سماج جو چوٿون ايڪو: بين الاقواميت
اقوام:
الله تعالى کي جهڙيءَ ريت پنهنجن ٻانهن جي انفرادي غلامي، استحصال ۽ غير الله جي ٻانهپ پسند ناهي، اهڙيءَ طرح انسانن جي منظم ترين اجتماع ”قوم“ جي غلامي ۽ استحصال پڻ هرگز منظور ڪونهي. تنهنڪري طاقت ۽ ڏاڍ جي بنياد تي جڏهن به انسانن کي محڪوم بڻايو ويو آهي ته الله تعالى ڪن لاءِ ڪن جي ذريعي مدافعت ڪرائي قومن جي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جا اسباب ٺاهيا آهن. قرآن حڪيم ۾ چيو ويو آهي:
الَّذِیۡنَ اُخْرِجُوۡا مِنۡ دِیَارِہِمْ بِغَیۡرِ حَقٍّ اِلَّاۤ اَنۡ یَّقُوۡلُوۡا رَبُّنَا اللہُؕ وَلَوْلَا دَفْعُ اللہِ النَّاسَ بَعْضَہُمۡ بِبَعْضٍ لَّہُدِّمَتْ صَوَامِعُ وَ بِیَعٌ وَّ صَلَوٰتٌ وَّ مَسٰجِدُ یُذْکَرُ فِیۡہَا اسْمُ اللہِ کَثِیۡرًاؕ وَ لَیَنۡصُرَنَّ اللہُ مَنۡ یَّنۡصُرُہٗؕ اِنَّ اللہَ لَقَوِیٌّ عَزِیۡزٌ ﴿۴۰﴾ (الحج-40)
”جيڪي ماڻهو پنهنجي وسندين مان ناحق تڙيا ويا، توڻي جو اهي پنهنجي الله کي پنهنجو پالڻهار مڃيندڙ هئا ۽ (ڏسو) جيڪڏهن الله ڪن ماڻهن جي هٿان ڪن ماڻهن جي مدافعت نه ڪرائيندو رهي ها. (۽ هڪ گروهه کي ٻئي گروهه تي ظلم ۽ تشدد جي کلي ڇُوٽ ڏيئي ڇڏي ها) ته ڪنهن قوم جي عبادتگاهه زمين تي محفوظ نه رهي ها. خانقاهون، گرجا، عبادتگاهون، مسجدون جن ۾ ڪثرت سان الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، سڀ ڪڏهن جو ڊاهي ڇڏيا وڃن ها. (پر ياد رکو ته) جيڪو به الله جي واٽ جي حمايت ۾ هوندو تنهن جي الله به ضرور مدد ڪندو. پڪ سان هو بيحد سگهارو ۽ سڀني تي غالب آهي.“
قرآن حڪيم تمدني زندگيءَ ۾ قومن جي سڃاڻپ ۽ تعارف سان گڏ کين عدل ۽ انصاف تي عمل پيرا رهڻ جو تاڪيد ڪيو آهي ته ڪنهن به طرح سندن خواهشن، سندن مفادن ۽ سندن ضرورتن جي طلب ان حد تائين نه پهچي وڃي جو هُو ٻين قومن سان انصاف ڪرڻ ڇڏي ڏين. تنهنڪري فرمايو ويو:
وَلَا یَجْرِمَنَّكُمْ شَنَاٰنُ قَوْمٍ عَلٰۤی اَلَّا تَعْدِلُوۡاؕ اِعْدِلُوۡا۟ ہُوَ اَ قْرَبُ لِلتَّقْوٰی۫ وَاتَّقُوا اللہَ۫ اِنَّ اللہَ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ ﴿۸﴾ (مائده-8)
”۽ (ڏسو!) ائين ڪڏهن نه ٿئي جو ڪنهن قوم جي دشمني توهان کي هن ڳالهه تي نه اُڀاري ته (ساڻن) انصاف نه ڪريو. (هرحال ۾) انصاف ڪريو، اها ئي تقوى سان ٺهڪندڙ ڳالهه آهي. ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. توهان جو ڪجهه ڪريو ٿا هو ان جي خبر رکندڙ آهي.“
ملت:
دين الاهيءَ جو بنياد انسان ذات جي هيڪڙائي ۽ ڀائپي آهي. الله تعالى جا جيترا به رسول دنيا ۾ آيا سڀني اِها تعليم ڏني هئي ته توهان اصل ۾ هڪ امت آهيو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار هڪ ئي آهي. تنهنڪري توهان سڀني کي کپي ته انهيءَ هڪ پروردگار جي بندگي ڪريو.
قرآن حڪيم چوي ٿو ته شروعات ۾ سڀ انسان قدرتي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ انهن ۾ نه ڪنهن قسم جو اختلاف هو نه ڪو جهڳڙو. پوءِ ائين ٿيو ته انساني نسل جي گهڻائي، معيشت جي ضرورتن جي وسعت، تڪڙن مفادن جي هٻڇ ۽ پنهنجي اولاد جي آئيندي بابت خدشن سبب طرحين طرحين اختلاف پيدا ٿيا ۽ انهن اختلافن ۽ تفرقي، ظلم ۽ فساد جي صورت اختيار ڪري ورتي. هر گروهه ٻئي گروهه سان نفرت ڪرڻ لڳو ۽ هر زبردست زيردست جا حق ڦٻائڻ لڳو. جڏهن اِها صورتحال پيدا ٿي ته ضروري ٿيو ته انسان ذات جي هدايت ۽ عدل ۽ سچائيءَ جي قيام لاءِ وحي الاهيءَ جي روشني ظاهر ٿئي، تنهنڪري اُها روشني ظاهر ٿي ۽ خدا جي رسولن جي دعوت ۽ تبليغ جو سلسلو قائم ٿيو.
کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیِۡنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِؕ (بقره-213)
”شروعات ۾ سڀ انسان هڪ ئي گروهه هئا (پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ٿيو) پوءِ الله نبين کي مبعوث ڪيو. هُو (نيڪ عمليءَ جي نتيجن جي) خوشخبري ڏيندا ۽ (بدعمليءَ جي نتيجن کان) تنبيهه ڪندا هئا ۽ انهن سان گڏ ”الڪتاب“ (يعني وحي الاهيءَ جي لکيل ڪتاب جي تعليم) نازل ڪيو، ته جيئن جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪرڻ لڳا هئا، انهن ۾ اهو فيصلو ڪندڙ هجي.“
قرآن حڪيم حضرت ابراهيم عليه السلام جي شخصيت کان شاهدي ڏياري ٿو ته جهڙيءَ ريت هُو دين حق واري راهه تي سموري انسان ذات لاءِ الله تعالى جي وحدانيت جي مڃوتيءَ ۾ هر قدم تي اڳ کان اڳرو ۽ نيڪ عمليءَ واري زندگيءَ جو مثال هو، ته ان کي پنهنجي لاءِ حجت بڻايو.
وَقَالُوۡا كُوۡنُوۡا ہُوۡدًا اَوْ نَصٰرٰی تَہۡتَدُوۡاؕ قُلْ بَلْ مِلَّۃَ اِبْرٰہٖمَ حَنِیۡفًاؕ وَمَا کَانَ مِنَ الْمُشْرِکِیۡنَ
(البقره-135)
”۽ يهودي چون ٿا ته يهودي ٿي وڃو، هدايت ماڻيندؤ. نصارى چون ٿا ته نصراني ٿي وڃو، هدايت ماڻيندؤ. (اي پيغمبر) تون چؤ ته! (الله جي عالمگير هدايت توهان جي انهن گروهه بندين جي پابند نٿي ٿي سگهي) هدايت جي راهه ته اُها ئي حنيفي راهه آهي جيڪا ابراهيم جو طريقو هئي ۽ هُو مشرڪن مان نه هو.“
قرآن حڪيم امت واحده جي تشڪيل لاءِ امت محمديه تي هيءَ ذميداري لاڳو ڪئي ته هُو انسانيت کي معروف (سلامتيءَ جي قدرن) سان بهره ور ڪن ۽ منڪر (هلاڪت جي مظاهر) کان بچائين.
كُنۡتُمْ خَیۡرَ اُمَّۃٍ اُخْرِجَتْ لِلنَّاسِ تَاۡمُرُوۡنَ بِالْمَعْرُوۡفِ وَتَنْہَوْنَ عَنِ الْمُنۡکَرِ وَتُؤْمِنُوۡنَ بِاللہِؕ
(آل عمران 110)
”توهان ڀلاري ۽ ذميداريءَ واري امت آهيو جنهن کي ماڻهن لاءِ ڪڍيو ويو آهي ته توهان ڀلائيءَ جو حڪم ڏيو ٿا ۽ برائيءَ کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان آڻيو ٿا.“
انسان کي زمين تي خليفو بڻائي نيابت الاهي عطا ڪئي وئي آهي. نيابت الاهيءَ جي ذميدارين جو تعلق انسان جي انفرادي زندگيءَ کان وڌيڪ اجتماعي زندگيءَ سان آهي، تنهنڪري قرآن حڪيم انسانن جي اجتماعيت کي قائم رکڻ لاءِ انسانيت ۽ دين جي هيڪڙائي ۽ وحدت کي هر حال ۾ برقرار رکڻ جي تلقين ڪئي آهي.
یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّكُمُ الَّذِیۡ خَلَقَكُمۡ مِّنۡ نَّفْسٍ وَّاحِدَۃٍ وَّخَلَقَ مِنْہَا زَوْجَہَا وَبَثَّ مِنْہُمَا رِجَالًا کَثِیۡرًا وَّنِسَآءًۚ وَاتَّقُوا اللہَ الَّذِیۡ تَسَآءَلُوۡنَ بِہٖ وَالۡاَرْحَامَؕ اِنَّ اللہَ کَانَ عَلَیۡكُمْ رَقِیۡبًا
(نساءِ-1)
”اي انسانو! پنهنجي پروردگار (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو. اهو پالڻهار جنهن توهان کي اڪيلي جان مان پيدا ڪيو (يعني جهڙيءَ ريت مرد جي نسل مان ڇوڪرو پيدا ٿيندو آهي ته ڇوڪري به پيدا ٿيندي آهي) پوءِ انهن ٻنهي جي نسل مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (۽ مٽن مائٽين ۽ قرابتن جو تمام وڏو دائرو ظاهر ٿيو) پوءِ ڏسو، جنهن جي نالي تي هڪٻئي کان (مهر ۽ محبت جو) سوال ڪندا آهيو. قرابت داريءَ جي معاملي ۾ بيپرواهه نه ٿي وڃو. يقين رکو ته الله توهان تي (توهان جي عملن جو) نگهبان آهي.“
قرآن انسانيت جي ان وحدت کي قائم رکڻ لاءِ ايمان جي مرڪزي نڪتن ۽ عمل لاءِ ”المعروف“ ۽ ”المنڪر“ جا تفصيل پڻ بيان ڪيا آهن. معروف عرف مان ورتل آهي جنهن جي معنى سڃاڻڻ آهي.تنهنڪري ”معروف“ اهڙي ڳالهه ٿي جيڪا انسانن جي سلامتي ۽ ڪاميابيءَ لاءِ ڄاتل سڃاتل ڳالهه ۽ مڃيل حقيقت هجي. ”منڪر“ جي معنى انڪار آهي. يعني اهڙي ڳالهه جنهن مان انساني تباهيءَ جي محرڪات ۽ پڌرن مظاهر جو انڪار ڪيو ويو هجي. قرآن نيڪي ۽ برائيءَ لاءِ اهي لفظ ان ڪري اختيار ڪيا جو هو چوي ٿو ته دنيا ۾ عقيدن ۽ فڪرن جو ڪيترو به اختلاف ڇو نه هجي، پر ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي سٺي هجڻ تي سڀني کي اتفاق آهي. ديانتداري سٺي ڳالهه آهي، بدديانتي برائي آهي. ان سان ڪنهن کي به اختلاف ڪونهي ته ماءُ پيءُ جي خدمت، پاڙيسرين سان سهڻو سلوڪ، مسڪينن جي پرگهور، مظلوم جي دادرسي انسان جا سٺا اعمال آهن ۽ ظلم ۽ بدسلوڪي خراب عمل آهن. ڄڻ ته اِهي اُهي ڳالهيون ٿيون جن جي سٺائي عام طور تي ڄاتل سڃاتل هجي ۽ جن جي خلاف وڃڻ عام طور تي انڪار ۽ اعتراض جوڳو آهي. دنيا جا سمورا مذهب، دنيا جا سمورا اخلاق، دنيا جون سموريون حڪمتون، دنيا جون سموريون جماعتون ٻين ڳالهين ۾ ڪيترو به اختلاف رکنديون هجن، پر جيستائين انهن عملن جو تعلق آهي سڀ هڪ ئي راءِ ۽ خيال رکن ٿا.
قرآن چوي ٿو ته ان ئي عملي واٽ کي انسان ذات لاءِ خدا، ”دين“ قرار ڏنو آهي. اهو ئي سڌو ۽ درست دين آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ٽيڏ ۽ خامي ناهي. اهو ئي ”دين حنيف“ آهي جنهن جي دعوت حضرت ابراهيم ڏني هئي. انهيءَ جو نالو قرآن جي اصطلاح ۾ ”الاسلام“ آهي، يعني خدا جي مقرر ڪيل قانونن جي فرمانبرداري.
قرآن حڪيم دين لاءِ ”الاسلام“ جو لفظ ان ڪري اختيار ڪيو آهي جو ”الاسلام“ جي معنى ڪنهن کي مڃي وٺڻ ۽ فرمانبرداري ڪرڻ آهي. هُو چوي ٿو ته دين جي حقيقت ئي اها آهي ته الله تعالى جيڪو قانون انسان جي سعادت لاءِ مقرر ڪيو آهي ان جي ڀليءَ ڀت پوئواري ڪئي وڃي. هُو چوي ٿو ته اها ڳالهه فقط انسان لاءِ ئي نه آهي پر سموري ڪائنات انهيءَ بنياد تي قائم آهي. سڀني جي بقا ۽ قيام لاءِ الله تعالى ڪونه ڪو عملي قانون مقرر فرمايو آهي ۽ سڀ ان جي اطاعت ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ پَلَ لاءِ به ان کان روگرداني ڪئي وڃي ته ڪائنات جو نظام درهم برهم ٿي وڃي.