مذهب

قرآن جو پيغام

هي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي افادات جو مجموعو آهي جيڪو ابوالفضل نور احمد سنڌي صاحب لکيو آهي.
هن ڪتاب “قرآن جو پيغام” ۾
هي ڪتاب حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي پاران 2011 ۾ ڇپايو ويو.
Title Cover of book قرآن جو پيغام

شخصي تبديليءَ جا قرآني محرڪ

قرآن مجيد متقين جي لاءِ هدايت آهي
قرآن حڪيم جي منڍ ۾ هن ڪتاب جو تعارف ڪرائيندي الله تعالى فرمايو آهي ته هي متقين جي لاءِ هدايت آهي: ہُدًی لِّلْمُتَّقِیۡنَ. (البقره-2) هدايت جي ضرورت گمراهن ۽ گنهگارن کي وڌيڪ هوندي آهي پوءِ قرآن مجيد کي انهن جي بجاءِ سڀ کان اول متقين لاءِ هدايت ڇو قرار ڏنو ويو، جيڪي اڳ ۾ ئي پرهيزگار آهن. جڏهن اسان متقيءَ جي معنى سمجهي وٺنداسين ته اسان جي مٿان هيءَ حقيقت آشڪار ٿي ويندي ته قرآن کي سڀ کان اول متقين جي لاءِ هدايت ڇو قرار ڏنو ويو. حڪيم الاسلام مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله ان جي وضاحت ۾ لکيو آهي ته تقوى هڪ ماڻهپي جو استعداد ۽ صلاحيت آهي، جنهن سان ماڻهو پاڪيزگي، عجز، سخاوت ۽ انصاف ڪرڻ جو اهل بڻبو آهي. ان ڪري جيڪو ان استعداد وارو شخص قرآن جي دنيا ۾ داخل ٿيندو ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ قرآن پنهنجي هدايت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله تقوى جي معنى ۾ حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحمة الله جي ڪتاب ”غنية الطالبين“ جو حوالو ڏيندي پيغمبر ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جو فرمان نقل ڪيو آهي ته تقوى سڄي جي سڄي هن آيت ۾ بند آهي:
اِنَّ اللہَ یَاۡمُرُ بِالْعَدْلِ وَالۡاِحْسَانِ وَ اِیۡتَآیِٔ ذِی الْقُرْبٰی وَیَنْہٰی عَنِ الْفَحْشَآءِ وَالْمُنۡکَرِ وَ الْبَغْیِۚ یَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَکَّرُوۡنَ ﴿۹۰﴾
”بيشڪ، الله تعالى انصاف ڪرڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ مائٽن کي ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بيحيائي ۽ بڇڙي ڪم ۽ سرڪشيءَ کان روڪي ٿو. اوهان کي نصيحت ڪري ٿو من اوهين ياد رکو.“ (النحل – 90)
مولانا عبيدالله سنڌي رحمة الله فرمائي ٿو ته قرآن حڪيم ۾ جتي به تقوى جو ذڪر آهي، اتي تقوى جي لاءِ جن خوبين جي اپٽار آهي، اهي خوبيون قرآن حڪيم جي انهيءَ آيت جي تشريح ئي آهن. اهوئي سبب آهي جو قرآن شريف ۾ هي واضح حڪم آيو آهي ته انصاف ڪندڙ ٿيو ته اوهان تقوى کي ماڻي وٺندؤ: اِعْدِلُوۡاہُوَ اَقْرَبُ لِلتَّقْوٰی. (المائده 8) هن آيت ۾ تقوى جي اها تشريح پوري چٽائيءَ سان سمايل آهي.
هتان واضح ٿيو ته قرآن جي هدايت، عجز، سخاوت، عدل ۽ انصاف جي واٽ تي هلندڙ ۽ ان جي طلبگارن جي لاءِ آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ماڻهپي جي خوبين ۽ عدل انصاف سان جيئڻ جي نيت ئي ڪونهي سو قرآن مان هدايت حاصل ڪري نه سگهندو