مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

قرآن ڇا آهي؟

قرآن ۾ انسان لاءِ جيڪي ڪجهه آهي، ان جي عظمت ۽ اهميت جو ادراڪ ڪرڻ يا ان کي بيان ڪرڻ هن جي وس ۾ ئي ڪونهي پر الله توهار ڪرڻ لاءِ، اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه اندازو هئڻ گهرجي ته هيءُ ڇا آهي، اوهان لاءِ اهو ڪهڙي اهميت رکي ٿو ته جيئن توهان ۾، پنهنجي پوري وجود سان، قرآن سان وابسته ٿيڻ جو جذبو بيدار ٿئي. ڪُلي وابستگي، مڪمل سپردگي ۽ لڳاتار جاکوڙ جو جذبو، جيڪو قرآن جي تقاضا آهي.
قرآن اوهان لاءِ الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. هيءُ حضرت آدم عليه السلام ۽ ان جي پونئيرن سان رب سائينءَ جي ان وعدي جي تڪميل آهي جڏهن کين چيو ويو هو ته منهنجي طرفان ڪا هدايت اوهان وٽ پهچي ته اهي ماڻهو جيڪي منهنجي انهي هدايت جي پيروي ڪندا، انهن کي نه ئي ڪو خوف هوندو، نه ئي ڪا ڳڻتي. (البقره 38)
هن دنيا ۾ شر ۽ باطل قوتن جي مقابلي واري جدوجهد ۾ قرآن توهان جي ڪمزور وجود جو سهارو آهي. زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ اوهانجي خوف ۽ پريشانيءَ تي ضابطو آڻڻ لاءِ اهو ئي واحد ذريعو آهي. جڏهن خير ۽ شر ۽ لوڀ ۽ قرباني جي ڪشمڪش ۾ توهان سهل پسنديءَ جو شڪار ٿيندؤ ته ان وقت هيءُ ڪتاب اوهان کي عزم ۽ يقين جي مضبوطي عطا ڪندو. جڏهن اوهان ٻاٽ اونداهين ۾ ڀٽڪي رهيا هوندا ته ڪاميابي ۽ نجات جي راهه ڳولي لهڻ لاءِ صرف ۽ صرف قرآن جو سوجهرو ئي اوهان جي ڪم ايندو. اوهان جي شخصي بيمارين ۽ چئني پاسي نظر ايندڙ اجتماعي خرابين لاءِ واحد شفا به هيءُ قرآن ئي آهي. هيءُ توهان جي فطرت ۽ تقدير، توهان جي ذميدارين ۽ فرضن جي ياددهاني، توهان کي پيش ايندڙ خطرن جي رستا روڪ ۽ انعامن لاءِ مسلسل يادگيرو ۽ ذڪر آهي.
ان ڪري جيستائين توهان پنهنجين سوچن ۽ عملن کي قرآن جي هدايتن مطابق پرٽڻ لاءِ تيار نٿا ٿيو ۽ ان جي عملي شروعات نٿا ڪريو، تيستائين سموري ڪوشش ۽ نيڪ نيتي بي لاڀ رهندي. مراقبن جهڙيون ذهني مشقون ۽ وجداني تجربا اوهان کي قرآن جي حقيقي خزانن جي ويجهو نٿا آڻي سگهن. بشري ڪمزورين، قدرتي مشڪلاتن ۽ خارجي رڪاوٽن جي ڪري قرآن جي پيروي ۽ زندگيءَ ۾ تبديلي آڻڻ ۾ ناڪامي ٻي ڳالهه آهي. جيڪڏهن توهان قرآن سان تعلق جي باوجود مثالي عملي زندگي اختيار ئي نه ڪئي آهي ته اوهان قرآن جي هڪ عالم جي حيثيت سان شهرت ته حاصل ڪري سگهو ٿا پر اوهان خدا کي گهربل آئيڊيل انسان نٿا بنجي سگهو.
قرآن پاڪ اهڙن ماڻهن تي سخت لفظن ۾ لعنت ملامت ۽ ڦٽڪار ڪئي آهي جيڪي خدا جي ڪتاب تي ايمان جو زباني اقرار ته ڪن ٿا، پر جڏهن کين عمل جي لاءِ چيو ويندو آهي يا فيصلائتي صورتحال آڏو ايندي آهي ته اهي ان هدايت کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، ان کان منهن موڙي ويندا آهن، اهڙن ماڻهن کي ڪافر، فاسق ۽ ظالم قرار ڏنو ويو آهي.