قرآني عملي الاهيات
اهڙيءَ طرح عملي الاهيات الله جي نه تبديل ٿيندڙ قانونن جي بنياد ۽ مُحرڪ جوتعين ڪري ٿي. قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جي انهن نه تبديل ٿيندڙ قانونن جو تفصيل موجود آهي، جن جي ڄاڻ ذريعي انسان جي مٿان ايمان جا عملي طريقا واضح ٿي اچن ٿا. انهن طريقن کي ڄاڻڻ جي نتيجي ۾ انسان کي پنهنجي عملن ذريعي هڪ طرف الله تعاليٰ سان پنهنجي شڪر، تقديس ۽ عبادت جي حقن جي ادائگيءَ جو شعور پختو ٿئي ٿو ۽ ٻئي طرف ان سان انساني سماج جي فلاح ۽ ترقيءَ جا بنياد مضبوط ۽ مستحڪم ٿيندا آهن. ٻين لفظن ۾ عملي الاهيات دراصل ايمان جو عملي اظهار آهي، جنهن سان اسان کي پنهنجي خالق جي ڏسيل تخليقي مقصدن نڀائڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو.
عملي الاهيات جو تفصيل سمجهڻ لاءِ اسان کي الله تعالى جو اهو تعارف سمجهڻو پوندو جيڪو وحيءَ جي ذريعي ان پاڻ سمجهايو آهي.
قرآن الله تعالى جي ذات جو تعارف هن ريت ٻڌايو آهي:
لَیۡسَ کَمِثْلِہٖ شَیۡءٌ (الشورى-11) ”ان جي مثل ڪابه شيءِ ناهي.“ ڪنهن به شيءِ سان اوهان ان جي مشابهت نٿا ڏئي سگهو.
لَا تُدْرِكُہُ الۡاَبْصَارُ۫ وَ ہُوَ یُدْرِكُ الۡاَبْصَارَ (انعام-103) ”انسان جون نطرون ان کي ڏسي نٿيون سگهن، پر هُو انسان جي نطرن کي ڏسي رهيو آهي.“
قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ ﴿۱﴾ۚ اَللہُ الصَّمَدُ ﴿۲﴾ ۚ لَمْ یَلِدْ۬ۙ وَ لَمْ یُوۡلَدْ ﴿۳﴾ ۙ وَ لَمْ یَكُنۡ لَّہٗ كُفُوًا اَحَدٌ ﴿۴﴾٪
(سورة اخلاص)
”الله اڪيلو آهي. بي نياز آهي، ان کي ڪنهن جي محتاجي ڪانهي، نه ان مان ڪو پيدا ٿيو آهي، نه هُو ڪنهن مان پيدا ٿيو آهي ۽ نه ڪا هستي ان جي درجي ۽ برابريءَ جي آهي.“
الله تعالى جي صفتن جو تعارف قرآن هن ريت ڪرايو آهي:
قُلِ ادْعُوا اللہَ اَوِادْعُوا الرَّحْمٰنَؕ اَیًّا مَّا تَدْعُوۡا فَلَہُ الۡاَسْمَآءُ الْحُسۡنٰیۚ (الاسراء-110)
”اي پيغمبر! کين چئو ته خدا کي الله جي نالي سان سڏيو يا رحمان چئي سڏيو، جنهن به صفت سان سڏيو ان جون سموريون صفتون حُسن ۽ خوبيءَ جون صفتون آهن.“
قرآن ۾ الله تعالى جي ٽن بنيادي صفتن جو ذڪر موجود آهي.
ربوبيت جي صفت:
ربوبيت جو مطلب آهي ته: جيئن الله تعالى جي خالقيت ڪائنات ۽ ان جي هر شيءِ پيدا ڪئي آهي، اهڙيءَ ريت ان جي ربوبيت ڪائنات جي سنوارَ، پورو پورو اندازو ۽ ترتيب به رکي آهي. وَ خَلَقَ کُلَّ شَیۡءٍ فَقَدَّرَہٗ تَقۡدِیۡرًا (الفرقان-٢) ”انهيءَ سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ پوءِ هر شيءِ لاءِ ان جو پورو پورو اندازو رکيو.“
قرآن ۾ ٻي جاءِ تي آهي فَسَوَّيٰ – يعني شين کي خلقي انهن کي سنواريائين. اهڙي طرح دنيا ۾ هر مخلوق جي پالنا ۽ اوسر جو سامان پڻ مهيا ڪيو آهي:
وَمَا مِنۡ دَآبَّۃٍ فِی الۡاَرْضِ اِلَّا عَلَی اللہِ رِزْقُہَا
”زمين ۾ ڪوبه چرندڙ جاندار اهڙو ڪونهي جنهن جو رزق الله جي مٿان نه هجي.“(هود.6)
رحمت جي صفت:
وري هن ڪائنات ۾ جيڪا به شيءِ جوڙي وئي ته ان جي خوبي ۽ ڪمال اهو آهي جو اها خلقت جي نظام لاءِ نهايت سهولت ۽ فائدي واري آهي. اهي شيون پنهنجي مفيد هئڻ ۾ اهڙيون ته نراليون آهن جو محسوس ٿئي ٿو ته هر تخليق ان کانسواءِ ڪجهه ناهي ته الاهي رحمت جو ظهور آهي.
ذٰلِکَ عٰلِمُ الْغَیۡبِ وَالشَّہَادَۃِ الْعَزِیۡزُ الرَّحِیۡمُ ﴿۶﴾ۙ الَّذِیۡۤ اَحْسَنَ كُلَّ شَیۡءٍ خَلَقَہٗ (سجده – 6،7)
”اهو الله آهي لڪل توڻي ظاهري شين جو ڄاڻندڙ، طاقت وارو، رحمت وارو، جنهن جيڪا شيءِ ٺاهي، حُسن ۽ خوبيءَ سان ٺاهي.“
عدل جي صفت:
هن دنيا جي ڪارخاني ۾ تعمير، جوڙ، سونهن ۽ سوڀيا مان جيڪو ڪجهه به آهي ان مان عدل ۽ توازن ظاهر ٿئي ٿو. فطرت جي تقاضا آهي ته ڪائنات ۾ ربوبيت ۽ رحمت سان گڏ پڇاڻو ۽ مڪافات پڻ هجي ته جيئن نقصان ۽ فساد جو ازالو ٿئي.جيڪڏهن عدل اڻ لڀ هجي ها ته جيڪر دنيا مان ذميواري ۽ جوابدهيءَ جو تصور ئي ختم ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هر طرف رڳو ڇڙواڳي، انارڪي ۽ فساد ئي فساد هجي.
الله تعاليٰ جي ذات عادل آهي ۽ عدل جو خلقڻهار آهي. هُن حساب ڪتاب خلقيو آهي ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن به جوڙيو آهي. مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیۡنِؕ ”حساب ڪتاب جي ڏينهن جو مالڪ آهي“ (فاتحه-3) اهو عدالت الاهي جو اعلان آهي.
جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته الاهيات جو عقيدو انسان ۾ شڪر، تقديس ۽ عبادت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. اهڙي طرح انسان انهن جذبن جي اصل مرڪز ذات الله تعاليٰ جي معرفت جي شعور کي حاصل ڪري ٿو. قرآن حڪيم الله تعاليٰ جي ان معرفت واري شعور کي توحيد جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. قرآن حڪيم ايمان بالله يا توحيد جا ٽي پهلو بيان ڪيا آهن:
1- توحيد في الربوبيت: قُلْ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾: يعني انسانن لاءِ اڪيلي پالڻهار جي پالنا وارن قانونن اپنائڻ سان انسان پالڻهار جي حفاظت جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو.
2- توحيد في الصفات: مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾: يعني انسانن جي اڪيلي حاڪم ۽ مالڪ جي احڪامن ۽ ضابطن اختيار ڪرڻ سان انسان احڪم الحاڪمين جي حفاظت جي دائري ۾ اچي ويندو آهي.
3- توحيد في العبادت: اِلٰہِ النَّاسِۙ﴿۳﴾: يعني انسانن جي اڪيلي خالق ۽ معبود کي عبادتن ۽ نيازمنديءَ سان سمورا حق حوالي ڪري انسان الله تعالى جي حفاظت جي دائري ۾ اچي ويندو آهي.
هيءُ پيغمبرِ انسانيت جي ذريعي ايمان وارن کي قرآن جي هدايت جو حتمي ۽ آخري پيغام آهي جيڪو هڪ لحاظ کان سموري قرآن جو خلاصو آهي. قرآن جي ٻين قانونن وانگر انهن قانونن ۾ پڻ ڪابه رعايت ناهي.
توحيد في الربوبيت ڇا آهي؟
جڏهن ماڻهو الله تعالى جي ربوبيت واري توحيد جو اقرار ڪندو آهي ته هُو عقل جي پوري شعور ۽ دل جي سمورين گهرائين سان اڪيلي، ڪائنات جي پالڻهار جي پالنا وارن قانونن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ اختيار ڪندو آهي. قرآن حڪيم ۾ الله پنهنجي پالڻهاريءَ وارن قانونن جو تعارف هن ريت ڪرايو آهي:
1- الله سمورن جهانن جو پالڻهار آهي ۽ ان جي پالنا سڀني لاءِ عام آهي.
2- زمين تي ڪوبه اهڙو جاندار ڪونهي جنهن لاءِ الله تعالى رزق جو بندوبست نه ڪيو هجي.
3- خالق کل شيءِ. رب کل شيءِ: هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ به اُهوئي آهي ۽ هر شيءِ جو پروردگار ۽ مالڪ به اهوئي آهي.
4- رزق جا سڀ ذريعا ان جا ئي عطا ڪيل آهن. ايستائين جو زمين ۾ نشوونما جي صلاحيت به ان جي ئي حڪم سان آهي. اَمْ نَحْنُ الزّٰرِعُوۡنَ (الواقعه-64) ۽ زمين کي پاڻيءَ جي عطا به ان جي ئي بندوبست سان آهي. اَمْ نَحْنُ الْمُنۡزِلُوۡنَ ﴿۶۹﴾ (الواقعه -69)
قرآن جي روءِ سان الله تعالى جي پالڻهاريءَ وارن قانونن کي عملي طور تي اختيار ڪرڻ جون صورتون هي آهن:
1- جهڙيءَ ريت الله تعالى جي پروردگاري عام آهي، اهڙيءَ طرح ايمان وارن کي سندس نيابت جي ذميداري هن طرح ادا ڪرڻي آهي جو عام ربوبيت يعني انسانن جي پالڻهاري ۽ پرگهور جي نظام کي پنهنجي انفرادي زندگي ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ قائم ڪرڻو آهي، ته جيئن سمورن انسانن کي رزق جا مناسب موقعا ۽ وسيلا حاصل ٿين. ائين:
(الف) ماڻهو پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ مال الله تعالى جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جو پابند آهي. قرآن مجيد ان جو حڪم زڪواة، انفاق ۽ العفو سان ڏنو آهي.
(ب) پنهنجي نگرانيءَ ۾ شامل سمورن فردن جي ذميداري سهڻي طريقي سان سرانجام ڏي.
(ج) اهڙن مقصدن لاءِ ٿيندڙ اجتماعي ڪوششن ۾ عملي طور تي شريڪ رهي.
2- جڏهن هر شيءِ جو خالق اهوئي آهي ۽ پالنا جا انتظام ڪندڙ به اُهو ئي آهي، ته ان صورت ۾ انسان نائب طور مليل شين جو فقط امين آهي. امانت جي تقاضا هيءَ هوندي آهي ته اُهي شيون اصل مالڪ جي مرضي ۽ منشا سان استعمال ٿي سگهن ٿيون. انسان جو پنهنجو اختيار ختم ٿي وڃي ٿو. انسان کي اُهي امانتون پنهنجي حقدارن تائين پهچائڻيون آهن. هن جهان ۾ ڪاميابي ۽ سرخروئي لاءِ اُهائي ان جي آزمائش آهي.
جيڪڏهن انسان توحيد في الربوبيت جي انهن تقاضائن ۽ لوازمات کي پورو نٿو ڪري ۽ الله تعالى جي عطا ڪيل رزق کي پنهنجي جاگير قرار ڏيئي اسراف ۾ استعمال ڪري ٿو يا پنهنجي عياشيءَ واري آرام طلب زندگيءَ ۾ وڃائي ٿو يا پنهنجي اولاد جي اڻکٽ آرام ده مستقبل جي نذر ڪري ٿو ته پوءِ اُهو توحيد جي قرآني تصور جو منڪر آهي ۽ ان جو الله تعالى تي ايمان، الله جي ٻڌايل طريقن مطابق نه آهي.