قرآن سمجهڻ ۾ رڪاوٽ
مسيحي دنيا قرآن جي انهيءَ اثر بخشڻ واري صلاحيت کي عوام جي نظرن کان لڪائڻ لاءِ لڳاتار ڪوشش ڪندي اچي پئي. مصر جي مشهور عيسائي مؤرخ ۽ مصنف جرجي زيدان لکيو آهي ته ”حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر جي خلافت جو نظام صرف اتفاقي ڳالهه هئي. يعني گذريل زماني ۾ اسلام جي عظيم الشان انقلاب جو سبب قرآن جي تعليم نه هئي پر اتفاق سان ڪجهه فرد اهڙا پيدا ٿيا، جن هڪڙو دفعو ائين ڪري ڏيکاريو، پر اهو سدائين ائين ٿئي اهو غلط آهي.“ انهيءَ کان سواءِ قرآن جي وڏن وڏن سماجي ۽ معاشرتي انقلابي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ ٻيا به حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن مان هلندڙ زماني ۾ هڪ حربو روايتي سيرت وارن جلسن جو نظام آهي. انهيءَ سان ماڻهن جو توجهه قرآن مجيد جي تعليم کان هٽي شخصيت پرستيءَ طرف لڙي وڃي ٿو ۽ هيئن سمجهيو وڃي ٿو ته اسلام جو سمورو تاثير قرآن بدران نبي ڪريمﷺ جي بيمثال شخصيت ۾ لڪل آهي، جيڪڏهن آئينده به ڪا معجزاتي شخصيت ظاهر ٿي پوي ته ممڪن آهي ته اهو اثر ٻيهر پيدا ٿي سگهي. امام مهدي جو ظهور ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ جو عقيدو به اهڙي ذهنيت جو نتيجو آهي.
قرآن مجيد سموري انسانيت جي بنيادي فڪر جو ترجمان آهي. اهو بنيادي فڪر نه ڪڏهن بدليو آهي، نه ئي آئينده ڪڏهن بدلبو ۽ سڀني دينن، مذهبن ۽ فلسفن جو بنياد ۽ اصول اهوئي فڪر آهي. انهيءَ بنيادي فڪر کي الله جي فطرت چئو، انهيءَ کي دين جو نالو ڏيو يا انهيءَ کي انساني ضمير سان تعبير ڪيو. انهيءَ انساني ضمير جي ترجماني انبياءَ، صالح (سڌارڪ) ۽ حڪيم (روشن فڪر دانشور) ڪندا آيا آهن. زماني سان هلندي هلندي اصل فڪر ۾ ٻاهريان مغالطا شامل ٿيندا ويا ۽ وري وري نئين نذير ۽ بشير جي ضرورت پئي. قرآن مجيد انهيءَ بنيادي فڪر جو ترجمان آهي ۽ اهو بنيادي فڪر عالمگير، ازلي، ابدي ۽ لازوال آهي. قرآن ۾ بيشڪ انهيءَ فڪر جو لباس عربي آهي پر لفظن ۽ ترتيبن جون جيڪي معنائون آهن اهي اهل نظر کان لڪل ڪونهن. خالص ۽ نج انسانيت جو قيام قرآن جو نصب العين آهي. قرآن ان ڳالهه جو رستو ڏيکاريو ۽ هڪ دفعو انهيءَ کي وجود ۾ آڻي ڏيکاريو.
قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته: ”شَرَعَ لَكُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوْحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَمَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبْرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنْ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ “ هن توهان جي دين جو اهو رستو مقرر ڪيو آهي جنهن جي، نوح کي وصيت ڪئي ۽ اي پيغمبر! جيڪا توکي وحي ڪئي آهي اها ئي وحي ابراهيم، موسى ۽ عيسى کي اسان ڪئي هئي. ۽ اها هيءَ ته هن دين کي قائم ڪيو ۽ ان ۾ تفرقو نه وجهو.“ حضرت مجاهد کان هن آيت جي تفسير ۾ روايت آهي ته الله تعالى فرمائي ٿو اي محمد اسان توهان کي ۽ انهن کي هڪڙي ئي دين جي وصيت ڪئي آهي. قرآن جو هڪڙو ٻيو ارشاد آهي: وَ اِنَّ ہٰذِہٖۤ اُمَّتُكُمْ اُمَّۃً وَّ احِدَۃً وَّ اَنَا رَبُّكُمْ فَاتَّقُوۡنِ ﴿۵۲﴾ فَتَقَطَّعُوۡۤا اَمْرَہُمۡ بَیۡنَہُمْ زُبُرًاؕ كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَیۡہِمْ فَرِحُوۡنَ (المؤمنون:53، 54) ”۽ هيءَ توهان جي امت هڪ ئي امت آهي ۽ آءٌ توهان جو رب آهيان ته توهان مون کان ڊڄو، پوءِ ماڻهن پاڻ ۾ ڦيٽاڙو وجهي پنهنجا پنهنجا دين جدا ڪيا، ۽ جيڪو طريقو جنهن وٽ آهي، اهو انهيءَ ۾ خوش آهي.“
هڪ ٻي جاءِ تي قرآن حڪيم فرمائي ٿو: ”لِكُلٍّ جَعَلْنَا مِنۡكُمْ شِرْعَۃً وَّمِنْہَاجًا (مائده 5) ”اسان توهان مان هر هڪ لاءِ هڪ شريعت ۽ خاص رستو بڻايو.“ حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته شريعت ۽ منهاج جي معنى واٽ ۽ رستي جي آهي. ۽ ٻئي هنڌ ارشاد آهي ته: لِكُلِّ اُمَّۃٍ جَعَلْنَا مَنۡسَكًا (الحج: 67) ”اسان هر هڪ امت لاءِ عبادت جا طريقا مقرر ڪيا آهن ته اهي ان تي هلن“. شاهه ولي الله قرآن جي انهن آيتن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ فرمائي ٿو ته معلوم هئڻ گهرجي ته دين اصل ۾ هڪ آهي ۽ سمورا انبياءِ ڪرام عليهم الصلواة والسلام ان تي متفق آهن. سڀني جو اتفاق آهي ته خدا کي هڪ مڃيو وڃي ۽ ان جي عبادت ڪئي وڃي، ان کان هر قسم جي مدد گهري وڃي ۽ جيڪي ڳالهيون ان جي بارگاهه جي مناسب نه آهن انهن کان ان کي پاڪ مڃيو وڃي. هيءُ مڃيو وڃي ته الله تعالى پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ گهري ان تي پنهنجو ڪتاب نازل فرمائي ٿو. هن تي به سڀئي متفق آهن ته قيامت حق آهي ۽ مرڻ کان پوءِ زنده ٿيڻ حق آهي. اهڙي نموني سمورا انبياءِ ڪرام نيڪيءَ (بر) جي اصولي قسمن تي متفق آهن. جيڪو فرق آهي سو مخصوص صورتن ۽ هيئتن جو آهي، جن تي مختلف قسم جي نيڪين، فائديمند تدبيرن، معاش ۽ معاشرت جي سهولتن جو دارومدار آهي، ان جو نالو شريعت ۽ منهاج آهي. شاهه ولي الله صاحب لکي ٿو ته معلوم هئڻ گهرجي ته اهي اطاعتون ۽ عبادتون جنهن جو حڪم الله تعالى سڀني دينن ۽ مذهبن ۾ هڪجهڙي نموني تي ڏنو آهي، اهي انساني نفس ۾ خاص اثر پيدا ڪن ٿيون ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان انساني نفس ۾ ڪشادگي ۽ فرحت پيدا ٿئي ٿي ۽ ڇڏي ڏيڻ سان تنگي ۽ مونجهه پيدا ٿئي ٿي. انبياءِ ڪرام جي شريعتن ۽ رستن وانگر انهن جي تلقين ڪيل عبادتن ۽ اطاعتن ۽ انهن جي ارڪان ۽ آداب ۾ به اختلاف هوندو آهي پر انهن سڀني جو اصل روح هڪ هوندو آهي.
اسلامي تعليمات جو خلاصو قرآن جي هن آيت: هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَى وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ وَلَوْ كَرِهَ الْمُشْرِكُونَ. (التوبہ: 33) ۾ ڏنو ويو آهي. يعني قرآن جو اصلي مقصد سڀني دينن کان اعلى دين، سڀني فڪرن کان بلند تر فڪر يا سڀني کان بلند بين الاقوامي نظريو جيڪو گهڻي کان گهڻي انسانيت تي ڦهليل هجي پيش ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ آهي. هي دين ٻين دينن کي غلط نه ٿو ڪري بلڪ انهن سڀني جي بنيادي سچائين کي تسليم ڪري ٿو. ان جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ هيئن ٿيندو آيو آهي ته هڪ قوم هڪ مذهب کي اختيار ڪري ٿي. جيئن جيئن زمانو گذري ٿو، اها دين کي پنهنجي رنگ ۾ رنگيندي وڃي ٿي، اهڙي طرح انساني دين قومي دين بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ جي باوجود ان قوم جو ضد هجي ٿو ته ان جو دين ئي سڄي انسانيت جو دين آهي ۽ صرف سندن قوم ئي انسانيت جي علمبردار ۽ نمائنده آهي. بيشڪ، شروع ۾ انهن جو دين انساني دين هوندو آهي ۽ ان ۾ هر رنگ ۽ هر نسل واري کي فائدو ملي ويندو آهي، پر آهستي آهستي انهن جو اهو دين قومي يا گروهي دين بڻجي ويندو آهي. پڇاڙيءَ ۾ ته نوبت اتي وڃي پهچندي آهي ته هر فرد هي سمجهڻ لڳندو آهي ته مان ۽ صرف مان ئي حق تي آهيان باقي ماڻهو سڀ گمراه ۽ ڪافر آهن. پوءِ نتيجو هي نڪرندو آهي ته جيڪو دين سموري انسانيت کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئڻ وارو بڻجي آيو، ان تي اهڙو وقت اچي ويندو آهي جو اهو انتهائي انتشار ۽ جهڳڙن جو سبب بڻجي ويندو آهي. قرآن مجيد جي نظر ۾ اهوئي ڪفر آهي. قرآن انهن سڀني قومي ۽ گروهي مذهبن کي جيڪي انسانيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيا هئا، مردود قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هيءَ تلقين ڪئي ته خدا جو سچو مذهب اهو آهي جيڪو خدا جي زياده ويجهو هجي ۽ خدا کي ويجهي هئڻ جي معنى هيءَ آهي ته اهو فرقن ۽ گروهن کان مٿي ٿي ڪري سموري انسانيت کي پنهنجي دامن ۾ سمائي وٺي. قرآن سڀني قومن، دينن ۽ مذهبن جي مرڪزي نڪتن کي جيڪي سموري انسانيت تي لاڳو ٿي سگهن پيا، يڪجا ڪيو ۽ سڄي دنيا کي هيءَ دعوت ڏني ته صرف هي هڪڙو بنياد آهي، جنهن تي صحيح انسانيت جي تعمير ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن يهودين جي قوم ۾ انهيءَ انسانيت جو فقدان آهي ته پوءِ توڙي جو هو پنهنجي زبان سان پاڻ کي ”ابناء الله“ ۽ ”احبائہ“ (يعني خدا جو پٽ ۽ دوست) سڏائين تڏهن به گمراه آهن. جيڪڏهن عيسائي به انهيءَ کان خالي آهن ته انهن جو ابن الله سڏائڻ کين ڪنهن ڪم نه ايندو. اهڙي نموني مسلمانن تي به اهو حڪم لاڳو ٿي سگهي ٿو. قرآن هڪڙي ساهمي آهي، جنهن ۾ سڀئي توري سگهجن ٿا. يهودي، عيسائي، مسلمان جي هن ۾ ڪابه تميز ڪانهي. جيڪو سرنهن جي داڻي جيترو به گهٽ ٿيندو ته اهو الله وٽ پڇا مان گذرندو. اصل دين اهوئي آهي، باقي سڀ ان جا ذريعا ۽ وسيلا آهن جن کي اصطلاح طور شريعتون ۽ رسمون چيو ويو آهي. اهي شريعتون ۽ رسمون اصل دين تائين پهچڻ جو ذريعو آهن. انهن شريعتن جي وجود ۽ انهن جي فائديمند هجڻ کان انڪار ناهي. پر جيڪڏهن اهي شريعتون ۽ رسمون بي روح بڻجي وڃن ۽ انهن سان اهو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهي ته پوءِ انهن جي ڪابه معنى نه ٿي رهي. قرآن مجيد انهن بي روح رسمن جي خلاف جهاد جي تلقين ڪري ٿو ۽ يهودين جي انهيءَ ظاهري دين داري تي ان سڀني کان زياده تنقيد ڪئي آهي. قرآن مجيد فطري دين جو علمبردار آهي. ان جي معنى هيءَ آهي ته اهو اهڙي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا انسانيت جي صحيح فطرت جي عڪاسي ڪري ٿي ۽ سڄي نوع انسان جي فائدي لاءِ آهي پر جيڪڏهن قرآن کي هڪ فرقي يا گروهه جو ڪتاب بڻايو وڃي ته پوءِ هي ثابت ڪرڻ ته اهو ازلي ۽ ابدي آهي ۽ ان جي تعليم سڀني لاءِ ۽ هر زماني لاءِ آهي، ڏاڍو مشڪل ٿي پوندو. ڇو ته قرآن جي عالمگيريت صرف هن بنياد تي آهي ته اهو سموري انسانيت جو ڪتاب آهي.
بيشڪ، قرآن مجيد جي تعليم جو نتيجو هڪڙي زماني ۾ ۽ هڪڙي خاص مظهر ۾ جلوه نما ٿيو. هاڻي ضروري ڪونهي ته ٻئي زماني ۾ به بعينہ ساڳي صورت ۾ ظاهر ٿئي. جيڪو زمانو گذري ويو اهو وري واپس نه ايندو. جيڪو پاڻي وهي وڃي ٿو، اهو موٽندو ناهي. قرآن مجيد تي عمل ڪري خلافت راشده جي پهرئين دؤر ۾ اصحابن جيڪا حڪومت ٺاهي، هاڻي بلڪل ساڳي اهڙي حڪومت نه ٺهي سگهندي. جيڪي ماڻهو قرآن کي انهيءَ نموني سمجهن ٿا اهي قرآني حڪمت جي صحيح مفهوم کي نه ٿا ڄاڻن. يقيناً خلافت راشده جي حڪومت قرآني حڪومت جو هڪ نمونو هئي پر اهو نمونو ساڳيو جو ساڳيو هر دؤر ۾ منتقل نه ٿو ٿي سگهي. البت ان جي بنيادن ۽ اصولن تي قرآني حڪومت جو نئون نظام ٺهي سگهي ٿو. قرآن مجيد اڄ به پنهنجي حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته قرآن کي عقل ۽ اجتهاد سان سمجهيو وڃي ۽ ان جي تعليم جي عالمگيريت جي جڙ معلوم ڪئي وڃي. نه ته جيڪڏهن قرآن فهميءَ جي حد صرف لفظن تائين محدود رهي ۽ انساني فڪر جي گهرائين ۽ زماني جي اٿل پٿل کان قرآن پڙهڻ وارا اڻ ڄاڻ رهيا ته پوءِ نتيجو گذريل صدين جو اسان جي سامهون آهي ۽ اوهان به سمجهي سگهو ٿا.
مطلب ته قرآن جو اصلي مقصد عام انسانن جو سڌارو ۽ ترقي آهي. اهو سموري انسانيت کي انهن جي بنيادي اصولن ۽ مقصدن طرف موٽائڻ آيو هو. ان جو پيغام هي هو ته سڀ انسان هڪ آهن، رنگ، نسل ۽ قوم جو فرق حقيقي ناهي. الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته:
” يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللّٰہ ِ أَتْقَاكُمْ“ (الحجرات: 13).
قرآن مجيد زندگي جا اهي عالمگير ۽ نه بدلجندڙ اصول پيش ڪيا آهن. انهن کي جيڪڏهن غور سان سمجهجي ته ذهن انساني وحدت جي صحيح روح کي حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ بنياد تي اسلام شروع زماني ۾ قيصريت ۽ ڪسرويت کي جيڪي ان وقت جبري استحصال جا بڇڙا نشان هئا ختم ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان جي جاءِ تي اهڙو نظام قائم ڪيو جنهن ۾ انساني برابري، هر هڪ سان انصاف ۽ ڀائپي جا بنيادي اصول هئا. قرآن جي سموري تعليم جو دارومدار انهن نيڪ عملن تي آهي. جيستائين اعلى نصب العين انسان جي سامهون متعين (مقرر) نه هجي ته ان مان صالح عملن جو ظاهر ٿيڻ ممڪن ناهي. ان ڪري قرآن مجيد بار بار الله تي ايمان آڻڻ جو زور ڏنو آهي يعني ايمان باالله نصب العين آهي ۽ عمومي انسانيت جي فلاح ۽ بهبود انهيءَ نصب العين کي عمل ۾ آڻڻ جو ذريعو ۽ طريقو آهي. جيڪڏهن بصيرت واري نظر سان ڏٺو وڃي ته ايمان بالله جو عقيدو انسانيت لاءِ هڪ اعلى نصب العين جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ کان وڌيڪ بلند تصور ممڪن ڪونهي. الله جي تصور ۾ وحدت انسانيت ۽ وحدت ڪائنات سڀ اچي وڃن ٿا ۽ ذهن جي سامهون لامحدود آفاقيت ۽ بي ڪنار ڪشادگيون حاصل ٿي وڃن ٿيون. الله جو صحيح تصور سڀني گهرائين کي پنهنجي اندر سموهي ورتو آهي. ڪابه اهڙي بلندي ۽ وسعت ڪانهي جيڪا انهيءَ تصور کان بلند ۽ وسيع تر سوچي سگهجي. صحيح خدا پرستي اڳتي هلي لازمي طور انسان دوستيءَ جو سبب بڻجي ٿي. قرآن مجيد انهيءَ خدا پرستيءَ جي تعليم ڏئي ٿو. اهو چوي ٿو ته سڀني انسانن کي هڪ سمجهو ۽ جنهن ڳالهه تي توهان کي ايمان آهي ته اها حق آهي، اها هر هڪ کي چئو ۽ وري وري ان کي ذهن نشين ڪرايو ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه ان جي دل ۾ نه ٿي اچي سگهي ته کيس نرميءَ سان سمجهايو (وَجَادِلْہُمۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحْسَنُ) ۽ جيڪڏهن نرميءَ سان ڪم نه هلي ته رستي ۾ جيڪي غير فطري رڪاوٽون آهن انهن کي طاقت سان هٽايو، ڇو ته اهي رڪاوٽون انسانن کي انهن جي صحيح انسانيت کان پري رکڻ جو سبب آهن، حق لاءِ جهاد جي اهائي معنى آهي. بيشڪ، جهاد بڇڙن عملن جي خلاف هوندو آهي پر حقيقت ۾ ان مان مقصد بڇڙائيءَ جي پاڙ پٽڻ آهي. بڇڙائيءَ سان جنگ ڪرڻ سموري انسانيت جي سڀ کان وڏي خدمت آهي. اهوئي قرآن مجيد جو ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله آهي. هڪڙو عقيدو آهي ۽ ٻيو عمل. هڪڙو نصب العين آهي، ٻيو انهيءَ جو مسلڪ. اهي ٻئي لازم ملزوم آهن. جيڪڏهن هڪڙو ناقص هوندو ته ان جو مطلب هيءُ ٿيو ته ٻئي ۾ به ڪجهه ڪمي آهي.
ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله انهن معنائن ۾ هڪ ڪسوٽي آهي، جنهن تي هر فرد، هر جماعت، هر قوم، هر نظام ۽ قانون کي پرکي سگهجي ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن به روءِ رعايت جي گنجائش ناهي. هڪ زماني ۾ مسلمان انهن ٻنهي خصلتن جا مالڪ هئا. تنهن ڪري قرآن مجيد انهن کي ”امت وسطا“ جو خطاب ڏنو. جيئن ارشاد آهي ته امتياز صرف هن بنياد تي هو ته اهي ايمان باالله ۽ جهاد في سبيل الله کي صحيح معنائن ۾ مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪند ا هئا.