مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

الله جي صفتن کي اپنايو

”الله جي صفتن کي اپنايو،“ هيءُ اسانجو مڪمل قرآني تعليمي فلسفو آهي. قرآن خدا پرستيءَ جو بنياد ئي انهيءَ جذبي تي رکيو آهي ته انسان خدا جي صفتن جو عڪس پاڻ ۾ پيدا ڪري. قرآن انسان جي وجود کي هڪ اهڙي سرحد قرار ڏئي ٿو جتي حيوانيت جو درجو ختم ٿئي ٿو ۽ هڪ اعلى حيوانيت جو درجو شروع ٿئي ٿو. اهو چوي ٿو ته انسان جي انسانيت جو جوهر جيڪو ان کي حيواني سطح کان بلند ۽ ممتاز ڪري ٿو، سو الله جي صفتن جو عڪس آهي. ان ڪري انسانيت جي تڪميل ان ۾ آهي ته انسان ۾ وڌ ۾ وڌ الله جون صفتون منعڪس ٿين. اهو ئي سبب آهي جو قرآن جتي به انسان جي خاص صفتن جو بيان ڪيو آهي، اتي سڌي طرح انهن کي خدا ڏانهن نسبت ڏني آهي، ايستائين جو انسانيت جي جوهر کي خدا جو ڦوڪيل روح چيو ويو آهي:
ثُمَّ سَوَّاهُ وَنَفَخَ فِيهِ مِنْ رُوحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْأَبْصَارَ وَالْأَفْئِدَةَ (السجده-9)
”الله آدم کي سنواري منجهس پنهنجي روح مان ڪجهه ڦوڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪن، اکيون ۽ دليون بڻايائين. (نتيجو هيءُ نڪتو ته ان ۾ عقل ۽ حواسن جون وڏيون روشنيون ٿي ويون.)“
اشرف المخلوقات خدا جو خليفو بڻايل انسان پنهنجي خلقڻهار کي ڪيئن مڃي؟ ۽ پنهنجي پالڻهار جي رضا ڪيئن ماڻي؟ ان لاءِ قرآن سڄي دنيا جي انسانن کان مطالبو ڪري ٿو ته اهي انهيءَ الله تي ايمان آڻين جنهن جو تصور خود قرآن پيش ڪيو آهي. هر شخص هر قبيلو ۽ هر قوم ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ خدا جي قائل آهي ليڪن قرآن چوي ٿو ته اوهان جو ائين ئي خدا کي مڃڻ، حقيقت ۾ خدا کي مڃڻ ناهي. اهو ته ان خدا کي مڃڻ آهي جيڪو توهان جي دماغن ۾ پنهنجو تراشيل خدا آهي يا توهان جهڙن ٻين ماڻهن جو گهڙيل خدا آهي. جيڪو شخص خدا جو ته قائل هجي پر ان جي صفتن جو صحيح تصور ان جي سامهون نه هجي ته ان جو ائين ئي خدا کي مڃڻ، حقيقي خدا جي انڪار جيان هوندو. خدا تي ايمان ان شخص جو مڃيو ويندو، جيڪو ان خدا جو قائل هجي جنهن جون صفتون قرآن ڪريم بيان ڪيون آهن. الله تعالى کي انهن صفتن جو حقيقي تناسب سان پنهنجو عقيدو بنائڻ توحيد جي عقيدي يا الله کي مڃڻ جي لازمي تقاضا آهي.
الله جي صفتن جو تصور جيڪو قرآن قائم ڪيو آهي انهن جي پهرين پڌرائي، سورت فاتحہ آهي. اها پهرين پڌرائي ربوبيت، رحمت ۽ عدالت جي تصوير آهي.
ربوبيت جي صفت سان الله تعالى سڀني جهانن جو رب آهي. عربي لغت موجب رب اهڙي ذات کي چوندا آهن جيڪا ڪنهن شيءِ کي هڪ ٻئي پٺيان ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن جي مطابق اهڙي طرح اؤسر ڏيندي رهي جو اها پنهنجي ڪمال واري حد کي پهچي. ٻين لفظن ۾ ربوبيت جي لاءِ ضروري آهي ته وجودن جي لاءِ انهن جي نوعيت پٽاندر پالنا ۽ سارسنڀال هڪ هلندڙ ۽ لڳاتار نظام تحت ٿيندي هجي.
قرآن مجيد ۾ الله تعالى جي هن صفت جو وڌ ۾ وڌ بيان ٿيو آهي. قرآن مجيد جو پهريون پيغام به هن صفت سان آيل آهي، اِقۡرَاۡ بِاسۡمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ۔ قرآن جي ابتدا به هن صفت سان آهي: اَلۡحَمۡدُلِلّٰہِ رَبِّ الۡعَالَمِیۡنَ۔ ۽ قرآن جي انتها به هن صفت سان آهي قُلۡ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ. انهيءَ ڪري ربوبيت يا پالڻهاريءَ جي صفت جو انسان جي مٿان عڪس يا ان جو پرتوو به اوترو ئي اهم آهي. اهو عڪس انسان جي پنهنجي انفرادي زندگيءَ ۾ به هوندو ۽ انسان جي اجتماعي زندگيءَ ۾ به. انسان جي مٿان پالڻهاريءَ جي نظام ۾ شرڪت صرف ايتري ناهي جو پنهنجي دائري ۾ ايندڙ ذميدارين جي ڪجهه خرچن جو بار پنهنجي مٿان کڻي ڇڏي. بلڪه انهن ذميدارين جي هڪ ٻئي پٺيان ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن جي مطابق ممڪن حد تائين اؤسر ڏيڻ جي ذميداري نڀائڻ، ان ۾ مددگار بنجڻ، ان جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ سڀ شامل آهن. اهڙي طرح جيئن انسان کي ڌرتيءَ تي پنهنجي دائري ۾ پنهنجي اولاد، عزيزن پنهنجي چوڌاري ماڻهن جي لاءِ پرورش جي ڪوششن ۾ شريڪ ٿيڻو آهي، تيئن اجتماعي طور تي اهڙو نظام قائم ڪرڻ جو ڪوششن ۾ شرڪت ۽ جاکوڙ ڪرڻ ۽ حاصل وسيلن کي انهن مقصدن جي لاءِ وقف رکڻ صفت ربوبيت کي اخلاق بنائڻ جي لازمي تقاضا آهي. وري جڏهن اهڙو نظام قائم ٿي وڃي ته سڀني انسانن جي رزق جي وسيلن جي ذميواري ايمان وارن جي مٿان هوندي.
ڪائنات ۾ موجودات جي هر گوشي ۾ الله جي ربوبيت کان به وڌيڪ هڪ ڪشادي حقيقت ڪارفرما آهي، جنهن تي خود ربوبيت جو انحصار آهي. قرآن ان کي رحمت، رحمانيت يا رحيميت جو نالو ڏئي ٿو. اها رحمت ئي آهي جيڪا هر مخلوق کي جمال ۽ تڪميل عطا ڪري ٿي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته:
وَرَحْمَتِي وَسِعَتْ كُلَّ شَيْءٍ (الاعراف -156)
”منهنجي رحمت دنيا جي هر شيءِ تي ڦهليل آهي.“
رحمان ۽ رحيم جو مادو به رحمت آهي. عربيءَ ۾ رحمت جي معنى آهي، ”اهڙي رقت ۽ ٻاجهه جنهن سان ڪنهن ٻئي لاءِ شفقت جو اظهار هجي.“ انهيءَ ڪري رحمت ۾ محبت، شفقت، فضل ۽ احسان سڀني جو مفهوم داخل آهي. الله جي رحمت جي صفت جي حوالي سان ٻانهو ٻاجهه، محبت، شفقت، احسان ۽ مهربانيءَ جو مجسم بڻجي الله جي مخلوق لاءِ نفع بخشيءَ جو ذميدار بنجڻو آهي.
الله جي عدل جي صفت جي تقاضا آهي ته ٻانهو جيڪو به عمل ڪري ٿو، جزا ۽ سزا ان جي مطابق کيس ڏني ويندي ۽ الله جي ذات توري تڪي حساب ڪرڻ واري ڏينهن جي مالڪ آهي. ان ڪري ڪوبه ماڻهو ان جي عدل وارن قانونن مان گذرڻ کان بچي نٿو سگهي.
انهيءَ ڪري انسان کي جيڪڏهن ٻنهي جهانن ۾ پنهنجي لاءِ آسانيون گهرجن ته پوءِ الله تعالى جي هن صفت جي حوالي سان پنهنجي امتحان گاهه ڌرتيءَ تي پنهنجي عمل ۽ روين ۾ عدالت جو پيڪر بنجي. هُن سان وابسته جيترا ماڻهو آهن، انهن سان عدالت جو وهنوار هلي. سندس سماج کي عدالت جي ضرورت آهي ته ان جي لاءِ هو وابستگي ۽ جاکوڙ ڏيکاري ۽ دنيا جا ٻيا ماڻهو عدالت جا طلبگار آهن ته هي انهن جي لاءِ به پنهنجي جذبي ۽ عمل کي وقف رکي. الله سميع ۽ بصير يعني ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي ته انسان به پنهنجي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کي الله تعالى جي اطاعت ۾ رکي ۽ پنهنجي دائري ۾ ضرورت طلبي ۽ داد رسيءَ جي آواز کي جيءُ چوي. الله جي ذات ناصر آهي ته انسان مدد ۽ نصرت جي جيتري به وسعت رکندو هجي ان لاءِ پاڻ ارپيندو رهي. الله جي ذات المهيمن آهي ته ٻانهو به انساني نگهبانيءَ جون سڀ صلاحيتون الله جي، پاڻ جهڙن ٻين ٻانهن جي حقن جي تحفظ لاءِ وقف رکندو اچي. اهڙي طرح سڀني صفتن جي صورتحال آهي، جن جو پرتوو بنجڻ انسان جي لاءِ بندگي ۽ ٻانهپ جي لازمي تقاضا آهي. قرآن کي انسان جي اهڙي بندگي ۽ ٻانهپ گهربل آهي ۽ اهڙي ٻانهپ سان ئي انسان جي ڌرتيءَ جي مٿان ”خليفي“ واري ڪردار جي ادائيگي منحصر آهي.
انسان صرف جسم جو نالو ناهي، بلڪه ان جسم کان علاوه هڪ ٻي شيءِ به آهي جنهن کي ان جي ”ذات“ چئجي ٿو. انساني ذات يا شخصيت الله تعالى جي پاران سونپيل آهي ۽ پنهنجي جاءِ تي مستقل حيثيت رکي ٿي. انسان کي اها متعين صورت ۾ نٿي ملي بلڪه ان جي تعمير ۽ ان جو نکري نروار ٿيڻ ئي انساني زندگيءَ جو اصل مقصد آهي. ان کي انساني ذات جي اؤسر چئجي ٿو. انساني ذات جي هيءَ اؤسر الله تعالى جي صفتن اپنائڻ سان ٿئي ٿي. جيترو هي صفتون انسان اپنائيندو ويندو اوترو ئي سندس ذات ۽ شخصيت ڪمال جي طرف وڌندي رهندي ۽ ٻانهو قرب الاهيءَ جي نعمتن سان همڪنار ٿيندو ويندو. انهيءَ سان انسان جي پنهنجي انفرادي زندگي ۾ جيئن کيس شخصيت جي ڪاملتا حاصل ٿيندي، تيئن سندس اجتماعي زندگيءَ ۾ به حُسن، ترقي ۽ آجپو حاصل ٿيندو. انهيءَ سان ئي اهي اصول تشڪيل ۾ ايندا جن سان هڪ جنت نظير فلاحي معاشري جي حاصلات يقيني بڻجي پوندي.
الله تعالى جي صفتن ۾ ڪابه اهڙي صفت ناهي جنهن کي ڇڏڻو پوي ۽ نه وري ڪا اهڙي صفت آهي جنهن ۾ غلو ۽ شدت اختيار ڪرڻي پوي. ان جون سڀ صفتون پنهنجي پنهنجي موقعي تي بهتر نتيجا سمايل هونديون آهن. انهيءَ ڪري ئي انهن کي ”اسماءُ الحسنى“ جي نالي سان پڪاريو ويو آهي. اهي صفتون اهڙي سهڻي توازن سان دنيا جي ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ ڳوليون ڪونه ملنديون، اهي صرف قرآن حڪيم جي اندر موجود آهن.