مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآني مشن جي تڪميل

قرآن مطابق زندگي گذارڻ واري مقصد جو هڪ ضروري ۽ اهم حصو هيءُ آهي ته آسپاس جي ماڻهن تائين اُن جو پيغام پهچايو. الله جي رسول ﷺ تي جيئن ئي پهرين وحي نازل ٿي ته پاڻ سڳورن ﷺ ان کي ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ جي ذميداري محسوس ڪري ورتي. ٻِي وحي ”قُمْ فَاَنۡذِرْ“ جو حڪم کنيو آئي. ٻيو ته ڪيترن ئي هنڌن تي رسول ﷺ جن تي اهو واضح ڪيو ويو ته قرآن کي پهچائڻ، ان کي ٻڌائڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ توهان جو اولين فرض ۽ توهان جي زندگيءَ جو مشن آهي.
(الانعام: 19، الفرقان: 1، الانعام: 105، المائده 67، الاعراف: 157)
پاڻ سڳورن ﷺ جي پيروڪار ۽ الله جي ڪتاب جي حامل هئڻ جي حيثيت سان ساڳيو ئي مشن هاڻ اسانجي ذميداري آهي. اسان وٽ قرآن جي موجودگيءَ جي تقاضا آهي ته اسين ان کي پهرين پاڻ سمجهون ۽ پوءِ ٻين تائين پهچايون. خيرامت جي طور تي اسان کي سڄي انسانيت جي لاءِ دعوت جو منصب عطا ٿيو آهي. ان منصب جي تقاضا آهي ته اسان سڄي انسانيت جي لاءِ مثال بڻجون. شهداءَ علي الناس جو به اهو ئي مطلب آهي. انهيءَ منصب جي ادائگي به رڳو هُدًي الناس، يعني قرآن حڪيم جي ذريعي ئي سرانجام ٿيڻي آهي. انڪري اهو اسان کي سڄي انسانيت تي پڌرو ڪرڻ گهرجي. ٻڌائڻ گهرجي ۽ لڪائي رکڻ نه کپي.
”اهل ڪتاب کي اهو وعدو به ياد ڏياريو جيڪو الله کانئن ورتو هو ته توهانکي ڪتاب جي تعليمات ماڻهن تائين پهچائڻي پوندي. اها ڳجهي نه رکندؤ. پر هُنن ڪتاب کي ڇڏي ڏنو ۽ معمولي قيمت تي ان کي وڪڻي ڇڏيو آهي، ڪيڏو ڪڌو ڪاروبار آهي جيڪو ڪري رهيا آهن.“ (آل عمران: 187)
جيڪڏهن توهان جي دل ۽ هٿن ۾ ڪا ڏياٽي آهي ته ان جي روشني ڦهلجڻ گهرجي. جيڪڏهن توهانجي اندر ۾ ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪي رهيو آهي ته ان جو سوجهرو ٻاهر نڪري ٻين تائين پهچڻ گهرجي... جيڪي ماڻهو عارضي دنياوي مقصدن ۽ فوري فائدن کي ترجيح ڏيندي ائين نٿا ڪن، اهي حقيقت ۾ پنهنجو ڀڀ باهه سان ڀري رهيا آهن.
”سچ اهو آهي ته جيڪي ماڻهو الله تعالى جي نازل ڪيل حڪمن کي معمولي فائدن تي قربان ڪن ٿا، اهي هڪ وڏي تباهيءَ جو پاڻ پنهنجي هٿن سان انتظام ڪري رهيا آهن. قيامت جي ڏينهن الله تعالى ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه وري کين پاڪ ڪندو. اهي الله جي لعنت جا حقدار هوندا. (البقره - 174)
” جيڪي ماڻهو اسانجي نازل ڪيل تعليمات کي لڪائين ٿا، ان جي باوجود ته اسان سڀني انسانن جي رهنمائيءَ جي لاءِ اهي پنهنجي ڪتاب ۾ بيان ڪري چڪا آهيون، پڪ ڄاڻو ته الله پڻ مٿن لعنت وجهي ٿو ۽ سمورا لعنت وجهڻ وارا به مٿن لعنت وجهن ٿا.“ (البقره: 159)
”البته جيڪي اها روش ڇڏي ڏين ۽ پنهنجي طرز عمل ۾ سڌارو آڻين ۽ جيڪو ڪجهه لڪائيندا هئا، ان کي پڌري پٽ بيان ڪن ته کين معاف ڪري ڇڏيندس.“ (البقره - 160)
” پر جيڪڏهن اهي اُن ئي حالت ۾ مري ويا ته مٿن سڀ جو سڀ لعنت وجهندا. جن ماڻهن ڪفر جو رويو اختيار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ ئي مري ويا ته انهن تي الله، فرشتن ۽ سمورن انسانن جي لعنت هجي.“ (البقره: 161)
”باقي رهيا اهي ماڻهو جيڪي الله جي عهد ۽ پنهنجن قسمن کي معمولي قيمت تي وڪڻيو ڇڏين ته انهن جو آخرت ۾ ڪوبه حصو ڪونهي. الله قيامت جي ڏينهن ساڻن ڪونه ڳالهائيندو، نه انهن ڏانهن ڏسندو، نه کين پاڪ ڪندو.“
(آل عمران: 77)
هاڻي پنهنجو پاڻ کي ڏسو، اڄوڪن مسلمانن کي ڏسو! هِن حقيقت جي باوجود ته ڏينهن رات لکين ماڻهو قرآن جي تلاوت ڪن ٿا پر ان سان ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. ماڻهن جا حال اهي ئي ساڳيا! صورتحال ۾ ڪو فرق ڇو نٿو اچي؟ ان ڪري جو، يا ته اسين اِن کي پڙهون ٿا پر سمجهون نٿا. جيڪڏهن سمجهون به ٿا ته اِن کي تسليم نٿا ڪريون. جيڪڏهن زبان سان مڃون ٿا ته پوءِ ان تي عمل نٿا ڪريون يا جيڪڏهن عمل ڪريون ٿا ته صرف اُن جي ڪجهه حصي تي عمل ڪريون ٿا ۽ ٻئي حصي کي وري رد ڪريون ٿا. يا جڏهن اسين ان کي پڙهڻ يا ان جي ڪنهن حصي تي عمل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهيون ته ساڳئي وقت اسين ان کي لڪائڻ ۽ اُن جي روشني ٻي دنيا تائين نه پهچائڻ جو بدترين ڏوهه ڪري رهيا هوندا آهيون:
”منجهانئن ڪي اڻ پڙهيل آهن جيڪي الله جي ڪتاب کي صرف پنهنجين خواهشن جو مجموعو سمجهن ٿا ۽ فقط پنهنجي وهم و گمان تي هلندا پيا وڃن. پوءِ هلاڪت ۽ تباهي آهي انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي (قرآن کان ٻاهر) هٿ ٺوڪي شريعت ٺاهين ٿا. پوءِ ماڻهن کي چون ٿا ته اها الله وٽان آئي آهي ته جيئن ان جي ذريعي معمولي قيمت حاصل ڪري سگهن. (البقره: 78: 79)
”پوءِ ڇا اوهان ڪتاب جي هڪ حصي تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ٻئي حصي کان انڪار ڪريو ٿا؟ پوءِ اوهان مان جيڪي ماڻهو ائين ڪن انهن جي سزا اِن کانسواءِ ڇا آهي ته دنيا جي زندگيءَ ۾ ذليل ۽ خوار ٿيندا رهن ۽ آخرت ۾ پڻ شديد عذاب ڏانهن سڏيا وڃن.“ (البقره: 85)
اسانجي ذهنن ۾ تر جيترو به شڪ نه هئڻ گهرجي ته جيستائين اسين قرآن جا گواه هئڻ جي سڀ کان اهم ذميداري ادا نٿا ڪريون جيڪا اُن جو حامل هجڻ ۽ ان کي پڙهڻ جي ڪري اسان تي عائد ٿئي ٿي، تيستائين اسين قرآن جو حق هرگز ادا نٿا ڪري سگهون. اسان جو ماڻهپو، اسان جي انساني عظمت، اسان جو خيرامت هجڻ، اسان سان استخلاف في الارض جو واعدو، اهي سڀ قرآن ۾ ٻڌايل اصولن جي نتيجي ۾ ملڻا آهن جيڪڏهن اسان اهي اتان حاصل نٿا ڪري سگهون ته پوءِ اسان کي تباهي، زوال ۽ خواريءَ کان ڪير به بچائي نٿو سگهي. اسان جي روزاني زندگين ۾ هي طرح طرح جون بي عزتيون، ذلتون، ڌڪا ٿاٻا ۽ جيڪا امن سلامتي ۽ خوشحاليءَ جي اڻهوند اسانجي حصي ۾ آئي آهي اها صرف قرآن ۽ ان جي سونپيل مشن ڏانهن اسانجي روين جي ڪري آئي آهي.
الله تعالى قرآن سان ڪن قوتن کي زوال ته ڪن کي وري عروج عطا ڪندو آهي. ”ڪاش اهي تورات، انجيل ۽ ٻين ڪتابن تي (سچائيءَ سان) قائم هجن ها جيڪي سندن رب جي طرفان انھن ڏانهن اُماڻيا ويا هئا ته ضرور انهن لاءِ مٿان رزق وسي ها ۽ هيٺان (زمين مان) نعمتون ملن ها.“ (المائده: 66)
اسين قرآن جي باري ۾ ڪيترو به اعلى علمي معيار حاصل ڪري وٺون، ان جي مڪمل ۽ حقيقي معنى سمجهڻ ۽ دريافت ڪرڻ ۾ اوستائين ڪامياب نٿا ٿي سگهون جيستائين اسين قرآن جي عملي اطاعت نٿا ڪريون.
رسول الله ﷺ جن پنهنجي صحابه ڪرام کي فرمايو: ”توهان ۾ اهڙا ماڻهو به هوندا جڏهن توهان پنهنجين نمازن جي سندن نمازن سان، پنهنجن روزن جي سندن روزن سان، پنهنجن نيڪ عملن جي سندن نيڪ عملن سان ڀيٽ ڪندؤ ته اوهان کي پنهنجا اعمال صفا اُڇاترا محسوس ٿيندا. اهي قرآن پڙهندا هوندا پر اهو سندن نڙيءَ کان هيٺ نه لهندو.“ (بخاري)