قرآن ماڻهن جي شخصيت کي اوسر ڏئي ٿو:
امام شاهه ولي الله انسان جي زندگيءَ کي هڪ ايڪو سمجهي ٿو، جنهن جو هڪ حصو هن دنيا جي زندگي ۾ گذاريو وڃي ٿو ۽ ٻيو حصو ان مان ئي پيدا ٿئي ٿو ۽ ان کان پوءِ ترقي جاري رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هي آهي ته انسان پنهنجي معاشري ۾ رهندي صالح عملن ۽ سٺن اخلاقن جا جيڪي اثر پنهنجي نفس ۾ گڏ ڪري ٿو، اهي هن لاءِ اڳئين حياتيءَ ۾ جنت جي زندگي پيدا ڪن ٿا ۽ هو خراب عملن ۽ بداخلاقن جا جيڪي اثر گڏ ڪري ٿو، اهي هن لاءِ جهنم جي زندگي پيدا ڪن ٿا. بس قرآن جي انقلاب جي منشا رڳو هيءَ آهي ته انساني سماج ۾ سٺن اخلاقن جو غلبو ۽ حاڪميت هجي يعني اها جماعت حڪومت ڪري، جيڪا قرآن جا ڏسيل اخلاق ماڻهن ۾ پيدا ڪري.
قرآن حڪيم هي اخلاق اوپرا کڻي انسانن جي مٿان نٿو ٿاڦي، پر اهي اخلاق خود انساني فطرت جي تقاضا آهن، جن کي هن معاشري ۾ رهي عملي طرح اپنائڻ گهرجي. قرآن حڪيم انهن اخلاقن لاءِ مشق (Exercise) جا طريقا به تجويز ڪري ٿو ۽ ان جا موقعا به فراهم ڪري ٿو. جيڪا جماعت اهي اخلاق پاڻ ۾ پيدا ڪندي، اها جسماني، اخلاقي ۽ عملي پاڪائي کي پنهنجي لازمي ڪرت بنائيندي. اها خدا سان تعلق پيدا ڪندي ۽ انهن سببن کي استعمال ڪندي به صرف خدا تي ڀروسو ڪندي. هن ڪم مان اها جماعت ڪو ذاتي نفعو حاصل نه ڪندي بلڪه ان جو مقصد رڳو خدمت خلق هوندو، ڇو ته اهو خدا جي رضامندي جو سبب آهي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اها جماعت اهڙو عدل ۽ انصاف ڀريو نظام قائم ڪندي، جنهن مان سوسائٽيءَ جي خاص طبقي کي فائدو نه پهچندو، پر اهو نظام سڀني طبقن جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ضامن هوندو. اها پارٽي سڀني انسانن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي باوجود مالدارن تي ٽيڪس هڻندي ۽ اهڙي طرح جيڪا رقم گڏ ٿيندي، اها مسڪينن ۽ غريبن ۾ ورهائي ويندي.
قرآن جي اها انقلابي جماعت جڏهن اقتدار جون واڳون سنڀاليندي ته اها اهڙن ماڻهن کان حساب ڪتاب ڪندي جيڪي عدالت جي راهه ۾ رڪاوٽ هوندا يا جيڪي پاڪائي ۽ ٻين سٺن اخلاقن جي خلاف ورزي ڪندا ۽ عوام کي خدا ڏانهن ويندڙ رستي – صراط مستقيم کان روڪيندا. هيءَ جماعت هر ملڪ ۾ پهريائين قومي سطح تي ڪم ڪندي، پر انسانيت جي اعلى اصولن کي سامهون رکندي ۽ بين الاقوامي نظام جي مقام تي پهچي به ڪنهن خاص قوم يا طبقي جي مفادن يا ضرورتن پٽاندڙ پاليسيون نه جوڙيندي، بلڪه انسانذات جي مشترڪ انساني ضرورتن مطابق حڪم هلائيندي. هن جماعت جون پيدا ڪيل قوميتون صحيح بين الاقوامي اجتماع جي پيدا ڪرڻ جو باعث بنبيون.
اهوئي بين الاقوامي انقلاب آهي، جيڪو قرآن حڪيم آڻڻ گهري ٿو ۽ هيءُ مطلب آهي ان دعا جو، جيڪا هر انسان کي گهرڻ کپي ته؛ وَّاجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِیۡنَ اِمَامًا ”اسان کي بين الاقوامي انصاف ڪرڻ وارن جو اڳواڻ بناءِ.“
قرآن حڪيم جنهن بين الاقوامي انقلاب جو بنياد وڌو، ان کان پهريائين سوين قومي انقلاب هر ملڪ ۾ ۽ هر قوم ۾ آيا، پر قرآن حڪيم جنهن نوعيت جو جامع انقلاب آڻڻ گهري ٿو، ان قسم جو انقلاب اڄ تائين ڪٿي به نه آيو هو. ان ڪري ان جي نوعيت کي سمجهڻ آسان نه هو. جيڪڏهن قرآن حڪيم ڪنهن خاص ملڪ يا قوم جي مقامي انقلاب کي عنوان بنائي، پنهنجي بين الاقوامي انقلاب جو تصور ڏئي ها ته ان بين الاقوامي انقلاب جي حقيقت چڱي طرح ذهن نشين نه ٿئي ها. ڇو ته هڪ قوم جي قومي انقلاب کي صرف اها ئي قوم سمجهي سگهي ٿي، جنهن ۾ اهو انقلاب آيو هجي. ٻيون قومون ان کي نٿيون سمجهي سگهن ۽ نه وري ان مان عبرت حاصل ڪري سگهن ٿيون.