رڪاوٽون ۽ ڏکائيون
قرآن، الله تعالى ڏانهن وٺي ويندڙ صراط مستقيم جو واحد يقيني راهنما آهي. اها واٽ وٺي هلڻ انسان جي تقدير آهي. حضرت آدم جي پيدائش مهل ئي کيس انهن رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کان آگاه ڪيو ويو هو جيڪي انسان کي پنهنجي تقدير جي تڪميل لاءِ طئي ڪرڻيون آهن. انسان جون سموريون ڪمزوريون کولي پڌريون ڪيون ويون. خاص ڪري ارادي جي ڪمزوري ۽ نسيان (ويسلائپ) (طحه :115) اهو به واضح ڪيو ويو ته زندگيءَ جي سفر جي وک وک تي شيطان سندس راهه ۾ رڪاوٽ وجهندو. شيطان الله تعالى کي چيو هو: چڱو، جيئن تو مونکي گمراهيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي، مان به تنهنجي سڌي گس تي انهن انسانن جي تاڙ ۾ ويٺو هوندس. اڳيان، پويان، ساڄي ۽ کاٻي، هر پاسي کان کين گهيري وٺندس. تون انهن مان گهڻن کي شڪرگذار نه لهندين. (الاعراف: 17)
ظاهر آهي ته شيطان خلاف سڄي زندگيءَ جي جهيڙي ۽ هدايت الاهي مطابق زندگي گذارڻ واري ڪوشش ۾ قرآن توهان جو سڀ کان مضبوط ڀرجهلو ۽ سگهارو ساٿي آهي. ان ڪري قرآن جي مطالعي لاءِ ارادي جي پهرين قدم کان وٺي، ان مطابق زندگي گذارڻ جي آخري قدم تائين شيطان ڪيترين ئي چالن، بهانن ۽ دوکي فريب جون رڪاوٽون وجهندو، جيڪي اوهان کي عبور ڪرڻيون پونديون. شيطان توهان جي نيت ۾ خلل وجهندو. توهان کي قرآن جي معنى ۽ پيغام کان بي خبر ۽ اوجهل رکڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو. اهو اوهان جي ذهن ۾ شڪ شبها پيدا ڪري سگهي ٿو، الله جي ڪلام ۽ اوهان جي روح جي درميان رڪاوٽ وجهي سگهي ٿو. بنيادي تعليمات بدران فروعي معاملن ۾ منجهائي سگهي ٿو. قرآن جي پيروي ڪرڻ کان دور ڪري سگهي ٿو يا قرآن جي مطالعي کي نظرانداز ڪرڻ يا ان کي ٻئي ڀيري لاءِ ملتوي ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي ٿو. اهي سڀ خطرا ۽ انديشا خود قرآن ۾ وضاحت سان بيان ڪيا ويا آهن.
قرآن ۽ اوهان جي وچ ۾ ٽين رڪاوٽ طاغوت، يعني شيطان جا ساٿاري طبقا بنجي سگهن ٿا. طاغوت ڏسڻ ۾ ايندڙ توڙي اکين کان اوجهل قوتن جي مدد سان اوهان سان مهاڏو اٽڪائي سگهي ٿو. اوهان جون پنهنجون خواهشون ۽ جذبا، اوهان جي استاد ۽ مرشد جو طريقو، اوهان جو فرقو ۽ اوهان جي جماعت جو مسلڪ، نظر نه ايندڙ قوتن جي روپ ۾ توهان کي وسوسن، فوري فائدن کان محرومي ۽ خوف ۾ مبتلا ڪري سگهن ٿا يا تقدس ۽ احترام جي آڙ ۾ اوهان جي سوچ تي جمود ذريعي قرآن جي هدايت کان دور رکي سگهن ٿا. اهڙي ريت اکين کان اوجهل طاغوت يعني طاقتور طبقا ڏنڊي جي زور تي مختلف نقصانن، کٽڪن ۽ پريشانين جي گهيري ۾ آڻي حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ اوهانکي ڪمزور ڪن ٿا، ڇاڪاڻ ته شيطان جي ساٿارين جي ڪٿي به ڪمي ڪانهي. انهن کان پاڻ بچائي هلڻ لاءِ الڳ احتياط جي ضرورت هوندي آهي.