا. انهيءَ ڪري آڪڙ، بخيلي ۽ حق تلفيءَ جي رويي کي هو الله جي ناراضگيءَ جو ڪارڻ سمجهندو آهي.
جڏهن انسان جو هن ڪيفيت سان رنڱجڻ جي نتيجي ۾ ملاءِ اعلى سان سندس اتصال ٿيندو آهي ته پوءِ ان جي شخصيت جي مٿان علم ۽ معارف جي پالوٽ ٿيندي آهي، جيڪي علمن جي اصل سرچشمي تجليات الاهي جو اولڙو هونديون آهن. انهيءَ ڪري عجز ۽ نوڙت جي ضد ڪيفيت، تڪبر ۽ آڪڙ ڪندڙن وٽ، علم ۽ معارف کان محرومي انهن جي بدبختي بڻيل هوندي آهي.
3. سخاوت
انسانيت جو ٽيون بنيادي اخلاق سخاوت آهي. امام شاهه ولي الله ان جي لاءِ سماحت جو لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن جي معنى ۾ ٻاجهه، سخاوت، رواداري ۽ فياضي سڀ شامل آهن. هن خصلت جو مالڪ هن دنيا ۾ پنهنجي ذات کي، پنهنجي مرتبي کي ۽ پنهنجي تصرف ۾ آيل شين جو مختار ۽ مالڪ هرگز نه سمجهندو آهي، بلڪه انهن سڀني جو پاڻ کي امين سمجهندو آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي ته:
اِنَّ اللہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمْ وَ اَمْوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَؕ۔ (التوبہ 111)
”بيشڪ الله تعالى مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ کين جنت عطا ڪندو.“
الله سان سودو ٿي وڃڻ کانپوءِ مومنن جي جان ۽ مال انهن وٽ صرف امانت آهي جيڪا حقدارن تائين پهچڻي آهي. اها امانت انسان جي ڪاميابيءَ جي آزمائش آهي. انهيءَ ڪري سڌريل فطرت ۽ ماڻهپي واري ماڻهوءَ کي اها امانت پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻ جي هميشہ اونَ هوندي آهي. هو پنهنجي ذات مان ٻاجهه ۽ رواداريءَ جا وڙڪري خلق کي فائدو رسائيندو آهي. هو پنهنجي مرتبي ۽ مال جي قربانيءَ سان سخا ۽ فياضيءَ جا واهڙ وهائيندو آهي. هو علم کي به پنهنجي پالڻهار جي امانت ڄاڻي ان جو فيض ان جي ٻانهن تائين پهچائڻ جي سخا کان پاڻ کي محروم نه رکندو آهي. نه صرف پاڻ پر پنهنجي گهر وارن ۽ اولاد کي به مال، مرتبي ۽ علم جي قربانيءَ واري انهيءَ رستي جو پانڌيئڙو بڻائيندو آهي. هيءُ ملڪو پيدا ٿيڻ لاءِ ضروري آهي ته ضدِ سخاوت جيڪي حيوانيت جون خاصيتون آهن، ماڻهو انهن کان بچڻ جو سعيو ڪري. بخيلي، شهواني خواهش ۽ کاڌي پيتي جي هٻڇ کان بچي. ڪم چوري ۽ تن آسانيءَ جي خواهشن جو شڪار نه ٿئي. انتقام جي خواهش کان مغلوب نه ٿئي. حرص جي خواهشن کان پاڻ بچائي ۽ انهن ڪمن لاءِ شريعت جيڪي حدون مقرر ڪيون آهن انهن جو لحاظ رکي.
جنهن شخص جي زندگيءَ ۾ سخاوت جو هي اخلاق پختو بڻجي وڃي ٿو، ان جي هن دنيا جي زندگي به اطمينان ۽ سلامتي واري بڻجي پوي ٿي ۽ موت جي وقت به هو اهڙو سلڇڻو ۽ پاڪباز بڻجي الله تعالى جي حضور ۾ پهچندو آهي جيئن سون بٺيءَ مان پچي ڪندن بڻجي نڪرندو آهي. امام شاهه ولي الله مطابق انسان جو قبر جي عذاب مان بچي نڪرڻ به انهيءَ سخاوت جي خصلت تي آڌاريل آهي.
4. عدالت:
انهن چئن خصلتن مان آخري خصلت عدالت جي آهي. عدالت جا ڪيترائي شعبا آهن، جن جو انسان جي خارجي زندگيءَ سان تعلق آهي. انهن مان هڪ شعبو ادب ۽ فضيلت جو آهي. هڪ ماڻهو پنهنجي چرپر ۽ اٿ ويهه تي لڳاتار نظر رکي ٿو ۽ ان ڏس ۾ جيڪا بهترين وضع ٿي سگهي ٿي سا اختيار ڪري ٿو ۽ ان تي هلي ٿو. کيس جيڪو به معاملو پيش اچي ٿو ان ۾ مناسب رويو اختيار ڪري ٿو. اهڙي طبعي ميلان کي جڏهن هو پنهنجي عادت به بڻائي ڇڏي ٿو ته ان کي ادب چوندا آهن. اهڙي طرح انسان جي پنهنجي ڪمن جي سارسنڀال، ڏيتي ليتي ۽ خرچ کپاڙي ۽ اهڙي قسم جي ٻين معاملن ۾ عدالت جي ريت تي هلڻ کي ڪفايت چوندا آهن. گهر کي چڱيءَ ريت عدالت سان هلائڻ حريت آهي. رشتن کي عدالت سان نڀائڻ حسن معاشرت آهي. شهرن ۽ لشڪرن جي سهڻي انتظام ڪاري ڪرڻ سياست آهي. مطلب ته هي سڀ خصلتون عدالت جا شعبا آهن ۽ انهن سڀني جو اصل هڪ ۽ صرف هڪ آهي ته انسان پنهنجي وجود ۽ شخصيت جي اظهار سان پنهنجي فطرت جي تقاضائن مطابق عدل ڀريو طريقو ۽ نظم اختيار ڪرڻ کانپوءِ ان تي دائميت به ڏيکاري.
جن ماڻهن ۾ عدالت جي خصلت ڀريل هجي تن کي ملاءِ اعلى سان گهاٽي ويجهڙائي ۽ مناسبت پيدا ٿي پوندي آهي ۽ کين دنيا ۾ به ذهني آسودگيون ۽ ڪشادگيون پيدا ٿي پونديون آهن. انهن ۾ جيترو وڌيڪ عدالت جو استعداد هوندو، اوترو وڌيڪ کين انساني سڌاري جي مقصدن لاءِ منتخب ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڪري جيڪو شخص ڏسي ته عام زندگيءَ ۾ ذهني آسودگين کان محروم آهي يا کيس انساني فلاح جي ڪمن ۾ سرگرم ٿيڻ جي توفيق نٿي ٿئي ته هو پنهنجي ان محروميءَ تي ملامت وارو ٿئي ۽ ان کان بچڻ جي لاءِ عدل جا طريقا اختيار ڪري. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته: اِعْدِلُوْا ھُوَ اَقْرَبُ لِلتقویٰ ”عدل وارا ٿيو جو اهو عمل تقوى جي نسورو ويجهو آهي.“ اسان جي سماج ۾ خاص طور تي اسان جا سماجي ۽ سياسي ورڪر جيڪو قوم کي دردن ۽ عذابن مان بچائڻ لاءِ ڪجهه ارپي/ڊليور ڪري نٿا سگهن، ان جو سبب به اهو ئي آهي ته انهن انسانيت جي بنيادي اخلاقن ذريعي پنهنجي اندر اهو حُسن ۽ استعداد ئي پيدا نه ڪيو آهي جيڪو انهن کي ”عظيم عملي انسان“ بڻائي. ۽ اها ڳالهه انسانن جي تهذيبي تاريخ ۾ چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي ته تبديلي عظيم عملي انسانن کانسواءِ ڪو به آڻي نه سگهندو آهي.
جنهن ماڻهوءَ انسانيت جي چئن بنيادي اخلاقن کي پنهنجو الهه تلهه بڻائي ورتو اهو ”بر“، ”تقوى“، ”تزڪيي“ ۽ ”احسان“ جي رستن تي پاڻ کي گامزن محسوس ڪندو. نتيجي ۾ هن دنيا جي ڀلاين ۽ حسناڪين سان گڏ آخرت جون ڀلايون ۽ حسناڪيون به سندس مقدر بڻجي وينديون.
قرآن انساني عظمت جي ڪمن ۽ سعادتن جي تفصيل ۾ ڪن به مخصوص مذهبي رسمن يا طور طريقن اپنائڻ بجاءِ ايمان ۽ عمل جي هڪ اهڙي چرخي جي صورت بيان ڪئي آهي جنهن جا ڏندا هڪ ٻئي سان جڙيل ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪي اڳتي وڌائيندڙ هوندا آهن. ايمان ۽ عمل جا اهي مظاهر نهايت چٽائي سان بيان ڪري قرآن مذهبن جي مخصوص رسمن ۽ طور طريقن واري تاثر کي يڪسر ختم ڪري ڇڏيو آهي:
لَیۡسَ الْبِرَّ اَنۡ تُوَلُّوۡا وُجُوۡہَكُمْ قِبَلَ الْمَشْرِقِ وَالْمَغْرِبِ وَلٰکِنَّ الْبِرَّ مَنْ اٰمَنَ بِاللہِ وَالْیَوْمِ الۡاٰخِرِ وَ الْمَلٰٓئِکَۃِ وَ الْکِتٰبِ وَ النَّبِیّنَۚ وَاٰتَی الْمَالَ عَلٰی حُبِّہٖ ذَوِی الْقُرْبٰی وَ الْیتٰمٰی وَ الْمَسٰکِیۡنَ وَ ابْنَ السَّبِیۡلِ ۙوَالسَّآئِلِیۡنَ وَ فِی الرِّقَابِۚ وَاَقَامَ الصَّلٰوۃَ وَاٰتَی الزَّکٰوۃَۚ وَالْمُوۡفُوۡنَ بِعَہۡدِہِمْ اِذَا عٰہَدُوۡاۚ وَالصّٰبِرِیۡنَ فِی الْبَاۡسَآءِ والضَّرَّآءِ وَحِیۡنَ الْبَاۡسِؕ اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ صَدَقُوۡاؕ وَ اُولٰٓئِکَ ہُمُ الْمُتَّقُوۡنَ (البقره 177)
”نيڪي اها ناهي ته اوهان پنهنجا منهن مشرق جي طرف ڪريو ٿا يا مغرب جي طرف. بلڪه نيڪي هي آهي ته ماڻهو الله کي، آخرت ۽ ملائڪن کي، الله جي نازل ڪيل ڪتاب کي ۽ ان جي پيغمبرن کي دل سان مڃي ۽ الله جي محبت ۾ پنهنجو دلپسند مال رشتيدارن ۽ يتيمن تي، مسڪينن ۽ مسافرن تي، گهرجائن کي غلامن جي رهائيءَ تي خرچ ڪري. نماز قائم ڪري، زڪواة ڏئي ۽ نيڪ آهن اهي ماڻهو جڏهن قول ۽ اقرار ڪن ٿا ته ان کي پورو ڪن ٿا ۽ تنگي توڙي مصيبت جي وقت صبر ڪندڙ ( مضبوطيءَ سان ڄمي بيهندڙ) آهن. اهي ئي سچار ۽ متقي ماڻهو آهن.“
مٿئين آيت ۾ ايمان سان گڏ عمل جي زندگيءَ لاءِ هڪ اهڙي گائيڊ لائين چٽي ڪري ٻڌائي وئي آهي، جنهن تي هلي انسان جي لاءِ سچائي ۽ تقوى جو حصول يقيني بڻجي پوي ٿو.
ايمان ۽ عمل جا هي مظاهرا انساني سعادتن جو معراج آهن. قرآن پنهنجي مڃيندڙن کان الله تعالى جي عبديت، انجي تقديس ۽ شڪر جي تقاضا ڪري ٿو. پاڪيزگي انسان ۾ عبديت جي مقام کي سگهارو ڪري ٿي. نوڙت الله جي ڪبريائي ۽ تقديس جون حقيقتون پسائي ٿي. سخاوت الله جي شڪر جا موقعا عطا ڪري ٿي ۽ عدالت وري انسانن جي حوالي سان الله جي رضا ۽ محبوبيت ماڻڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. جيڪڏهن انسان ۾ هي چار اخلاق موجود ناهن ته پوءِ وٽس سڀ ڪجهه موجود آهي پر الله تعاليٰ جي عبديت، تقديس، شڪر ۽ ان جي رضا حاصل ڪونهي.