اعتماد ۽ ڀروسو
توهانجو ارادو ۽ ڪوشش اڻٽر ۽ اولين ذريعا آهن. ان کانپوءِ الله جي مدد ۽ توفيق يقيني ضمانت آهي، جنهن سان توهان پنهنجو رستو ڪاميابي ۽ خوش اسلوبيءَ سان طئي ڪري سگهو ٿا. سچي مومن جي حيثيت سان توهان کي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ الله تي ڀروسو رکڻ گهرجي. الله ۽ قرآن کان وڌيڪ اهم شيءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ قرآن لاءِ توهان جيتري قدر ڪري رهيا آهيو ان تي فخر نه ڪريو. پنهنجين ڪمزورين ۽ الله تعالى جي مقرر ڪيل حدن کي هميشه نظر ۾ رکو. قرآن ڏانهن ويندي الله تعالى جي رضا جو حصول ئي ذهن ۾ هئڻ گهرجي. اِنهي مقصد جي لاءِ توهان جيڪو به ڪم شروع ڪريو، اهو نياز نوڙت ۽ خدا تي مڪمل اعتماد ۽ ڀروسي واري احساس سان شروع ڪريو. هر وک تي الله جي مدد ۽ سهارو طلبيندا رهو.
سمجهي پڙهڻ
هيءَ اهم ڳالهه پڻ هر وقت مدنظر رکڻي آهي ته توهان جيترو به قرآن پڙهي رهيا آهيو، ان کي سمجهڻ لاءِ توهان کي پنهنجي شخصيت کي ان ۾ عملي طور پوري طرح شامل ڪرڻو پوندو. ان عمل ۾ اوهان جي اندر جي انسان جي شموليت سڀ کان اهم ۽ اثرائتو ذريعو ڄاڻڻ گهرجي.
توڙي جو ڪنهن جي دل تائين قرآن جي رسائيءَ جي لاءِ لازماً اها خبر هئڻ گهرجي ته قرآن کيس ڇا چئي رهيو آهي پر اهو اهڙو اڻٽر شرط ڪونهي جو ان کان سواءِ انسان، قرآن جي برڪتن مان ڪو لاڀ حاصل ڪري ئي نه سگهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي قرآن جو هر لفظ سمجهن ٿا پر سندن دلين جا در قرآن لاءِ بند آهن. ڪي وري اهڙا به آهن جيڪي ان جو هڪ لفظ به نٿا سمجهن پر اهي الله سان تعلق، محبت، قرب، اطاعت ۽ پاڻ ارپڻ جي روح پرور ڪيفيت سان سرشار هوندا آهن. ائين ڇو آهي؟ ان ڪري جو قرآن سان تعلق جو دارومدار تڙپ ۽ جستجوءَ تي آهي ۽ سندن دليون ان کان خالي نه هونديون آهن. پوءِ به ان سان، قرآن جي ڏنل پيغام کي سمجهڻ جي بي انتها اهميت تر جيتري به نٿي گهٽجي.
هتي اسين ”سمجهڻ“ جو لفظ هِن مفهوم ۾ استعمال ڪري رهيا آهيون ته لفظن جي مطلب جي خبر هجي. غور و فڪر، تدبر، معنى تائين پوري رسائي، صورتحال تي ان کي لاڳو ڪرڻ، اهو سڀ ان ۾ شامل آهي.
قرآن جي سمجهه حاصل ڪرڻ واري سفر دوران جيڪڏهن توهان پهرئين ئي ڏاڪي تي پاڻ کي پوري طرح اُن الله جي حوالي ڪري پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ ۽ زندگيءَ جي نئين سر تعمير جي شروعات نٿا ڪريو، جنهن اوهان کي قرآن ڏنو آهي ته پوءِ قرآن جي مطالعي مان توهانکي صفا ٿورڙو فائدو ٿيندو. جيڪڏهن عمل جي لاءِ ارادي جي قوت ۽ جاکوڙ جو جذبو ڪونهي ته پوءِ قلبي ڪيفيتن، روح جي وجد آفريني ۽ علم ۾ اضافي سان اوهانکي ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن قرآن اوهان جي ڪردار تي اثرانداز نٿو ٿئي، اوهان اُن جي حڪمن جي پيروي نٿا ڪريو ۽ جن ڳالهين کان اهو روڪي ٿو انهن کان نٿا رڪجو ته پوءِ سمجهي ڇڏيو ته توهان قرآن کي ويجها نه پيا ٿيو.
قرآن جو هر لفظ اطاعت، عمل ۽ تبديليءَ جي دعوت آهي. اُن جا حڪم نه مڃڻ وارن کي ڪافر، ظالم ۽ فاسق چيو ويو آهي. (المائده: 44-47)
الله جو ڪتاب هوندي به ان کي نه سمجهڻ ۽ ان تي عمل نه ڪرڻ وارن کي اهڙا گڏهه قرار ڏنو ويو آهي جن تي بار لڏيل آهي پر جيڪو ڪجهه مٿن لڏيل آهي، نه اُن جي باري ۾ ڪا خبر اٿن ۽ نه وري اُن مان ڪو فائدو حاصل ڪري ٿا سگهن.(الجمعه:5)
”اِهي اُهي ماڻهو آهن جن جي خلاف رسول الله ﷺ قيامت ڏهاڙي دانهيندو ته: اي منهنجا پالڻهار، منهنجي قوم هِن قرآن کي ڪُنڊائتو ڪري ڇڏيو هو.“ (الفرقان:30)
قرآن کي وساري نظرانداز ڪري ڇڏڻ يا ڪُنڊائتو ڪري ڇڏڻ جو مطلب آهي اُن کي نه پڙهڻ، نه سمجهڻ ۽ اُن مطابق زندگي نه گذارڻ ۽ قرآن کي پراڻي دؤر جو اهڙو قصو سمجهڻ جنهن جو هاڻ ڪوبه ڪارج نه رهيو هجي. الله جي رسولﷺ قرآن جي پيرويءَ تي زور ڀرڻ لاءِ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. پاڻ فرمايائون:
”منهنجي اُمت جا گهڻا منافق قرآن پڙهندڙن منجهان هوندا.“ (مسند احمد)
”اهو شخص قرآن جو سچو پيروڪار نٿو ٿي سگهي جيڪو اُن جي حرام ڪيل کي حلال سمجهي.“ (ترمذي)
”قرآن جي تلاوت ڪريو تان ته جنهن کان اهو روڪي ٿو ان کان رڪجو. جيڪڏهن هيءُ توهان کي اِن قابل نه بڻائي جو توهان رُڪجي وڃو ته ائين سمجهو اوهان ان جي حقيقي معنى ۾ تلاوت نه ڪئي آهي.“ (طبراني)
صحابين سڳورن لاءِ قرآن سکڻ جو مطلب ان کي پڙهڻ، ان تي غور و فڪر ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ هوندو هو. روايت آهي ته ”جيڪي ماڻهو قرآن پڙهڻ ۾ مشغول هئا، ٻڌائين ٿا ته عثمان ابن عفان ۽ عبدالله بن مسعود جهڙا ماڻهو جڏهن هڪ ڀيرو رسول الله ﷺ کان ڏهه آيتون سکي وٺندا هئا ته جيستائين انهن آيتن ۾ علم ۽ عمل جي حوالي سان جيڪو ڪجهه هوندو هو، ان کي واقعي پِرائي پروڙي نه وٺندا هئا، تيستائين اڳتي نه وڌندا هئا. ٻڌائيندا هئا ته هُنن قرآن ۽ عمل گڏوگڏ سکيو آهي. اهڙي ريت ڪڏهن ته اهي صرف هڪ سورت سکڻ ۾ ڪيترائي سال لڳائي ڇڏيندا هئا.“ (سيوطيِ: الاتقان في علوم القرآن)
قرآن جي مطالعي سان اوهانجي دل ۾ ايمان پيدا ٿي وڃڻ گهرجي. انهيءَ ايمان مطابق اوهان جي زندگيءَ کي شڪل ملڻ. اهو ڪو اهڙو اينگهائيندڙ مرحليوار عمل ڪونهي جو توهان پهريان ڪيترائي سال قرآن پڙهڻ ۾، پوءِ ان کي سمجهڻ ۾، پوءِ ايمان مضبوط ڪرڻ ۾ لڳايو ۽ ان کان پوءِ ان تي عمل ڪريو. جڏهن توهان الله جو ڪلام ٻڌو ٿا يا ان جي تلاوت ڪريو ٿا ته توهان ۾ ايمان جي چڻنگ دُکي پوي ٿي. جڏهن ايمان اندر ۾ اوتارو ڪري ٿو ته زندگي بدلجڻ شروع ٿي وڃي ٿي. توهان کي هيءَ ڳالهه ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته قرآن مطابق زندگي گذارڻ جي سڀ کان اولين ۽ بنيادي تقاضا هيءَ آهي ته توهان اهم فيصلو ڪريو، توهان ئي سڀ کان وڏو قدم کڻو. ٻيا ماڻهو جيڪو وڻينِ سو ڪن، معاشري جا مطالبا ڪهڙا به هجن، توهان جي آسپاس جيڪي به سوچون ۽ خيال حاوي هجن، پر توهانکي پنهنجي زندگيءَ جو گس مڪمل طور تبديل ڪرڻو آهي. اهو فيصلو وڏيون قربانيون ٿو گهري پر جيڪڏهن توهان قرآن کي خدا جو ڪلام مڃي اُن تي ايمان آڻي ميدان ۾ نڪري پوڻ لاءِ تيار نه آهيو ته پوءِ جيڪو وقت قرآن سان گذاريو پيا، ان جو ڪو بهتر نتيجو سامهون ڪونه ايندو.
شروع ۾ ئي اهو واضح ڪيو ويو آهي ته قرآن صرف انهن ماڻهن لاءِ هدايت آهي جيڪي ماڻهو آدم جي تخليقي مقصد ”آدميت“ سان جيئڻ گهرن ٿا ۽ جيڪي ماڻهو خدائي قانونن جي خلاف زندگي گذارڻ جي هاڃيڪارين ۽ ان جي مڪافات عمل واري ڏمر کان بچڻ خاطر عمل لاءِ تيار آهن ۽ اهي ئي متقي آهن (البقره 1-5) قرآن علم ۽ عمل ۽ ايمان ۽ صالح عملن جي وچ ۾ ڪابه دُوري ۽ فاصلو تسليم نٿو ڪري.