توحيد في العبادت
ڪلمي پاڪ جو ٻيو پهلو ايجابي آهي. يعني سمورين طاغوتي قوتن جي انڪار بعد هن ڳالهه جو اقرار ته الله تعاليٰ هڪ ئي قوت اهڙي آهي جنهن جي اطاعت ضروري آهي ۽ انهيءَ لاءِ ئي ٻانهپ جا سمورا حق آهن، جيڪو ڪائنات جو خالق آهي ۽ پنهنجي تخليق جي سمورين ضرورتن ۽ نفعي نقصان جو علم رکي ٿو. جيڪو انهن ضرورتن پٽاندڙ قانون ٺاهيندو آهي. جيڪو اشرف المخلوقات جي عزت جو محافظ آهي ۽ پيغمبرن ۽ ڪتابن جي ذريعي انسان جي عزتِ نفس کي لتاڙجڻ کان بچائڻ سندس مرضي ۽ مشيت آهي. جنهن جو فيصلو ۽ حڪم حرفِ آخر جي حيثيت رکي ٿو. هُو پنهنجي سلطنت جي ذري ذري تي پنهنجي حڪمن جي بجا آوري چاهي ٿو ۽ سندس حڪمن تي هلڻ کانسواءِ ڪوبه چارو ڪونهي. سندس اختيارن کي ڪوبه چئلينج نٿو ڪري سگهي ۽ هُو پنهنجي اقتدار ۾ اڪيلو آهي. سڀ سندس آڏو سر بسجود هوندا آهن ۽ پر هُو ڪنهن آڏو جهڪندو ناهي. الٰہ جون اُهي سموريون معنائون فقط الله تعالى جي ذات ۾ موجود آهن. ڪوبه فرشتو، جن يا ٻي مخلوق انهن صفتن جي مالڪ ناهي. تنهنڪري ٻانهپ جا سمورا حق، سموريون محتاجيون، سڀ نيازمنديون، سڀ عبادتون، سڀ تقاضائون ۽ سڀ وابستگيون انهيءَ ذات جي ئي لائق آهن. راضپو به انهيءَ ذات جو کپي ۽ ڀروسو به انهيءَ ذات تي هجي.
سموري ڪائنات ۾ حڪم ۽ حڪومت پڻ الله تعالى جي آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪو شخص يا گروهه الله تعالى جي ان اختيار ۾ دخل اندازي ڪري پنهنجي جبر ۽ تسلط سان انسانن يا قومن کي غلام بڻائي وٺي، انهن جي ذهنن کي ذات يا مسلڪ جو غلام بڻائي وٺي ۽ استحصالي طريقن سان انهن جي وسيلن تي قابض ٿي وڃي ته اهو عمل الله تعالى جي مالڪيءَ جي اختيار ۽ حڪم ۾ شرڪ بڻجي پوي ٿو. تڏهن الله تعالى جي مشيت انهن غلام فردن ۽ قومن جي آزادي چاهيندي آهي، ته جيئن آزادي ۽ انصاف ڀريو معاشرو ميسر ٿئي جتي هُو ڪنهن به ڏاڍ ۽ ظلم کانسواءِ الله تعالى جي احڪامن تي عمل ڪري سگهن.
اهو ئي سبب هو ته حضرت موسى عليه السلام بني اسرائيل جي آزاديءَ جو مطالبو فرعون آڏو رکيو. فَاَرْسِلْ مَعِیَ بَنِیۡۤ اِسْرَآءِیۡلَ (الاعراف-105) فرعون چيو ”مون کانسواءِ ڪوبه رب ۽ حاڪم ڪونهي.“ ان کانپوءِ حضرت موسى عليه السلام بني اسرائيل کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي آزاديءَ جي نعمت سان سرفراز ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ته جيئن هُو آزاد ماحول ۾ حقيقي خدا جي احڪامن جي پابندي ڪري سگهن.
سمورن نبين جي تعليم ۽ جدوجهد ۾ انهن قومن جي غاصبن ۽ جابرن سان مزاحمت جي جدوجهد جو ذڪر قرآن وري وري ڪيو آهي. خود پيغمبر اسلام لاءِ قرآن اهو ئي ٻڌايو آهي ته پاڻ سڳورن کي انسانن ڏانهن ساڳي ئي طرح سان موڪليو ويو آهي، جهڙي طرح موسيٰ کي فرعون ڏانهن موڪليو ويو هو. اهو ئي سبب آهي جو پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي دؤر جي سرڪش، طاقتور ۽ ظالم سردارن سان مسلسل جهاد ڪري انهن جي جبر ۽ ڏاڍ جو خاتمو آندو. ان دؤر جي ٻن غاصب عالمي طاقتن، قيصر ۽ ڪسرى جي خاتمي کي پنهنجي نبوي مشن جي مقصدن ۾ ڳڻايو. توحيد جو بنيادي تصور پڻ انسان کي سمورين غلامين کان نجات ڏيارڻ آهي. انسان کي ذهني غلامين، انفرادي غلامين ۽ گروهي ۽ قومي غلامين کان نجات ڏياري هڪ الله تعالى جي عبديت ۽ امن ۽ سلامتيءَ جي نظام ۾ آڻڻ توحيد جو اصل مقصد آهي. تنهنڪري توحيد جي تصور مان انساني آزادين کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته اهو تصور پنهنجو روح ۽ جامعيت ٻئي وڃائي ويهندو.
مختصر لفظن ۾ توحيد في العبادت کي انسان جو عملي طرح مڃڻ هيئن آهي ته:
1- جهڙيءَ ريت خالق ۽ رب هستي الله تعالى جي ذات آهي، ساڳيءَ طرح اسان جي سمورين عبادتن، تقديس ۽ شڪر جي مستحق ذات پڻ اُها ئي آهي. اهڙيءَ ريت ڪوبه اهڙو ڪونهي جنهن کي ذات باري تعالى جي صفتن ۾ شريڪ ڪجي.
2- اسان جو جيئڻ مرڻ، اسانجون نمازون ۽ اسانجون قربانيون سڀ الله تعالى لاءِ آهن ۽ اسان کي وحي جي ذريعي جيڪا تعليم ڏني ويئي آهي اسان انهيءَ کي ئي زندگيءَ جو ضابطو مڃيون.
3- اسان کي کپي ته جيڪي فرد ۽ قوتون طاقت يا ڏاڍ جي زور تي فردن، گروهن يا قومن کي غلام بڻائي سندن محنت ۽ وسيلن مان ناجائز فائدو حاصل ڪن انهن سان مقابلي ۽ مزاحمت واري پيغمبري طريقي جي پيروي ڪريون ۽ جيڪي فرد يا جماعتون اها جهد سرانجام ڏيئي رهيون هجن انهن جو ڀرپور ساٿ ڏنو وڃي.
الله تعالى زندگي گذارڻ جو باقي تفصيل پنهنجي نازل ڪيل ڪتاب قرآن حڪيم ۾ کولي بيان ڪيو آهي ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي زندگي قرآن حڪيم تي عمل جو مثالي نمونو آهي. ان جي روشنيءَ ۾ اسان الله تعالى سان عملي تعلق، تعبد ۽ تخلق قائم ڪريون. اُها ئي عملي الاهيات آهي.