مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن جي تعليم انقلاب جي لاءِ آهي

اهڙين حالتن ۾ قرآن لاءِ ضروري هو ته هو پنهنجي بين الاقوامي انقلاب کي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪنهن اهڙي فڪر کي موضوع بڻائي جيڪو سڀني قومن ۾ ڄاتل سڃاتل هجي. اهو قيامت جو فڪر آهي، جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ڏينهن هيءَ ڪائنات ذرا ذرا ٿي ويندي، ان کان پوءِ خدا تعالى سڀني انسانن کان سندن عملن جو پڇاڻو ڪندو. هيءُ فڪر سواءِ ڪنهن ٿورڙي فرق جي سڀني قومن ۾ مڃيل آهي ۽ مڃيل رهيو آهي. جيئن نبي ڪريمﷺ جن جي دؤر تائين يهودين ۽ عيسائين جي ذريعي هيءُ فڪر مهذب دنيا جي تمام وڏي حصي ۾ متعارف ٿي چڪو هو. هندن ۾ به ”پرئين“ جو مسئلو هن فڪر جي قريب قريب موجود آهي ۽ اهڙي طرح ٻين سڀني قومن ۾ پڻ اهو عقيدو ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. قرآن پنهنجي بين الاقوامي انقلاب کي پکيڙڻ لاءِ هن ئي فڪر کي ذريعو بنايو آهي.
ان طرح قرآن حڪيم هي چوڻ گهري ٿو ته: جهڙي طرح انسانذات تي هڪ ڏينهن اچڻ وارو آهي، جڏهن ان جي فردن کان ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ته طاقتورن، ڪمزورن جا حق ڪيتري قدر پورا ڪيا؟ ۽ لاچارن جي خدمت ڪيتري ڪئي؟ اهڙي طرح دنيا ۾ به قرآن حڪيم جي علمبردار جماعت انهن اصولن تحت ڏاڍن کان حساب ڪتاب وٺندي. جيئن ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجي تقرير ۾، جيڪا هُن خلافت جي ذميداري سنڀالڻ وقت ڪئي، فرمايائون: ”توهان مان هر ڪمزور طاقتور آهي، جيستائين ان کي ان جو حق نه ڏياريان ۽ هر طاقتور ڪمزور آهي، جيستائين ان کان ڪمزور جو حق نه ورتو وڃي.“ هيءَ انقلابي جماعت انسانذات جي سڀني مفادن جي محافظ هوندي. ظاهر آهي ته ان قسم جي عالمگير انقلاب جي تشبيهه قيامت جي ڪائنات گير انقلاب کان سواءِ، ٻئي ڪهڙي انقلاب سان ڏئي سگهجي ٿي؟ پر افسوس آهي ته هن انقلاب ۽ قيامت ۾ جيڪو ربط آهي، ان تي سوچڻ وارا عالم تمام گهٽ آهن. حقيقت هيءَ آهي ته قيامت جي انسانيت گير حادثي کان پهريائين، قرآن جي جامع ۽ ڪامل وسيع انسانيت هيٺ انسان دوست انقلاب جو اچڻ ضروري آهي؛ يعني هي ضروري آهي ته سڀني انسانن ۾ هڪ اهڙي بين الاقواميت پيدا ٿئي، جنهن ۾ دنيا جون سڀ قومون شامل هجن ۽ ان مرڪزي اداري تي، جيڪو قومن کي ڪنٽرول ڪري، قرآن حاڪم هجي. دنيا هڪ ڀيرو هيءُ نظارو حجاز ۾ ڏٺو آهي ۽ ٻيهر پڻ ڏسندي، جڏهن ان کي قائم ڪرڻ، پنهنجو فرض ڪري سمجهندي ۽ هاڻي ان تحريڪ جي شروعات ان جڳهه کان ٿيندي، جتي قرآن جو علم ۽ فهم سڀ کان وڌيڪ هوندو. انشاءَ الله تعالى.
اسان جا مفسر جڏهن قرآن حڪيم جي آيتن جو تفسير ڪندا آهن ته هو اڪثر قرآن حڪيم جي بيان ڪيل واقعن کي ڪجهه خاص قصن ۽ شخصن سان ملائي تشريح ڪندا آهن ۽ ان کي شان نزول چوندا آهن. ان سلسلي ۾ اسين امام شاه ولي الله جي مسلڪ جا پيروڪار آهيون، جيڪو فرمائي ٿو ته:
”خاص واقعن کي عام طور تي جيئن بيان ڪرڻ جي هروڀرو تڪليف ڪئي ويندي آهي، ان جو اسباب نزول ۾ ڪوبه دخل نه آهي، سواءِ ڪن آيتن جي، جن ۾ ڪنهن اهڙي واقعي ڏانهن اشارو هجي، جيڪو رسول ڪريمﷺ جي زماني ۾ يا انهن کان اڳ ۾ ٿيو هجي. ڇاڪاڻ جو ٻڌندڙن جي دل ۾ شان نزول جي اشاري سان هڪ قسم جو انتظار پيدا ٿئي ٿو، جيڪو قصي جي تفصيل معلوم ڪرڻ کان سواءِ ختم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان تي لازم آهي ته انهن تفسيري علمن جو اهڙي طرح تفصيل ڪيون، جيئن خاص خاص واقعن جي بيان ڪرڻ جي تڪليف نه ڪرڻي پوي.“ (فوز الڪبير في اصول التفسير)
مثال طور سورة المدّثر جي آيت نمبر 8 کان 25 تائين پئسي جي پوڄاري ماڻهن جو نفسياتي تجزيو (Psychological Analysis) ڪيل آهي. هنن آيتن کي نبي ڪريمﷺ جن جي زماني جي هڪ منڪر وليد بن مغيره سان لاڳو ڪري جان ڇڏائڻ ڪافي نه آهي پر انهن آيتن کي هر زماني سان لاڳو ڪري ڏٺو وڃي ۽ هر ماڻهو پنهنجي ذهنيت جو جائزو وٺي فيصلو ڪري سگهي ٿو ته ڪيتري قدر هو ان سرمائي پرست سوچ ۾ ڦاٿل آهي؟ پر افسوس هي آهي ته اسلامي تاريخ جي اُن دور ۾ جڏهن اسان جي اميرن، عوام جي جواب طلبي کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪن عالمن انهن آيتن کي نبوي دؤر جي شخصن ۽ واقعن سان وابسته ڪري عوام ۾ هيءُ غلط تصور پيدا ڪيو ته، هنن آيتن جو اطلاق عام نٿو ٿي سگهي. اهڙي سوچ پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ، هن قسم جي تعليم به ڏيڻ شروع ڪئي ته: ما اقامو الصلواة فادفعواها اليهم. ”يعني جيستائين امير ۽ حاڪم صرف نماز پڙهندا رهن ته انهن کي زڪوات ادا ڪندا رهو.“ مولانا سنڌي انهيءَ دليل کي رد ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته اهڙن دعويدارن کي معلوم نه آهي ته جيڪو امير ٿي ڪري زڪواة جي نظام ذريعي محتاجن جي خدمت نٿو ڪري، اهو زڪوات جي روح جو انڪاري آهي ۽ اهڙي شخص جي نماز صحيح نه آهي. ان ڪري اڪيلائيءَ ۾ نماز پڙهڻ کي دين جو مدار نه بنايو ويو. ان لاءِ هيءَ آيت سامهون رکڻ گهرجي:
وَ مَاۤ اُمِرُوۡۤا اِلَّا لِیَعْبُدُوا اللہَ مُخْلِصِیۡنَ لَہُ الدِّیۡنَ۬ حُنَفَآءَ وَ یُقِیۡمُوا الصَّلٰوۃَ وَ یُؤْتُوا الزَّکٰوۃَ وَ ذٰلِکَ دِیۡنُ الْقَیِّمَۃِؕ (البينہ 5) ”يعني انهن کي هيءُ حڪم ٿيو آهي ته بندگي ڪريو رڳو الله جي، حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر ۽ قائم ڪيو نماز، ڏيو زڪوات ۽ اها ئي واٽ آهي مضبوط ماڻهن جي.“
ان جو نتيجو هيءُ نڪتو جو امير ته پنهنجي سرمائيداراڻي ريت جي غير ذميوار حرڪتن کان نه رڪيا، پر عوام کي ٽيڪس ڀرڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. جنهن مان امير عيش ۽ عشرت جي زندگي گذارڻ لڳا. ائين هلندي هلندي عوام جي دلين مان انقلاب جو تصور ۽ حاڪمن کان جواب طلبي جي سوچ به ختم ٿيندي رهي. جڏهن ته بقول علامه جصّاص رازي الحنفي جي ته، نبي اڪرمﷺ جن لاءِ به پنهنجي ساٿين سان مشورو ڪرڻ واجب هو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي، (وَشَاوِرْهُمْ فِي الْأَمْرِ-(آل عمران-159).
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڄ مسلمان ان وساريل سبق کي وري ياد ڪن ته اسان جا حڪمران اسان جي آڏو جوابدار آهن. هي اُهي حق جا اکر آهن، جن کي آمريڪين ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سمجهيو ۽ اعلان ڪيو ته No taxation with out representation (جيڪي ماڻهو اسان جي آڏو جوابده نه آهن، ته انهن کي ڪوبه حق نه آهي ته هو ڪو ٽيڪس وصول ڪن). شهريت (Citizenship) جو هيءُ ابتدائي اصول آهي، جنهن جي آسان صورت اسلام، پارٽي پاليٽڪس (Party Politics) جي شڪل ۾ پيش ڪئي آهي، جنهن جي عملي صورت خلافت راشده جو پاڪ دؤر هو.
مطلب ته قرآن حڪيم جي تعليم انقلابي تعليم آهي. هن انقلاب جو پهريون نشانو (Target) قيصر ۽ ڪسرى جي تباهي هو ۽ ان جو مستقل پروگرام قانون جو راڄ هو، جنهن جو هڪ ذريعو مسڪينن جي تنظيم آهي. هي اهي تابناڪ اصول آهن، جنهن سان دنيا ۾ قرآني انقلاب جي قيامت صغرى قائم ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ اها جماعت استحصالي طبقن کان حساب ڪتاب ڪندي آهي. عرب ۾ ان انقلاب جو نمونو هڪ دفعو ظاهر ٿي چڪو آهي، جنهن جا ڪرڻا ڪجهه ملڪن ۾ اڃا تائين چمڪي رهيا آهن. جيڪڏهن هي صحيح آهي ته اسلام هميشه انسانيت جي پيڙهيل ۽ ڏتڙيل طبقن ۾ آيو آهي ۽ هاڻي به اهڙن طبقن ۾ رهجي ويو آهي، ته پوءِ جيڪڏهن مسلمانن هوش سنڀاليو ته دنيا کي هڪ عظيم انقلاب جي اميد رکڻ گهرجي، جيڪو نه فقط عظيم هوندو پر عالمگير به هوندو. اهو انقلاب قرآن جي اصولن تي هوندو. ممڪن آهي ته امام شاهه ولي الله جي طريقي جو هندستاني مسلمان به ان انقلاب ۾ چڱو خاصو ڪردار ادا ڪري. قرآن سان واسطو رکندڙن اسان جي ديس واسين جو فرض آهي ته هو وقت جي رفتار کي سڃاڻن ۽ امام شاه ولي الله جي حڪمت کي سمجهي قرآن حڪيم کي اپنائن، جيڪو هن سائنسي دور ۾ بين الاقوامي انقلاب آڻڻ وارو واحد ڪتاب آهي.