اجتماعي تبديلي جا قرآني محرڪ
قرآن، اجتماعي تبديليءَ ۾ رڪاوٽ بنجندڙ قوتن کي ٽن حصن ۾ ورهائي انهن سان مهاڏو اٽڪائي انسانن کي هر حال ۾ آزاديءَ جي نعمت سان سرفراز ڪرڻ جي تعليم ڏني آهي.
(1) الْمُسْتَكْبِرِیۡنَ (آمر ۽ جابر: فرعون ۽ شداد انهن جا نمائندا هئا.)
(2) مُتْرِفِیۡنَ (دولتمند- سرڪش: قارون ۽ ابولهب انهن جا نمائندا هئا.)
(3) الۡاَحْبَارُ وَالرُّہۡبَانُ (مذهبي پيشوائيت: آذر مشرڪ ۽ يهودين جا عالم نمائندا هئا.)
قرآن انهن ٽنهي طبقن سان نبين جي اصولي ويڙهه ۽ جهاد جي ترجماني ڪري مڪمل تبديليءَ جي واٽ ڏيکاري آهي جنهن کي اڄ جي دور ۾ انقلاب جي واٽ چئجي ٿو.
برصغير جي برک عالم حڪيم الاسلام مولانا عبيدالله سنڌيءَ قرآن حڪيم جي تفسير ۾ انهن ٽنهي طبقن جي خاتمي ۽ انڪار کي لاالہ جي اصول تي چٽو ڪري ٻڌايو آهي. ساڳي وري قرآني انقلاب جي الالله واري واٽ جي به ڀرپور چٽائي ڪئي آهي، جنهن جو خلاصو هن ريت آهي:
جيڪڏهن قرآن حڪيم جي تعليم تي مجموعي حيثيت سان نظر وڌي وڃي ته اها بلڪل ساڳي طرح انقلابي تعليم ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ نبي اڪرمﷺ جو عمل بلڪل قرآني انقلاب جو عملي تفسير معلوم ٿئي ٿو. اسان هتي لفظ ”جهاد“ کي ڇڏي، ڄاڻي واڻي ”انقلاب“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي. اهو ان ڪري ته جهاد جي لاءِ جنهن نظام جي ضرورت آهي، ان کان اسان محروم ٿي چڪا آهيون. لفظ جهاد ميسر نه رهڻ جي حالت ۾ لفظ انقلاب کان وڌيڪ ٻيو عوام لاءِ ڪو معنى خيز لفظ موجود نه آهي، جو اسان استعمال ڪري سگهون. انقلاب جي لاءِ ٽن شين: نصب العين، جماعت ۽ لائحه عمل جي ضرورت هوندي آهي. اوهان قرآني جماعت جي نصب العين کي ڏسو:
قرآن ۾ جٿي ڪٿي آمنوا و عملو الصٰلحٰت. يعني ايمان ۽ عمل صالح جي دعوت ڏني وئي آهي. ايمان ڪهڙي شيءِ آهي؟ ڪنهن ڳالهه کي نصب العين بنائي ان لاءِ مڪمل اطمينان ۽ کليل دل سان پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهجي، ته ان کي ايمان چئجي ٿو. ان ايمان جي مرڪز ۾ قرآن حڪيم کي ڏسو ته حضرت نبي ڪريمﷺ ۽ سندن پاڪ جماعت جو عمل بلڪل انقلابي نظر ايندو. جيئن قرآن حڪيم فرمائي ٿو ته: ہُوَ الَّذِیۡۤ اَرْسَلَ رَسُوۡلَہٗ بِالْہُدٰی وَ دِیۡنِ الْحَقِّ لِیُظْہِرَہٗ عَلَی الدِّیۡنِ كُلِّہٖۙ. (التوبہ-33) ”يعني الله تعالى ئي پنهنجي رسول کي هدايت ۽ سچو دين، صحيح ۽ پائدار قانون ڏئي رڳو هن لاءِ موڪليو آهي ته هو ان کي سڀني قانونن تي غالب ڪري.“
هاڻي نبي اڪرمﷺ ۽ سندس ساٿين جي زندگيءَ تي نظر وجهو ته بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته انهن قرآن حڪيم کي پنهنجو منزل مقصود بنايو ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه ان تي قربان ڪيو.
ان کان پوءِ جماعت ڏي ڏسو:
صحابه ڪرام (رضوان الله تعالى عليهم اجمعين) جو هڪ خاص تعداد آهي، جيڪو پيغمبر جو شروع کان وٺي آخر تائين ساٿي ۽ سهڪاري ٿي رهيو. قرآن حڪيم ۾ انهن جو ذڪر گهڻو ڪري نبي اڪرمﷺ سان گڏ اچي ٿو. جيئن سورت فتح ۾ آهي ته: مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللّٰه ِ وَالَّذِينَ مَعَهُ (الفتح-29) ”محمد رسول الله ۽ ان جا ساٿي،“ سوره توبہ ۾ آهي ته: لٰکِنِ الرَّسُوۡلُ وَالَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا مَعَہٗ (التوبہ-88) ”محمّد رسول الله ۽ اهي ماڻهو جيڪي ان سان گڏ شريڪ ايمان آهن.“ هي اهي ماڻهو آهن، جن کي هن آيت ۾ معين ڪيو ويو آهي: وَالسّٰبِقُوۡنَ الۡاَوَّلُوۡنَ مِنَ الْمُہٰجِرِیۡنَ وَالۡاَنۡصَارِ وَالَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُمۡ بِاِحْسَانٍۙ (التوبہ-100) ”يعني مهاجرن ۽ انصارن مان پهريون ايمان آڻڻ وارا ماڻهو ۽ اهي ماڻهو جيڪي انهن جي صحيح نموني پيروي ڪن.“
هن آيت ۾ حضرت نبي ڪريمﷺ جن جي جماعت جا ٻه حصا ڪيا ويا آهن:
(1) اهي ماڻهو جن مهاجرن ۽ انصارن مان پهريان ايمان آندو، انهن کي ”حزب الله“ قرار ڏنو ويو.
(2) اهي ماڻهو جيڪي انهن جي پوري طرح پيروي ڪن. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي قيامت تائين رسول اللهﷺ ۽ پهرين جماعت جي پيروي ڪندا رهندا.
هاڻي پروگرام تي نظر وجهو:
نبي ڪريمﷺ جن جي زماني ۾ مهاجرن ۽ انصارن جو پهريون ٽولو ”حزب الله“ جي نالي سان سڏيو ويو. ان جو پروگرام اهو ئي هو، جيڪو قرآن حڪيم ڏنو. هي جماعت پنهنجا فيصلا قرآن حڪيم ۽ نبي اڪرمﷺ جن جي تشريحن مطابق ڪندي رهي. تنهن کان پوءِ جيڪي به ماڻهو سندن مڪمل پيروي ڪندا، يعني (متبعين باحسان) ٿيا ته اهي به قرآن حڪيم ۽ نبي ڪريمﷺ جن جي فرمانن مطابق فيصلا ڪندا ۽ جتي نيون حالتون پيدا ٿينديون ته هو اتفاق ۽ اڪثريت جي فيصلن کان ڪم وٺندا. اڳواڻ ان جماعت مان هوندو، جيڪو پنهنجي ساٿين جي مشوري سان هلندو.
حضرت عثمانؒ جي شهادت تائين واري زماني ۾، جنهن کي امام الائمه شاهه ولي الله محدث دهلويؓ خير القرون قرار ڏئي ٿو، انهيءَ طرز تي ڪم ٿيندو رهيو ۽ وارَ برابر به تبديلي نه ٿي. ان کان پوءِ اختلاف ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا. ان ڪري شاهه ولي الله وٽ صرف عثمان ذوالنورين جي شهادت تائين، وارو زمانو قابل سند آهي.
قرآن حڪيم جو گهرائي سان مطالعو ڪيو وڃي ته سڄو قرآن ان انقلابي اصول تي ٻڌل نظر اچي ٿو ۽ جن ماڻهن کي ان سڀ کان پهريائين دنيا ۾ متعارف ڪرايو، تن ان کي انقلابي رنگ ۾ پيش ڪيو، نه ارتقائي رنگ ۾.