مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

عورتن لاءِ قرآن جي هدايت

قرآن حڪيم کي جهڙي طرح مثالي انسان جي گڻن وارا مسلم ۽ مومن، اطاعت گذار ۽ ذميدار، صادق ۽ صابر، سخي ۽ سٻاجها، روزيدار ۽ پاڪدامن، ذاڪر ۽ داعي مرد پسنديده آهن، بلڪل ساڳئي ريت کيس اهڙيون ئي مثالي عورتون پڻ پسنديده آهن. (الاحزاب 35 ۽ تحريم 5) پر اِن سان گڏ عورت کي الله تعالى اطاعت گذاري ۽ نيڪ دليءَ جي اهڙن نرالن ۽ مورت ڀرين گُڻن سان پڻ نوازيو آهي،جنهن سان اِها انهن خدائي نعمتن جي موجودگيءَ ۾ گهر جي اداري کي هلائڻ جي هنر ۽ همت واري خوبيءَ سان سرشار هوندي آهي. اها، گهر جي ننڍڙي رياست هلائڻ جي اصل ذميوار هوندي آهي. ان رياست مان ايندڙ نسلن جي تعمير ۽ ترقي ٿيڻي آهي. انهن نسلن کي گهر جي اداري مان مليل انهيءَ تربيت جي روشنيءَ ۾ پنهنجو مقام بيهارڻو آهي. ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن ۽ وڏن وڏن اجتماعي ادارن سان گڏ پنهنجي ڪامياب شخصيت واري شراڪت رکڻي آهي. عورتن کي پنهنجا فرض ۽ ذميواريون نڀائڻ جو اهڙو هنر ۽ سليقو انسانيت جي آخري منشور قرآن جي اندران حاصل ڪرڻو آهي. انسان جون سموريون ذاتي حيثيتون ۽ اجتماعي ادارن جون سموريون نوعيتون ڪهڙي ريت گڏيل عملي سرگرمين ۾ مربوط رهن، اهو قرآن جو سڀ کان وڏو معجزو آهي. مسلمان عورتون معجزن جي انهيءَ سمنڊ ۾ ٽٻيون هڻي پنهنجي لاءِ سعادتن جا موتي ميڙي سگهن ٿيون. اهڙي ريت قرآن جي انهيءَ هدايت جي روشنيءَ ۾ اهي نه رڳو اطاعت گذاري، نيڪ بختي، پاڻ ارپڻ جي جذبي ۽ رازداريءَ جي صفتن سان پنهنجي گهر کي جنت جو نمونو بڻائي سگهن ٿيون. بلڪه مومناڻين جي خوبين سان اهي پنهنجي خاندان ۽ برادريءَ واري سسٽم کي پڻ انسانن جي لاءِ لاڀائتو بڻائي سگهن ٿيون. اهي ئي محدود دائري واريون چڱايون انساني سماج کي وڏي پئماني تي فلاحي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ جو باعث بڻبيون آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته عورتن جو تربيتي ڪردار سندن ذميدارين ۾ انتهائي اهميت حاصل ڪري وٺندو آهي، جنهن کانپوءِ ڪنهن عورت جي زندگي ان جي لباس ۽ زيورن جي ڏيکاءُ جو شوپيس ڪانه ٿي رهي بلڪه اها خدا جي تخليقي نظام جو هڪ نفيس ۽ شاهڪار نمونو بڻجي زال ۽ ماءُ جي روپ ۾ توڙي استاد ۽ داعيءَ جي حيثيت ۾ معرفتِ خداونديءَ جي گواهه ٿي پوندي آهي.