عدل ڇا آهي؟
الله عدل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. عدل جي معنى آهي جيڪا شيءِ پنهنجي نفس لاءِ گهرجي، ان شيءِ جو اهڙو ئي حق ٻئي کي به ڏجي. جيئن پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم فرمايو ته پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ به اهو ئي پسند ڪريو جيڪو پنهنجي نفس لاءِ ڪريو ٿا.
وَالۡاِحۡسَانِ – الله احسان ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو. احسان جا ٻه رخ آهن. هڪ هيءُ ته انسان جنهن سان نيڪي ڪري، ان جي گهرج پٽاندڙ ان جي لهڻي جو جيترو حق بڻبو هجي سو ان کي ڏئي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو لهڻو ليکو به ڇڏي ڏئي ته ان کي ”احسان“ چيو ويندو. جڏهن ڪنهن جي بدحاليءَ جي صورتحال سامهون هجي ته پوءِ احسان کي ڇڏڻ عدل جي خلاف ٿي پوندو آهي. احسان جو حڪم الله تعالى جو آهي. فرمانبردار ٻانهو الله جي حڪم کي اکين تي رکي الله جي لاءِ ڀال ۽ ڀلايون ڪري ”في سبيل الله“ جي سعادت ماڻي وٺندو آهي. مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله فرمائي ٿو ته اهڙي ماڻهوءَ تي جڏهن ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته الله سندس مٿان، سندس آسپاس ۽ سندس آڏو اچي واهرو بڻبو آهي. الله پنهنجن اهڙن ٻانهن کي اڳتي آڻي سندس مدد ڪرائيندو آهي جيڪي بنا جتائڻ جي سندس ڀرجهلا ٿيندا آهن. ٻانهو جڏهن اهڙا قدرت جا رنگ ڏسندو ته کيس الله جي مهربانيءَ وارو قانون ياد اچي ويندو. بخاري ۽ مسلم جي هن متفق عليه حديث شريف ۾ به اهڙي ئي غيبي تائيد ڏانهن اشارو آهي ته : ”جڏهن بندو، الله جي بندن جو ڀرجهلو ٿيندو آهي ته، الله فرمائي ٿو : مان اهڙي بندي جو هٿ ٿي پوندو آهيان، اک ٿي پوندو آهيان ۽ قدم ٿي پوندو آهيان..“
اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی ۾ محتاجيءَ جو قيد ڪونهي، بلڪه پاڻ اڳتي وڌي انهن جي بحال ڪاريءَ ۾ مددگار ٿيڻو آهي. وَالۡاَرۡحَامِ اهي ٽي حڪم يعني عدل، احسان ۽ ايتاءِ ذي القربى واجب آهن ۽ تقوى جو روح آهن. اهڙي طرح تقوى جي لاءِ ٻيا ٽي ڪم هي آهن:
وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِۚ (النحل-90)
1- فحشاءِ يعني بي حيائيءَ جي ڪمن کان رڪجڻ. انسان جنهن ڪم کي ماڻهن کان لڪائي ٿو ۽ دل ۾ ان ڪم جو بڇڙو هجڻ کٽڪي ٿو، يعني ضمير ملامت ڪري ٿو ته اهو بي حيائيءَ جو ڪم ليکبو، جنهن کان بچڻ تقوى آهي.
2- منڪرات يعني جنهن ڪم کي سماج ڏوهه قرار ڏنو آهي، انهن ڪمن کان بچجي.جهڙوڪ: تڪبر، هٺيلائپ، ڪنجوسائپ، لوڀ، ٻيائي، لالچ، بزدلي، بي غيرتي، بي وفائي ۽ مفاد پرستي وغيره.
3- بغي- يعني فسادي نه ٿجي سماج انصاف جي قيام لاءِ جيڪي ادارا ۽ حڪومت جوڙي ٿو ان سان بغاوت جو اهڙو طريقو اختيار نه ڪيووڃي، جنهن سان فساد ۽ انارڪزم جو انديشو هجي. ان ڪري رياست جا اهڙا قانون جيڪي فطري قانونن ۽ الله ۽ ان جي رسول سان کلي بغاوت نه ڪندڙ هجن، تن جو احترام به تقويٰ ۾ شمار آهي. جيڪو ماڻهو ذري ذري ۾ سماج ۽ رياست جي مڃيل قانونن کي ٽوڙي ٿو، اهو خدا جي نافرمانيءَ جو شڪار ٿئي ٿو. پر جيڪڏهن رياست ظلم ۽ ڏاڍ جو رستو اختيار ڪري ۽ جيڪڏهن اڪثريت جي مٿان افراد جي آمريت قائم ٿئي ته ان جي تبديليءَ لاءِ عوام کي آماده ڪري انقلاب جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. اها به تقوى جي زندگيءَ جي لازمي گهرج آهي.
هتي تقوى جي تعريف ۾ ٽي شيون ڪرڻ جون ۽ ٽي شيون نه ڪرڻ جون آهن، انهن ڇهن ئي شين جو تعلق انسان جي ماڻهپي سان آهي. جيترو وڌيڪ انهن جي پاسداري ڪندو اوترو وڌيڪ سندس ماڻهپو ترقي ڪندو. جيڪو ماڻهو زندگي ۾ عدل (بِالْعَدْلِ) احسان (وَالۡاِحْسَانِ) ۽ اجتماعيت (اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی) جي جذبي سان سرشار آهي (ڪرڻ جون ٽي شيون) ۽ جيڪو ماڻهو بيحيائيءَ جي ڪمن کان بچي، پنهنجي ذهن ۽ ضمير جي سندرتا کي نهوڙيندو ناهي؛ جيڪو ماڻهو منڪرات جي ذريعي پنهنجي سماجي قدرن جو لتاڙيندڙ ناهي ۽ جيڪو ماڻهو فسادي طريقي سان سماجي معاهدي جو باغي نٿو بڻجي، (نه ڪرڻ جون ٽي شيون) قرآن اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ سراپا هدايت آهي. اهي ئي ماڻهو متقي آهن ۽ پوءِ قرآن انهن ماڻهن جون وڌيڪ خاصيتون هي ٻڌايون آهن ته اهي ماڻهو پنهنجي وقت جي انتهائي معتبر ۽ نيڪوڪار ماڻهن تي اعتبار ڪري انهن جي ٻڌايل وحيءَ جي هدايت جي روشنيءَ ۾ اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. نماز قائم ڪري الله تعالى جي فرمانبرداريءَ ۽ جوابدهيءَ تي قائم رهن ٿا ۽ الله تعالى جي پاران جيڪو رزق کين عطا ٿيو آهي، تنهن مان بي حساب خرچ ڪن ٿا. اهي قرآن ۽ اڳين ڪتابن کي مڃيندي اديان جي اوريجنل توحيدي وحدتِ فڪر تي يقين رکن ٿا ۽ الله جي حضور ۾ پيش ٿي ذري ذري جو حساب ڪتاب ڏيڻ تي يقين رکن ٿا. اهي ماڻهو آهن جيڪي پاڻ کي الله جي موڪليل هدايت جو اهل ثابت ڪن ٿا ۽ ان هدايت ماڻڻ جي نتيجي ۾ کين ڪامرانيون ۽ فلاح حاصل ٿيل آهي.
قرآن جي هدايت مان اهي ماڻهو ميڙاچونڊي ڪري سگهندا جيڪي انسانذات جي فلاح ۽ سعادت جي لاءِ دردمندي ۽ فڪرمندي رکندا هجن. انسانذات جي ابتدا کان وٺي انهن جي فلاح جي لاءِ پيغمبرن ۽ سڌارڪن جي جهد ۽ جاکوڙ جو هڪ ڊگهو پسمنظر آهي. انهيءَ پسمنظر ۾ ان انساني قافلي جو پيروڪار بڻجڻ ۽ ان قافلي کي اڳتي وٺي هلڻ جي فڪرمندي ۽ تڙپ رکندڙ ماڻهن جي لاءِ قرآن ۾ هدايت جا انبار آهن. خود پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي لاءِ به قرآن پاڻ سڳورن جي تڙپ کي هينئن بيان ڪيو آهي:
وَوَجَدَکَ ضَآلاً فَهَدَىٰ (الضحى-7)
”اسان توکي (حق جي تلاش ۾) سرگردان ڏٺو سين پوءِ هدايت عطا ڪئي سين.“
انهيءَ تڙپ جو تعلق وري انسان جي عملي زندگيءَ سان آهي. جنهن ماڻهوءَ سماج ۾ انسانن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ جي لاءِ پنهنجي مٿان ڪي ڪم فرض ڪري ڇڏيا آهن. هو، انسانن جي تخليقي مقصدن جي پورائي ۾ سندن مددگار بنجڻ جي فڪرمندي رکي ٿو. ماڻهن کي معرفت خداونديءَ سان وابسته ڪرڻ جون ڪوششون وٺي ٿو، ته پوءِ الله تعالى ان جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا آسان ڪندو وڃي ٿو. جيئن فرمايو ويو آهي ته:
وَالَّذِیۡنَ جَاہَدُوۡا فِیۡنَا لَنَہۡدِیَنَّہُمْ سُبُلَنَا. (العنڪبوت-19)
”جيڪو اسان جي ٻڌايل رستن تي جهد ۽ جاکوڙ جاري رکندو آهي ته اسان ان کي ضرور ضرور هدايت جي واٽ ڏيکاري ڇڏيندا آهيون.“