مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

رباني انسانن جو رويو

قرآن جي روءِ سان انسان جو ڌرتيءَ تي خلافتي ڪردار الله تعاليٰ جي منشا آهي ۽ انسان جي لاءِ رب جي منشا تي عمل ڪرڻ ئي اصل آزمائش آهي. ان حيثيت ۾ انسان جي مٿان ٻه ذميواريون بيهن ٿيون. پهرين ذميواري الله تعاليٰ سان انسان جو عبديت، تقديس ۽ شڪر جو تعلق آهي. وَّ ذَکِّرۡ فَاِنَّ الذِّکۡرٰی تَنۡفَعُ الۡمُؤۡمِنِیۡنَ (الذاريات-٥٥) الله تعاليٰ جو اهو تعلق اصل تخليقي مقصد آهي ۽ ٻين ذميواري انهيءَ تعلق کي سگهارو ڪندڙ ذريعو ۽ منصب آهي. اها آهي ڌرتيءَ جي مٿان خلافت، جي ذميواري، جيڪا الله تعاليٰ جي صفتن اپنائڻ ۽ الله تعاليٰ جي ٻڌايل حڪمن مطابق انسانن سان عدل ۽ احسان سان ڀلايون ڪرڻ آهي.
ماڻهو الله کي پنهنجو خالق ۽ مالڪ سمجهي، الله جي عظمت ڪبريائي ۽ جوابدهيءَ جي احساس سان جيئندو رهي ۽ الله جي ٻڌايل ضابطن جي مطابق زندگي گذاريندو رهي، ته الله سان پنهنجي تعلق جي امتحان ۾ پاس ٿي ويندو. اها تقوى جي زندگي آهي ۽ قرآن اهڙي زندگي گذارڻ وارن متقين جي لاءِ هدايت آهي. انسان پوري سچائي سان الله جي فرمانبرداريءَ جي واٽ تي هلڻ شروع ڪندو ته الله تعالى ان جي لاءِ رستا آسان ڪندو ويندو.
الله وڏو آهي، انسان ننڍو آهي. الله قادر آهي، انسان عاجز آهي. الله عطا ڪرڻ وارو آهي، انسان وٺڻ وارو آهي. انهن حقيقتن جو شعور ماڻهوءَ ۾ اعتراف، نوڙت ۽ جوابدهي جو احساس پيدا ڪندو آهي ۽ منجهانئس سرڪشي ۽ آڪڙ ختم ٿي ويندي آهي. هو الله جي محبت ۽ خوف جي جذبن هيٺ دنيا ۾ زندگي گذارڻ لڳندو آهي. اهڙي قسم جو انسان ڌرتيءَ تي ناانصافين، ڏاڍ، استحصال ۽ انسان مٿان انسانن جي غلاميءَ جو منڪر هوندو آهي. هن جو خلافتي ڪردار کيس ڌرتيءَ کي الله جي منشا مطابق سلامتي، فلاح ۽ سڀني جي ڀلي وارو مثالي ماڳ بنائڻ لاءِ اتساهيندو ۽ جهد تي آماده ڪندو رهندو آهي.
ساڳي طرح اهڙو انسان جڏهن ٻين انسانن جي وچ ۾ ايندو آهي ته انهن سان معاملا ڪندي سندس پوري روش سهڻن اخلاقن واري هوندي آهي. هن جو ڳالهائڻ عجز ڀريو هوندو آهي. هن جو عمل انصاف وارو هوندو آهي. هُن جي هر چرپر هڪ ذميوار ۽ جوابده انسان واري هوندي آهي. اهڙو ماڻهو هر قسم جي منفي ۽ سطحي جذبن کان مٿاهون ٿي ويندو آهي. وڏي سوچ سوچڻ سندس مرڪ بڻجي ويندو آهي ۽ سندس سيني ۾ ٻين ماڻهن جي لاءِ خير خواهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو آهي. خدا خوفي سندس دل ۾ سمايل هوندي آهي ۽ اها شيءِ کيس هن ڳالهه کان روڪي رکندي آهي ته هو ڪنهن کي ستائي يا ڪنهن سان ناانصافي ڪري. هو هرهڪ کي پنهنجو حق ڏيندو آهي ۽ هن ڳالهه جو سخت احتياط رکندو آهي ته سندس ذات کان ڪنهن کي تڪليف پهچي. هو ڪنهن کي مصيبت ۾ ڏسندو آهي ته ان جي مدد لاءِ بي چين ٿي پوندو آهي.
خود غرضي ۽ مفاد پرستيءَ کان ڪوهين ڏور هوندو آهي. جيڪي شيون ۽ ڪم پنهنجي لاءِ بهتر نه سمجهندو آهي، هو پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي به انهن کان بچائڻ جا جتن ڪندو آهي. پنهنجي چوڌاري انسانن جي بهتري، ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري جو هر وقت اونو رکندڙ هوندو آهي. هو سمجهندو آهي ته سندس شخصيت جي ارتقا ۽ سندس رب جي قربتن حاصل ڪرڻ جي اها ئي واٽ آهي، جنهن تي دنيا جا سڀ ڀلوڙ ۽ سچار انسان قائم رهيا آهن. کيس جيڪو ڪجهه به قدرت کان عطا ٿيل هوندو آهي، هو ان کي پاڻ وٽ امانت سمجهندو آهي. پنهنجي سمجهه ۽ علم، پنهنجو مرتبو ۽ حيثيت ۽ پنهنجو مال ۽ مڏي، انهن سڀني جو فائدو خلق خدا کي رسائڻ لاءِ هميشہ ديوانگيءَ جي حد تائين سرگرم رهندو آهي ۽ اهڙين سرگرمين کي هو پنهنجي روح ۽ قلب جو قرار ڀائيندو آهي ۽ سمجهندو آهي ته اهي ئي ڪم سندس تخليقي مقصدن کي سجايو ڪرڻ جي لاءِ بنياد جي حيثيت رکن ٿا.پاڻ کي ميسر شين جو مالڪ نه، پر امين سمجهندو آهي. ۽ هر وقت اونَ هوندي اٿس ته اها امانت اهري طرح خرچ ٿئي جو ان عمل سان سندس شخصيت جي ترقي ٿئي ۽ مراتب بلند ٿين ته جيئن هو الله جي محبوبيت جو حقدار بڻجي.
مطلب ته هو هڪ اهڙي انسان جي زندگي گذاريندو آهي جيڪو ڏسي رهيو هجي ته مٿانئس سندس الله بيٺو نگراني ڪري رهيو آهي. اهو الله جيئن هت نگران ۽ نگهبان آهي تيئن مرڻ کانپوءِ به سندس هر قول ۽ فعل جو ذري ذري جو حساب وٺڻ وارو آهي.