مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن جو ٻڌايل اقتصادي شعور

الله تعالى انسان کي زمين تي پنهنجو خليفو بڻايو آهي ۽ خليفو هئڻ جي حيثيت ۾ انسان الله تعالى جي منشاء ۽ حڪمت عمليءَ کي سرانجام ڏيڻ جو پابند آهي. هي حڪمت عملي الله تعالى پنهنجي رسولن جي ذريعي سندن ئي ٻوليءَ ۾ وقت بوقت دنيا جي هر ملڪ ۽ قوم جي سامهون پيش ڪئي:
” لِکُلِّ قَوْمٍ ہَادٍ ۔ “(الرعد-7)
”هر هڪ قوم جي لاءِ راهه ڏيکاريندڙ آهن. “
انسانن جي انهيءَ هدايت واري واٽ جي لاءِ ”قرآن حڪيم“ الاهي دستور جو آخري ايڊيشن آهي جنهن ۾ الله تعالى جي انهيءَ منشاء ۽ حڪمت عمليءَ جي تشريح آهي. ان تشريح ۾ سڀ کان پهريون اصول: اَلْحَمْدُ لِلہِ رَبِّ الْعَالَمِیْنَ۔ آهي. ”الله تعالى سڄي جهان وارن جي پالڻهار لاءِ سڀ ساراهه آهي.“
پالڻهاريءَ جو مفهوم ۽ خلافت جي ذميواري:
پالڻهاريءَ جو مفهوم هي آهي:
هُوَ انشاءُ الشيءِ حالا فحالا الي حدالتمام
”ڪنهن شيءِ جي ان جي مختلف حالتن ۽ ضرورتن مطابق محبت ۽ شفقت سان اهڙي طرح پال پوس ڪندو رهڻ جو اها پنهنجي توڙ واري حد تي پهچي وڃي.“
(مفردات امام راغب اصفهاني)
هتان هيءَ حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي ته ربوبيت يا پالڻهاريءَ جو مفهوم صرف اسباب مهيا ڪرڻ تائين ختم نٿو ٿي وڃي بلڪه اسباب جي تنظيم جوڙي هلائڻ جو نظام به ان ۾ داخل آهي. انسان جيئن ته خليفو آهي، انهيءَ ڪري خليفي هئڻ جي حيثيت ۾ اهڙو نظام حيات قائم ڪرڻ جو پابند آهي، جنهن ۾ صرف الله جي حڪمت عملي جو عڪس نظر ايندو هجي. خليفو هن ڳالهه جو به پابند آهي ته جيڪي پيداواري وسيلا سڀني انسانن جي گڏيل ميراث ڪري پيدا ڪيا ويا آهن ” خَلَقَ لَکُمۡ مَّا فِی الۡاَرۡضِ جَمِیۡعًا “(البقره: ٢٩) هو انهن جي تقسيم جي نظام جو اهڙو بندوبست ۽ نگراني ڪري، جنهن سان ڪي طاقتور ماڻهو يا طبقا ڪمزور ماڻهن يا طبقن جو حق غضب ڪري نه سگهن. قرآن حڪيم ۾ جهڙي طرح زمين جهڙي بنيادي پيداواري وسيلن کي الله تعاليٰ پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو آهي ته ”ان لاءِ جيڪو پاڻي موڪليون ٿا سو اسان ٿا موڪليون. ءَاَنۡتُمۡ اَنۡزَلۡتُمُوۡہُ مِنَ الۡمُزۡنِ اَمۡ نَحۡنُ الۡمُنۡزِلُوۡنَ ( واقعه: ٦٩) يا جيڪا ”زمين ۾ اوڀڙ جي صلاحيت آهي اها به اسان جي تخليق ڪيل آهي.“ ءَاَنۡتُمۡ تَزۡرَعُوۡنَہٗۤ اَمۡ نَحۡنُ الزّٰرِعُوۡنَ (پارو ٢٧؛ آيت واقعه: ٦٤) انهيءَ بنياد تي زرعي زمين به الله جي آهي ۽ اها سڀني انسانن جي گڏيل افادي لاءِ آهي. هاڻي خليفي جو ڪم آهي ته هو زمين جي تقسيم ۽ استفادي جو اهڙو نظام رکي جنهن ۾ سرمائي يا طاقت جي بنياد تي ڪو به ماڻهو پنهنجي آبادي ڪرڻ جيتري حق کان وڌيڪ پاڻ وٽ قبضي ۾ نه آڻي سگهي. عليٰ هٰذالقياس قدرت جا پيدا ڪيل سڀئي پيداواري وسيلا انسانن جو مشترڪه سرمايو آهن ۽ ان ۾ سڀني کي برابر جي استفاديءَ جو استحقاق آهي، باقي ان مهيا وسيلن مان فائدو حاصل ڪرڻ جو نتيجو انسان جي پنهنجي محنت تي آهي. الله جيڪو ڪجهه ڏئي ٿو اهو مقرر نظام ۽ عدل سان ڏئي ٿو. جيئن پنهنجي رحمت سان وسڪارو ڪري ٿو ته سڀني لاءِ پاڻي وسائي ٿو پر ان جو فائدو اهو هاري وڌيڪ بهتر حاصل ڪري سگهندو جنهن اڳواٽ محنت ڪري زمين کيڙي ان ۾ ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. اهڙي طرح هر ماڻهو پنهنجي صلاحيت جي مطابق هڪ نظام هيٺ ان مان استفادو حاصل ڪري سگهي ٿو.
قرآن حڪيم ۾ فرمايو ويو آهي:
اِنَّا کُلَّ شَيءِ خَلَقۡنٰهُ بِقَدۡر (القمر-49)
”بيشڪ، اسان سڀ ڪنهن شيءِ کي ان جي اندازي سان پيدا ڪيوآهي. “
هتان هيءَ ڳالهه به چٽي طرح واضح آهي ته ربوبيت جو مفهوم ڪنهن خاص شعبي جي حيات لاءِ مخصوص ڪونهي بلڪه ان ۾ ذهني ۽ جسماني، روحاني ۽ سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي مطلب ته هر قسم ۽ هر شعبي جي ترقي ۽ اوسر ان ۾ شامل آهي. انهيءَ ڪري رب العالمين جي خليفي لاءِ سندس انتهائي وسعت جي حد تائين اهڙو نظام قائم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن سان تربيت ۽ پالنا توڻي ترقي ۽ سلامتي جو نظام هڪجهڙن ڪائناتي ۽ عالمگير اصولن تي هجي. اهڙي طرح جنهن وقت به جهڙيون ضرورتون هجن، تن سڀني جي پٽاندر هجي، تان ته ڪنهن به مذهب ۽ ملت جي فرق کانسواءِ سڀني کي هڪجهڙا ذريعا ۽ موقعا حاصل ٿي سگهن ۽ ان مان هڪ مقرر نظام ۽ عدل هيٺ پنهنجي پنهنجي صلاحيتن پٽاندر سڀ ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
حقيقت ۾ انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ ئي هن جهان جون اصل جوڙون جوڙيندڙ زمين ۽ آسمان جي هر شيءِ انسان جي لاءِ مسخر ڪئي آهي ۽ سڄي مخلوق کان ان کي تڪريم وارو بڻائي هيءَ خلافت واري ”امانت“ کيس سپرد ڪئي آهي:
وَسَخَّرَ لَکُم مَّا فِیْ السَّمَاوَاتِ وَمَا فِیْ الْاَرْضِ جَمِیْعاً مِّنْہُ (الجاثيه-13)
”۽ جيڪي آسمان ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي لاءِ ڪم ۾ لاتو اٿس.“
اِنَّا عَرَضْنَا الْاَمَانَۃَ عَلَی السَّمَاوَاتِ وَالْاَرْضِ وَالْجِبَالِ فَاَبَیْنَ اَنۡ یَحْمِلْنَہَا وَاَشْفَقْنَ مِنْہَا وَحَمَلَہَا الْاِنسَانُ (الاحزاب-72)
”بيشڪ، اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان امانت کي آندو. پوءِ انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو.“
خلافت امانت آهي ۽ خليفو امين الله:
انهيءَ بنياد تي خلافت نج امانت هوندي ۽ خليفو امين الله هوندو. خلافت هر حيثيت ۾ سڀني امانتن جي سنڀال ۽ نگراني ڪندي ۽ انهن کي اهڙي طرح تنظيم ۽ تقسيم ۾ آڻيندي جو اها مخلوق جي لاءِ الله تعالى جي صفت ”رزاقي“ جو مظهر بڻجي پوي.
اِنَّ اللہَ یَاْمُرُکُمْ اَن تُؤَدُّوۡا الاَمَانَاتِ اِلَی اَہْلِہَا وَاِذَا حَکَمْتُمۡ بَیْنَ النَّاسِ اَن تَحْکُمُوۡا بِالْعَدْلِ
(النساءِ-58)
”بيشڪ، الله اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته امانتون سندن مالڪن کي پهچائي ڏيو ۽ (حڪم ڪري ٿو ته) جڏهن اوهين ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريو ته انصاف سان فيصلو ڏيو.“
وَاَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسْتَخْلَفِیْنَ فِیْہِ (الحديد-7)
”۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.“
ڇاڪاڻ ته خلافت الاهي ۾ هر شيءِ جو حقيقي مالڪ الله آهي انهيءَ ڪري قرآن جي روءِ سان مملڪت جون سڀ شيون ماڻهن کي فقط ”امانت“ جي طور تي استعمال لاءِ ڏنيون وڃن ۽ هر فرد جي حيثيت ”امين“ واري هجي. انهيءَ قسم جي نظام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ خلافت جي سامهون هڪڙا طئي ٿيل مقصد هوندا ۽ ٻيا انهن مقصدن جا طريقي ڪار هوندا. مقصد قرآن مقرر ڪري ڇڏيا آهن ۽ طريقي ڪار رياست هر دور ۾ پنهنجي موجود حالتن پٽاندر جوڙيندي. قرآن جا اهي مقرر ڪيل مقاصد هي آهن ته جهڙي طرح الله پنهنجي سڄي مخلوق جي لاءِ رزق جي بخشش عام ڪئي آهي ۽ ان جي تقسيم واري نظام ۾ ڪنهن کي خاص بنائڻ ۽ ترجيح ڏيڻ جي صورت پيدا نٿي ٿئي، بلڪل ساڳي طرح رياست جو فرض آهي ته اها الله جي مخلوق لاءِ رزق جي وسيلن جي ضرورتن پٽاندڙ عدل سان اهڙي طرح تقسيم ڪري جو مرتبي، مذهب ۽ نسل جو فرق به ان جي آڏو نه اچي. ساڳي وقت ان جو هي به فرض آهي ته اها انسانن جي لاءِ انهن ڪيل محنت ۽ سعيي جو محنتاڻو به نظر انداز نه ڪري ته جيئن ترقيءَ جي لاءِ انساني مهارتن مان وڌ ۾ وڌ فائدو سماج کي رسي سگهي.
جهڙي طرح الله پنهنجي سڄي مخلوق جي رزق جو ذميوار آهي ۽ رزق جي ذريعن جو سڄو ڦهلاءُ سندس قدرت آهي، بلڪل اهڙي طرح رياست جو فرض بڻبو ته اها عوام جي مفاد کي سامهون رکندي سندن ضرورتن ۽ مصلحتن پٽاندڙ رزق جي ذريعن جي تنظيم ۽ تقسيم ڪري. اهڙي طرح الله جي مخلوق جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري پنهنجي ذميدارين کي نڀائي.
وَمَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِیْ الاَرْضِ اِلاَّ عَلَی اللہِ رِزْقُہَا (هود-6)
”۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن جي روزي الله جي ذمي نه هجي.“
پيداوار جي ذريعن جي تقسيم ڪيئن ٿئي؟
رهيو طريقي ڪار جو مسئلو ته ان مقصد تائين پهچڻ جو ڪهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي؟ انهيءَ سلسلي ۾ رياست جي سامهون ٻه ڳالهيون اهم هجڻ گهرجن.
1- پيداواري ذريعن جو نظام. 2- پيداوار جي تقسيم. ڇاڪاڻ ته مقصد متعين آهن، تنهن ڪري انهن مقصدن کي سامهون رکي اهڙو نظام جوڙيو وڃي جو لازمي طرح الله جي مخلوق کي رزق طيب مهيا ٿي سگهي. پوءِ ڀلي پيداوار جا ذريعا فردن جي حوالي هجن يا جماعتن جي حوالي. البت ان ۾ رڳو هيءَ ڳالهه بيحد ضروري آهي ته انهن فردن توڙي جماعتن جي لازمي طور تي هڪ ”امين“ واري حيثيت هجي. انهن کي به تيستائين ان امانت سنڀالڻ جو حق حاصل هوندو جيستائين اهي مٿي ڄاڻايل مقصدن جي حاصلات لاءِ رياست جو هٿ ونڊائيندا رهندا. ٻي صورت ۾ رياست ان مقصد لاءِ هر اصلاح ڪرڻ جي مجاز آهي. جيڪڏهن ڪٿي اها ذميواري رياست ادا نٿي ڪري ته پوءِ الله جا مڃيندڙ پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي حيثيت ۾ اهي ذميواريون نڀائيندا ۽ گڏوگڏ اهڙي نظام جي قيام لاءِ جاکوڙيندا جنهن سان رياست، الله جي فرمانبرداري ۽ رزق جي تقسيم جي ذميوار بڻجي.
پيداوار جا ذريعا عام ڀلي لاءِ آهن:
بهرحال هي هڪ طئي ٿيل ڳالهه آهي ته خلافت الاهي ۾ پيداوار جا ذريعا ذاتي وقار ۽ اقتداري سگهه وڌائڻ جي لاءِ نه هوندا آهن ۽ نه اِن لاءِ هوندا آهن ته انهن جي بنياد تي ڪوبه اڪيلو ماڻهو يا جماعت رزق جي وسيلن تي قابض ٿي ڪمزورن کي پنهنجي غلاميءَ تي مجبور ڪري سگهن. جيڪڏهن الله جي قانونن کي ٽوڙي ڪنهن سماج ۾ فردن يا جماعتن ايئن ڪيو آهي ته پوءِ الله تعالى اهڙن ماڻهن ۽ وستين کي هلاڪت ۽ تباهيءَ ۾ وڌو آهي:
وَکَمْ اَہْلَکْنَا مِنۡ قَرْیَۃٍ بَطِرَتْ مَعِیْشَتَہَا (القصص-58)
”۽ ڪيترائي ڳوٺ اسان برباد ڪيا جيڪي پنهنجي گذران ۾ حد کان لنگهي ويا.“
فَلَمَّا نَسُوۡا مَا ذُکِّرُوۡا بِہٖ فَتَحْنَا عَلَیْہِمْ اَبْوَابَ کُلِّ شَیْءٍ حَتَّی اِذَا فَرِحُوۡا بِمَا اُوۡتُوۡا اَخَذْنَاہُمۡ بَغْتَۃً فَاِذَا ہُمۡ مُّبْلِسُونَ۔ (الانعام-44)
”پوءِ کين جيڪا نصيحت ڪئي وئي تنهن کي انهن جڏهن ڀُلائي ڇڏيو تڏهن اسان مٿن سڀ ڪنهن شيءِ جا دروازا کوليا. تان جو جيڪي (رزق جا وسيلا) کين ڏنا ويا تنهن سان جنهن وقت خوش ٿيا تڏهن اسان انهن کي اوچتو پڪڙيو ۽ پوءِ اهي اتي جو اتي (هن دنيا ۾ ئي) نااميد ٿيا. “
وَاِذَا اَرَدْنَا اَنۡ نُّہْلِکَ قَرْیَۃً اَمَرْنَا مُتْرَفِیْہَا فَفَسَقُوۡا فِیْہَا فَحَقَّ عَلَیْہَا الْقَوْلُ فَدَمَّرْنَاہَا تَدْمِیْراً۔ (بني اسرائيل-16)
”۽ جڏهن به اسان ڪنهن وستيءَ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن ماڻهن کي حڪم ڪيوسون، پوءِ انهن (رزق جي وسيلن ورهائڻ) ۾ نافرماني ڪئي، پوءِ ان وستيءَ تي عذاب جي ڳالهه ثابت ٿي، پوءِ اسان ان کي چڱيءَ طرح نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو.“
هتي هيءَ ڳالهه به واضح ٿيڻ کپي ته خلافت الاهي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي ملڪيت جي به ڪا اهميت ڪونهي، اصل شيءِ مقصد آهي. جيڪڏهن فردن ۾ تقسيم ڪرڻ سان هي مقصد حاصل ٿي وڃي ٿو ته پيداوار جا ذريعا فردن ۾ تقسيم ڪيا ويندا پر جيڪڏهن اجتماعي طور تي ڪم يا پوک ڪرائڻ ۾ عام ماڻهن جو نفعو هجي ته ان کان به ڪا روڪ ٽوڪ ناهي.
حقيقت هي آهي ته اسلام خدمت خلق تي وڌيڪ زور ڏئي ٿو. ان جي نظر ۾ فرضن جي اهميت وڌيڪ آهي، حق انهيءَ سان پاڻهرتو لاڳاپيل آهن. يعني جهڙيءَ طرح اسلام جي عدالت مان هر شخص کي هي حق ملي ٿو ته هو زنده رهي ۽ زندگيءَ جي ضرورتن مان نفعو حاصل ڪري، ان کان وڌيڪ هن ڳالهه جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته هو ٻين کي به زنده رهڻ ڏئي ۽ ايثار ۽ قرباني ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍي وڃڻ جي ڪوشش ڪري.
ملڪيت جي مسئلي جو غلط تصور:
بدقسمتيءَ سان دولتمندن، تاريخ جي هر دور ۾ مذهبي پيشه ورن جي سهڪار سان پيداواري ذريعن جي انتظام ڪاريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت ذاتي ملڪيت جي مسئلي کي ڏني آهي. عام اشياءَ جي ملڪيت کي انسانن جي اجتماعي وسيلن تائين وسيع ڪيو ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ انفرادي ۽ اجتماعي مسئلا ايڏا ڳنڀير بڻجي ويا آهن جو انهن انسانن کي پنهنجي اصل مقصد کان ڪوهين پري ڪري ڇڏيو آهي ۽ الله جي مخلوق جي حقيقي خوشحالي ۽ بحال ڪاري انهيءَ ڇڪتاڻ جي ور چڙهي وئي آهي. ذاتي ملڪيت جي انهيءَ غلط تصور، گهڻو ڪري اهڙا انسانيت دشمن نتيجا پيدا ڪيا آهن جو هڪ طرف گهر ويٺي بنا محنت، دولت ۽ عياشي جي سامان جي گهڻ ٿي وئي آهي ۽ ٻئي طرف محنت ۽ مشقت جي باوجود غربت ۽ مفلسيءَ جا ڇرڪائيندڙ منظر عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
امير جي امير تر ٿيڻ ۽ غريب جي غريب تر ٿيڻ جي ڪري انسانيت جو بيحد نقصان ٿئي ٿو. هڪ طرف دولت ۽ عياشيءَ جي سامان جي گهڻ ٿيڻ جي ڪري انفرادي زندگيءَ ۾ انسانن کي پنهنجي شخصيت جي تڪميل ۽ تزڪيي واري زندگيءَ کان محرومي ملي رهي آهي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ مسلمانن کي سڄي انسانيت جي لاءِ مثالي نموني جو جيڪو ڪردار ادا ڪرڻو هو، ان جي محرومي پلئه پئجي رهي آهي. اهڙي طرح هڪ طرف الله تعاليٰ مومنن سان جيڪو انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو هو ته ان جي بدلي ۾ کين جنت عطا ڪندو، ان سودي جو انحراف ٿي رهيو آهي. ٻئي طرف وري غربت ۽ مفلسيءَ جي ڪري ماڻهن جو وڏو تعداد پاڻ ۾ اعليٰ انساني قدر پيدا ڪرڻ جي محروميءَ جي نتيجي ۾ پنهنجي خلقڻهار سان پنهنجو تعلق جوڙي رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيو آهي.
ملڪيت بابت اسلام جو نظريو:
اسلام هن مسئلي کي هڪ ئي لفظ ”خلافت“ سان طئي ڪري ڇڏيو آهي. زمين ۽ آسمان جي هر شيءِ جو حقيقي مالڪ الله تعالى آهي ۽ زمين آسمان جون سڀ شيون ”خليفي“ جي حيثيت ۾ انسان کي ”امانت“ طور استعمال لاءِ ڏنيون ويون آهن. اهڙي طرح هر ”امين“ کي ان جي استعمال جو حق ان وقت تائين آهي جيستائين انهيءَ سان عام ڀلي واري مقصد ۾ خلل پوڻ جو انديشو نه هجي. ٻي صورت ۾ خلافت کي ان جو جائز حق ڇڏي باقي مال ۾ هر تصرف جو اختيار ڏنو ويو آهي. يعني رياست بگڙيل مالي نظام کي سنوارڻ جو هر قسم جو اختيار رکي ٿي.
ثُمَّ جَعَلْنَاکُمْ خَلاَئِفَ فِیْ الاَرْضِ مِنۡ بَعْدِہِمۡ لِنَنۡظُرَ کَیْفَ تَعْمَلُوۡنَ۔ (يونس -14)
”وري اسان اوهان کي انهن کانپوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو ته ڏسون اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪريو ٿا.“
وَاَنۡفِقُوۡا مِمَّا جَعَلَکُمۡ مُّسْتَخْلَفِیْنَ فِیْہِ (الجديد-7)
”۽ ان (مال) مان خرچ ڪريو، جنهن ۾ اوهان کي پنهنجو نائب ڪيو اٿس.“
ظاهر آهي خرچ ڪرڻ جو خدا جي پاران استخلاف ملڻ يعني ڌرتيءَ تي نائب هجڻ جو مقصد ئي ان مال جي ورهاست جو هڪ منصفاڻو نظام جوڙڻ آهي.
اِنَّ اللہَ اشْتَرٰی مِنَ الْمُؤْمِنِیۡنَ اَنۡفُسَہُمْ وَ اَمْوَالَہُمۡ بِاَنَّ لَہُمُ الۡجَنَّۃَ
”الله تعاليٰ مومنن سان انهن جي جانين ۽ مالن جو سودو ڪري ڇڏيو آهي، هن جي بدلي ۾ نه انهن لاءِ جنت آهي.“
سودي ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي ملڪيت مطلق رهندي آهي، بلڪه اها سودي ڪرڻ واري جي مرضيءَ تي اڪلاءَ ۾ ايندي آهي.
ان ڪري هيءَ ڳالهه طئي آهي ته اسلام ۾ ملڪيت کي استعمال جو ۽ ان مان نفعي وٺڻ جو ايترو ئي حق محدود رکيو ويو آهي. ان ڪري اسلام ۾ جتي به شخصي ۽ اجتماعي ملڪيت جو ذڪر آهي، ان مان ڄاڻايل قسم جي ملڪيت ئي مراد آهي. باقي جيڪي ملڪيت جا ٻيا تصور اسلام جي نالي سان پيش ڪيا وڃن ٿا سي پيشه ور مذهبي ماڻهن پنهنجي حياتيءَ جي ٿورڙي نفعي لاءِ غاصب حڪمرانن کي جوڙي ڏنا آهن. (وَاشۡتَرَوۡ بِہٖ ثَمَنًا قَلِیۡلًا) اهي تصورات اسلامي اقتصاديات جي سرمائيداراڻي تشريح (Capitalist Economic Interpretation) آهن، جيڪا سراسر قرآن جي تعليم ۽ الله تعالى جي منشا جي خلاف ورزي آهي.
قرآن سرمائي جو بنياد محنت کي بيهاري ٿو.
قرآن حڪيم انسان کي لهڻيدار ان شيءِ جو ئي ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس محنت شامل آهي. لَیْسَ لِلِاْ نْسَان اِلَّا مَاسَعَیٰ۔ انسان جي لاءِ اهو ئي آهي جنهن لاءِ هُن محنت ڪئي آهي. اهڙي طرح سان سرمايو جيئن ته ليکو لهڻو آهي، ان ڪري ان جو بنياد به محنت ئي آهي، پوءِ اها جسماني محنت هجي توڙي ذهني مشقت واري محنت، اهڙي ئي بنياد تي قرآن ڪاروبار ۾ حلال ڪمائي جو بنياد بيع يعني واپار تي رکيو آهي جو ان ۾ ماڻهوءَ جي مشقت شامل آهي. پر جي ان ۾ سود يعني عدم محنت جي ڪا به شڪل شامل ٿيندي ته ان کي حرام قرار ڏنو ويو. اَحَلَّ اللھُ الْبَیْعَ وَحَرَّمَ الرِّبٰو۔ الله اوهان جي لاءِ واپار کي حلال ڪيو آهي ۽ ربا يعني سود کي حرام بڻايو آهي. هاڻي قرآن جي ٻڌايل هن چٽي اقتصادي اصول کي سڀني اقتصادي پهلوئن تي منطبق ڪبو. پوءِ جتي به محنت شامل نه هوندي اتي ان ڪمائي کي سود وانگر حرام سمجهبو. ۽ جتي ماڻهوءَ جي جسماني محنت ۽ ذهني مشقت موجود هوندي ته ان ڪمائيءَ کي بيع وانگر حلال سمجهبو. مزارعت ۽ مضاربت وغيره ۾ به جيڪڏهن ڪو ماڻهو سرمائي جي بنياد تي سرمايو ڪمائيندو ته انهيءَ جي لاءِ اهو حرام ٿيندو.